عوام جي خدمت کي عبادت سمجهندڙ ڊاڪٽر خالد حسين فراش
روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسين پرين کي.
ٻيو فهم يقين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر خالد حسين فراش جو اهو ڪردار به ساراهڻ جوڳو آهي ته علائقي اوڙي پاڙي وارا اگر کيس رات جو آڌي جو به ڪنهن مريض جي لاءِ اٿارين ٿا ته پاڻ بروقت اتي انهن سان سندن گهرن تي وڃي ٿو، علائقي جي انتهائي غريب ماڻهن کان في به نه وٺندو آهي. ڪجهه غريبن کي دوائون به کيسي مان وٺي ڏيندو آهي. ڪيترن ئي غريب شاگردن جي مدد به ڪندو رهيو آهي. شاگردي دور ۾ ڪرڪيٽ، ڪٻڊي راند جو بهترين رانديگر هو، جڏهن ته گورنمينٽ غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ڪٻڊي ڪلب جو ڪپتان هو. سنڌ ليول تي هاءِ اسڪول جي ڪٻڊي ٽيمن پاران ٿيندڙ آل سنڌ ڪٻڊي ٽورنامينٽ ۾ هاءِ اسڪول جي ٽيم ڪاميابي ماڻي ۽ ڪپ حاصل ڪيو.
ڊاڪٽر خالد فراش جو لطيف جي راڳ سان ننڍي هوندي کان وڏو چاهه آهي. شاگردي دؤر کان تقريباً هر جمعي تي درگاهه تي ويندو رهي ٿو ۽ لطيف سائين ۽ لطيف سائين جي راڳ بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ لطيف جي شاعري ۽ راڳ جي ڄاڻو فقير شير محمد نظاماڻي سان سندس ڳوٺ وڃي ڪچهريون ڪندو آهي. زندگي ۾ ڪيترائي عشق ڪيا، ليڪن انهن سان وفا نه ڪري سگهيو، انهن سان شادين ۾ رڪاوٽ سندس والد هو، جيڪو ڌارين ۽ پيار جي شادي ۾ راضي نه هو، ليڪن جنهن سان آخري عشق ڪيو، والد کي راضي ڪري ان سان شادي ڪئي، سندس لو ميرج ۾ والدين ان ڪري راضي نه هئا جو سندس گهر واري جا والدين غريب هئا.
کيس 3 پٽ شهريار خالد، خدايار خالد، شهزاد خالد، 4 نياڻيون سنا خالد، ماهه خالد، ماهين خالد، لاريب خالد آهن. ۽ ڊاڪٽر خالد خوش مزاج انسان آهي. وٽس ايندڙ مريض سندس خوش مزاجي جي ڪري اڌ ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. پاڻ بهترين ڊاڪٽر آهي، سرڪاري اسپتال ۾ هجي يا پرائيويٽ ۾ هر مريض کي بهترين انداز سان چڪاس ڪري ٿو، ان ڪري وٽس مريضن جي رش هوندي آهي. پاڻ تقريباً اخبارون شوق سان پڙهي ٿو، خبرن جون رڳو سرخيون نه پر ڪالم سڀ پڙهندو آهي. 24 ڪلاڪن ۾ کيس ٻارن سان گڏ گذارڻ وارو وقت سٺو لڳندو آهي. ٽي وي تي به خبرون ۽ حالات حاضرا وارا پروگرام ڏسندو آهي، سندس خواهش آهي ته گهر ڀاتين سميت پهرين عمرو ڪري بعد ۾ حج جي سعادت حاصل ڪري.
سندس آئيڊيل ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان آهي. ڊاڪٽر خالد فراش جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر رفيق الزمان بيباڪ انسان آهي، ڪنهن کي به ڪوڙو آسرو نه ڏيندو آهي، سندس وس ۾ ڪم ڪرڻ نه هوندو ته جواب ڏيندو آهي. شايد سندس اهڙو رويو ڪنهن کي نه وڻندو هجي، پر هر بااصول انسان کي سندس اهڙو رويو پسند آهي. ڊاڪٽر خالد فراش شاگردي واري دور ۾ مختلف موضوع تي مضمون لکندو به هو.
سندس لکڻيون مختلف ميگزينن ۾ شايع به ٿيون، ڊاڪٽر خالد حسين فراش جي اها به روايت رهي آهي ته مهل تي دوستن تي سر به ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندڙ، هڪ مخلص، سچار، ڪچهرين جو ڪوڏيو، هر موضوع تي بهترين انداز ۾ ڳالهائيندڙ، بيباڪ ڪنهن کان به نه ڊڄندڙ آهي. دعا آهي سدائين خوش رهي.