صوفي منش سيد جمن شاهه جيلاني
بات بره جي سمجهڻ مشڪل،
بات بره جي پاري وي.
ڏاڍو وڻندو هو. راڳ رهاڻ جي محفل ۾ ان ڪلام جي ٻڌڻ جي فرمائش ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به گن گنائيندو هو، پاڻ 25 جون 2005ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، کيس 5 پٽ آهن، سيد خير شاهه زمينداري سياست، سيد سوڍل شاهه ايڪسائيز پوليس ۾ آفيسر، سيد امان الله شاهه ايگريڪلچر ۾ آفيسر، سيد ڏنل ساه زمينداري سياست، سيد منصور شاهه ٽيچر آهي. 5 ئي ڀائر پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هنن جي اها به روايت آهي ته والد وانگر ڪابه وڏائي نه ڪنهن کي ڏين ته ٿا پر ڏکوين ڪونه ٿا. سيد خير شاهه پ پ تعلقي ٽنڊو آدم جو جنرل سيڪريٽري پڻ آهي، سيد ڏنل شاهه پنهنجي ڏاڏي سيد ڏنل شاهه جو نالو مٿس آهي ۽ ان نالي جو اثر به مٿس آهي ۽ پاڻ ڏاڏي وانگر فقير منش يار ويس مهمان نواز، سخي، هردلعزيز انسان آهي. پاڻ ضلع ڪائونسل سانگهڙ جي ميمبر طور خلق خدا جي خدمت ڪري رهيو آهي.
نوٽ: هي احوال سندس فرزند سيد خير شاهه جيلاني کان معلوم ٿيو.