مسيحا جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ سيد ميران شهاب
سيد ميران شهاب 19 کان وڌيڪ سماجي، ادبي، تنظيمن جو اڳواڻ پڻ آهي. پاڻ سدائين انسانيت جي عزت نفس جي پاسداري ڪندو رهيو آهي ۽ انهن جون جائز ضرورتون پوريون ڪرڻ، ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. پاڻ غريب شاگردن کي فين، ڪاپين، پينون وٺي ڏيڻ، غريب مريضن جو علاج معالج لاءِ ڀرپور مدد ڪندو رهي ٿو. عام ماڻهو جيڪي پنهنجي اولاد کي تعليم نه ٿا ڏياري سگهن انهن سان تعليم جي فائدي بابت ڪچهريون ڪري کين اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ آماده ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته صحت جي حوالي سان جاگرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام ڪرائيندو رهي ٿو. اگر اسين ائين چئون ته سيد ميران شهاب هڪ فرد نه پر هڪ تحريڪ جو نالو آهي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. پاڻ غريب ماڻهن جي ذهنن مان غربت ڪڍڻ لاءِ انهن سان باقائده ڪچهريون ڪري ٿو. ۽ سندن اهڙي عمل جا بهتر نتيجا نڪتا آهن. غريب ماڻهن کي اهو سجهائيندو آهي ته اگر همٿ محنت ڪبي ته غربت نه رهندي. پاڻ غريب ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت انهن کي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪڍي ڏيڻ، ڪيترن ماڻهن کي دوڪان، ننڍن ڪارخانن ۾ مزدوري وٺي ڏيڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪندو آهي. غريبن کي ننڍا ڪاروبار ڪڍي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪميونٽي کان به کين مدد وٺي ڏيندو آهي. پاڻ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مهدوي جماعت وارن وٽ پير و مرشد جي حيثيت سان ويندا رهن ٿا ۽ سندس اهي روحاني سفر روايتي نه هوندا آهن. پاڻ اتي گڏ ٿيل مريدن کي ليڪچر ڏيندي تلقين ڪندو آهي ته انسانيت جي خدمت قائم رکي ٻين لاءِ مثال بنجو، سندس چوڻ آهي ته سندس مريدن سان پير مرشد وارو رشتو روحاني آهي هي ڏن وٺڻ وارو مرشد نه آهي. سيد ميران شهاب بهترين ڪمپيئر به آهي. پاڻ جيڪي به ادبي، ثقافتي ۽ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچر پروگرام ڪرائيندو آهي ته ان ۾ ڪوشش ڪري ڪمپيئرنگ پاڻ ڪندو آهي. سيد ميران شهاب جا ليڪچر، سندس تقريرون پراثر ۽ موتين مالها هونديون آهن. سندس لفظ لفظ معنيٰ خيز آهي. ڪو زمانو هو ته سندس شهدادپور وارو گهر سندس والد سيد شهاب الدين جي ڪوشش سان ادبي سرگرمين جو مرڪز رهيو. اسان گڏجي ميان مير سنڌي ادبي سنگت جو قيام آڻي 8 کان وڌيڪ ادبي ڪچهريون ۽ لاتعداد مشاعره ڪرايا هئا، مير سنڌي ادبي سنگت جو آئون جنرل سيڪريٽري هئس ليڪن سيد شهاب الدين کانپوءِ سندس هي گهر ماضي وانگر ادبي سرگرمين جو مرڪز نه رهي سگهيو آهي. هن گهر ۾ هاڻ به ادبي پروگرام ٿين ٿا، پر سيد شهاب الدين شاهه واري دور وارو عروج نه رهيو آهي. سيد ميران شهاب کي پٺاڻو خان جو ڳايل گيت “ميڏا عشق وي تو ميڏا يار وي تو”عابده پروين جو ڳايل“ جب سي تو ني مجهي ديوانا بنا رکا هي” ڏاڍو وڻندا آهن. جڏهن ڪو دوست ساڻن واعدو ڪري اهو واعدو وفا نه ڪندو آهي ته کيس ڪاوڙ ايندي آهي. عام زندگي ۾ پاڻ خوش مزاج انسان آهن. کيس ان ڳالهه جي خوشي آهي ته هن پنهنجي وڏن جي روايتن کي ڪاميابي سان برقرار رکيو آهي. پاڻ نرم دل ۽ انتهائي حساس دل آهي. ڪنهن جي تڪليف جو ڏک هن کان برداشت نه ٿي سگهندو آهي. سندس زندگي جي وڏي خوشي پهريون اولاد نياڻي ٿيڻ آهي کيس فرزند شهاب الدين ۽ 2 نياڻيون نامور شهاب، شيرين شهاب آهن. عشق بابت سندس چوڻ آهي ته عشق پسند جو جذبو آهي. پوءِ ڪو برائي وارو ڪو پاڪ جذبو رکي ٿو ۽ هن به پاڪ جذبي تحت ڪئين عشق ڪيا آهن.