شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سنڌ جو عظيم ڏاهوسائين محمد ابراهيم جويو

محترم محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو، علمي ادبي، شخصيت، دانشور آهي. سندس علمي ادبي دنيا ۾ ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو آهي، سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجما نگار آهي. پاڻ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي، جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا، سنڌي ٻولي کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. 1946ع ۾ پاڻ انگريزي ۾ ڪتاب “سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ” سنڌ بچايو ننڍي کنڊ کي بچايو لکي ڀنڀور کي باهه ڏيڻ وارو مثال قائم ڪيو. ان ڪتاب جو ٽائيٽل ڏاڍو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز هو. ٽائيٽل تي سنڌ جو نقشو جنهن مٿان ڳئون جي تصوير جنهن کي پگڙيون پاتل واڻيان جيڪي ڳئون کي ڏهي بالٽيون پاسيريون ڪندا اوڀر طرف انڊيا طرف ڀڳا ويا. هڪ ٻي قطار ۾ پنجابي ڳئون کي ڏهڻ لاءِ پهتل هئا، حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدو جهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس 2 سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ آهي، پاڻ ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر گر بخشاڻي جي سرپرستي هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. 1953ع چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻولي لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ ۽ سندس شاندار ڪردار رهيو آهي. سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي حقن، سنڌ جي ٻولي ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ هڪ دانشور هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو آهي. ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون لکيا آهن، کيس سنڌي ٻولي جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو آهي. ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻولي جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز راز نه رهيو ۽ ڳالهه کلي ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيل آهي ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو. ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي، ۽ اها ڳالهه راز نه رهي۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ نارض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ 1915ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. 4 درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ 5 درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾ فائينل، اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ڪئي. جتي سندسن ملاقات سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ 1930ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرو مل ، مهر چند ۽ ٻيا هئا. اتان بي اي پاس ڪري 1938ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ 1949ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو. جتي شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو. والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به شاگردن کي مار نه ڏني، بي عزتو نه ڪيو. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پر اثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي.انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا. ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. 1954ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو ان جو 10 سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. 3 ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. 1961ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. 1968ع گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، 1970ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1971ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ 1973ع ۾ بيورو آف ڪريڪرلم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو.
سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي جو ترجمو بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب سنڌي بالغن جي تعليم جا 3 ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس، ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو، محڪري جا مضمون ترجمو، ڳالهيون، ڪتابن جون، ٻولي ادب تعليم، اسلام جو تاريخ نامون ترجمو، اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، ماڻهو جو ڀاڳ، خط ٻن استادن جا، مٺ مٺ موتين، عورت زاد، علم تدريس مظلومن لاءِ ترجمو”فرينچ انقلاب ترجمو، سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ، دي نيشن ان چينس ترجمو، پاڻ شاعري تي به عبور رکي ٿو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو آهي. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. هر اديب، هر شاعر چاهي ٿو ته سندس ڪتاب جا مهاڳ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي.سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي جي ايڊيٽري دوران رسالو سرڪاري هئڻ باوجود کليل طرح سنڌيت جي پرچار ڪئي. پاڻ سچو قومپرست آهي. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيو ليرماڻي ۽ محمد ابراهيم جويو اهي 3 شخصيتيون آهن جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي آهي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، مان نه هجان هان، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان رهي اهي. مشهور شاعر ليکڪ تاج جويو، محمد ابراهيم جويو بابت لکيل هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جي دوستي ۽ رفاقت فڪري رهي آهي، ان دوستي جو محور ۽ محرڪ فقط سنڌ رهي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، سنڌ جا ناميارا اديب حفيظ شيخ، سراج ميمڻ، رشيد آخوندي، خواجه سليم، اياز قادري ۽ ٻيا ڪيترائي محمد ابراهيم جويو جي ميزباني ۾ سنڌ ادبي سنگت جون ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ نپجي وڏا عالم ۽ اديب ٿي نڪتا آهن. پاڻ ڪيترن ئي اديبن جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي درست ڪري سنواري مهراڻ رسالي ۾ شايع ڪيو. شيخ اياز کي همٿائڻ ۽ مٿي آڻڻ ۾ پڻ سندس جاکوڙ ۽ ڪردار آهي.محمد ابراهيم جويو صاحب مارڪسٽ آهي، پاڻ سياسي ڄاڻ رکندڙ شريف انسان تقرير، ۽ گفتگو جو جادو ئي انداز هر ڳالهه دليلن سان مڃائيندڙ پاڻ وڏا سهپ وارا گهڻ سهو. پاڻ ڪچهريون جو ڪوڏيو. هر ساڃاهه وند ماڻهو جي خواهش رهي ٿي ته هو جويو صاحب سان ملي ۽ ڪچهري ٻڌي. سندس لفظ موتين جي مالها وانگر آهن پاڻ سچ چوندڙ صاف دل ۽ هر ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ آهي. پاڻ دنيا جو ترقي پسند ادب پڙهيو آهي. منهنجي ساڻن پهريون دفعو زيارت 1986ع ۾ عبرت اخبار ۾ ٿي 1988ع ۾ سگا هالا پاران اکين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي جتي سندس آمد ٿي انهن ڏينهن ۾ مونکي سنڌ جي نقشي وارو سونو ڏورو ڳچي ۾ هوندو هو. ڪلهن تي اجرڪ مٿي تي سنڌي ٽوپي هوندي هئي، ساڻن مليس ته پيار ۽ پاٻوهه سان مليو ۽ ڳچيءَ ۾ پيل سوني ڏوري ۾ سنڌ جي نقشي کي هٿ وجهي ڏٺو ۽ خوشي وچان منهنجي نرڙ تي چمي ڏني. ان بعد ساڻس ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي سنڌ اندر حيدرآباد ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، ثقافتي پروگرامن ۾ ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. شيخ اياز جي ورسي ديوان گاگن داس مدناڻي جي سهڪار سان ڀٽ شاهه ۾ شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي سنڌ صحافي سنگت پاران ملهائي پي وئي. پاڻ اسان جي دعوت تي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا ۽ اسان جي ڪوشش جي ساراهه ڪئي. لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ جڏهن کيس لطيف سائين جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جو خاص شمارو شايع ڪري مفت ورهايو ويندو آهي ان ميگزين جي اعزازي ڪاپي ڏيندو آهيان ته پاڻ خوش ٿيندا آهن. اڪثر چوندا آهن ته جيڪو ڪم سرڪاري ادارا نه ڪري سگهيا آهن اهو نور سنڌي اوهان ڪري رهيا آهيو. پاڻ پروف ريڊنگ ڏانهن توجهه ڏيڻ لاءِ چوندا آهن. ڪجهه سالن کان سندس طبيعت خراب هئڻ جي باوجود ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن.