شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سماج سڌارڪ سلميٰ قريشي

سانگهڙ جي سماجي دنيا ۾ سلميٰ قريشي جو وڏو نالو آهي. پاڻ پنهنجي ساٿي سماجي ورڪر عورتن سان گڏجي نه صرف سماجي ڪم ڪري رهي آهي عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد به ڪري رهي آهي. سانگهڙ جي ساڃاهه وند حلقي ۾ سندس عزت احترام آهي پاڻ صبح کان شام تائين ڪم ڪارين وارن ماڻهن سان گڏ مختلف آفيسن ۾ انهن جا ڪم ڪاريون ڪرائيڻ لاءِ سرگرم نظر ايندي آهي. 1970ع ۾ سانگهڙ جي هڪ آبادگار محمد يوسف جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سلميٰ قريشي اڃان 5 درجا پاس ڪيا ته سندس شادي سندس هڪ رشتيدار عاشق علي سان ٿي ان وقت سندس عمر 12 سال کن مس هئي جڏهن مائيٽن جي گهران پرڻجي ساهرن جي گهر وئي جتي سندس ساراهه آزاد خيال جا نه هئا هو پراڻي زماني جي خيالن جا هئا جن جي نظر ۾ عورتن کي تعليم ڏياري نوڪري ڪرائڻ عورتن جو ٻاهر نڪرڻ ضرورت وقت پردي سان ٻاهر نڪرڻ عورتن کي ٻار ڄڻڻ جي فيڪٽري سمجهڻ. عورت سان غلام وارو ورتاءُ ڪرڻ وارو رجحان هو سلميٰ قريشي ننڍي هوندي کان ذهين آزاد خيال ادبي ڪتاب، اخبارون، پڙهڻ سان شوق رکندڙ هئي. جنهن ڪري هن تزليل برداشت ڪرڻ بجاءِ هن انهن ريتن رسمن خلاف بغاوت ڪئي ۽ پاڻ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مڙس ۽ ان جي والدين جي مرضي خلاف اسڪول ۾ داخلا ورتي ته انهن مخالفت ڪئي پر هن ڪنهن جي نه ٻڌي ته مٿس تشدد ٿيڻ لڳو.پر هن تعليم جاري رکي ڏهه 10 درجا پاس ڪرڻ بعد هن هم خيال عورتن سان سماج جي ڪٽ کاڌل بي سود ريتن رسمن خلاف بغاوت ڪندي عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف مهاڏو اٽڪائيڻ انهن جي قانوني مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان تي عمل ڪيو هن ۽ سندس ساٿ ۾ سهيلين جڏهن سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر قدم رکيو ته انهن تي به گهر وارن سندن مخالفت ڪئي ۽ هنن تي گهر ۾ تشدد ڪيو ويو ته هنن قانوني مدد ورتي ان بعد هنن تي تشدد ته بند ٿيو پر هنن جي خاص طور سلميٰ قريشي جي گهر ۾ روزانه جهڙا معمول بڻجي ويا. سندس اهڙي سماج سڌارڪ عمل جي مخالفت جاري رهي پر هن همٿ هارڻ بجاءِ ان ڪم کي وڌايو ۽ ٻيون هم خيال عورتون پاڻ سان شامل ڪيون. سلميٰ سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن رسمن ۽ عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف نڪتي ته اڪيلي سر ڪاروان وڌندو ويو. سلميٰ قريشي هڪ قدم اڳتي وڌي سانگهڙ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي سلائي ڪڙهائي جا سينٽر کوليا جتي عورتن کي سلائي ڪڙهائي سيکارڻ سان گڏ اتي ايندڙ عورتن کي عورتن جي حقن بابت ڄاڻ لاءِ ڪلاس شروع ڪيا. ۽ کين ظلم زيادتين جو مقابلو ڪرڻ قانوني مدد وٺڻ لاءِ همٿايو. ان جو بهتر نتيجو نڪتو ڪافي عورتن ۾ شعور وڌيو ۽ اهي به سندس ڪاروان ۾ شامل ٿي ويون. بعد ۾ 2004ع ۾ سڀين جي مشوري سان هن عورتن جي ڀلائي جاگرتا آڻڻ ۽ هٿ جي هٺرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ تنظيم قائم ڪئي ۽ ان پليٽ فارم تي عورتن جي حقن عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف قانوني مدد ڪرڻ بند پيل اسڪول کولرائيڻ لاءِ جدوجهد اڳ کان وڌيڪ تيز ڪئي ڪم ڪارن لاءِ ايندڙ ماڻهن خاص طور عورتن جا هن وٽ ميڙا مچڻ لڳا ۽ پاڻ سڄو ڏينهن ماڻهن جي مسئلن لاءِ پيادي مختلف آفيسن ۾ نظر ايندي آهي پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردياڻين جن وٽ داخلا، امتحاني فيسون نه هونديون آهن. انهن کي مخير حضرات کان وٺرائي ڏيندي آهي يا معاف ڪرائي ڏيندي آهي. سلميٰ قريشي ننڍي عمر جي نياڻي جي شادي بدي جا سنڱ واري روايت خلاف به جوجهد ڪندي رهي آهي. جن عورتن کي طلاقن بعد حق مهر نه ٿو ڏنو وڃي اها وٺرائي ڏيڻ لاءِ به سندس شاندار جدوجهد رهي آهي. هر عيد تي بيواه. يتيم، معذور عورتن کي ڪپڙا عيد جي خرچي مخيئر حضرات کان وٺي ورهائيندي رهي آهي. ڪنهن غريب سان ڪو بااثر يا پوليس زيادتي ڪندا آهن ته سلميٰ قريشي انهن مظلومن ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هر طرح سان ڪوشش ڪندي آهي. سندس خواهش آهي ته سانگهڙ جي عورتن لاءِ انڊسٽريل زون قائم ٿئي. پاڻ ڪيترن ئي غريبن جي گهرن جي علائقي جي مخير حضرات جي سهڪار سان ڪفاليت ڪري ٿي سندس ساٿ ۾ ٻين کانسواءِ بختاور چانڊيو عشرت جهان گجر، نسرين راجپوت، شهناز آرائين، زبيده ملاح، ميڊم فرحت، نسرين چانڊيو. ناهيد، سيما اڪرم، نسيم قائمخاني، ۽ ٻيون آهن. سلميٰ قريشي ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ ۾ عورتن جي مخصوص سيٺ تي ڪائونسلر پڻ چونڊي آهي. پاڻ سڄي حياتي سماجي ڪمن ۾ گذاري آهي سانگهڙ ضلع جا آفيسر به کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن.