شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

خدمتِ خلق جي جذبي سان شرشار سليمان جي ابڙو

سليمان جي ابڙو جو ملڪ جي نالو سماجي دنيا ۾ روشن ستاري وانگر آهي، غريب خاندان جو هئڻ ڪري کيس غريب طبقي جو احساس آهي، انڪري سرڪاري نوڪري ڇڏي ڊگھي عرصي کان انساني حقن، عورتن سان ناروا سلوڪ، معاشرتي نا انصافين خلاف، سماج ۾ مثبت سوچ پيدا ڪرڻ، غربت جي خاتمي، پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ، مائڪرو فنانس ذريعي غربت ختم ڪرڻ، عوام ۾ تعليم ۽ صحت جي حوالي سان جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ اندر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سليمان جي ابڙو 1 اپريل 1954ع ۾ شهدادپور جي ابڙا پاڙو ۾ روينيو جي ڪوٽار گل محمد ابڙو جي گھر ۾ جنم ورتو، جڏهن 5 درجي ۾ هو ته ڪتاب نه هئڻ ڪري ڪلاس ٽيچر محمد دائود ڀٽو هٿان مار کاڌي ۽ مهينو کن اسڪول مان ڪڍيو ويو، فارغ هئڻ ڪري تپيدار ديرو ۾ والد کي ڪم ڪرائڻ ۾ مدد ڪندي تپيدارن کي هوا هڻڻ لاءِلڳل جهلي کي ڇڪيندو هو، اتي علائقي جو هڪ زميندار نيڪ محمد راجپوت ڪنهن ڪم لاءِ تپيدار ديرو پهتو ته هن، ننڍڙي سليمان ابڙو کي پتڪڙن هٿن سان جھلي ڇڪيندي ڏٺو ۽ سندس والد کي چيو ته پٽ کي هتي ڇو جھلي ڇڪرائي رهيو آهين؟ هن کي اسڪول موڪل! جڏهن گل محمد ابڙو زميندار کي ٻڌايو ته ڪتابن لاءِ ڏوڪڙ نه هئڻ ڪري چاهيندي به اسڪول نه وڃي رهيو آهي ته ان چوڌري زميندار سليمان جي ابڙو کي ڪتابن جي دوڪان تي وٺي ويو ۽ ڪتاب، جاميٽري، پينون وٺي ڏنيون ۽ سليمان وري اسڪول وڃڻ لڳو، سليمان ابڙو ننڍي هوندي پڙهڻ ۾ ذهين، ڳالهائڻ ۾ هوشيار هو، کيس پينٽنگ جو به شوق رهيو هن جنگ اخبار ۾ شايع ٿيل سعودي عرب جو بادشاهه شاهه فيصل جي تصوير تي وڏو اسڪيچ ٺاهي تپيدار ديرو ۾ لڳايو، ان وقت جي سپر وائيزر تپيدار ديوان ڪشنچند اهو اسڪيچ ڏٺو ته خوش ٿيو ۽ سليمان جي ابڙو کي ان دور ۾ 100 روپيا انعام طور ڏنا، ڇهين ڪلاس ۾ داخلا بعد ڪورس جا ڪتاب ۽ ٻين خرچن سليمان جي ابڙو کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پڙهائي لاءِ ڌوٻين ۽ ٻين دوڪانن تي مزدوري ڪرڻ لڳو والد وٽ تپيدار ديرو ۾ اچڻ وڃڻ ڪري اتان تپيدارن کي ڏسي جمع بندي جو ڪم سکيو ۽ جمع بندي وارن ڏينهن ۾ رات جو تپيدارن کي لک پڙهه واري ڪم ۾ مدد ڪرڻ ڪري کيس جمع بندي واري سيزن ۾ ٻه ٽي سو روپيا خرچي طور ملي ويندا هئا، کيس ننڍي هوندي کان ادب سان جنوني حد تائين شوق رهيو، موڪل واري ڏينهن ادبي، تاريخي ڪتاب وٺڻ لاءِ حيدرآباد ويندو هو، جڏهن 10 ڪلاس ۾ پهتو ته هن جي گھر ۾ ننڍڙي لائبريري جيترا ڪتاب گڏ ٿي ويا هئا گھر ننڍڙو سندس والدين کيس دڙڪا به ڏيندا هئا ته هنن ڪتابن تي ايترو خرچ ته نه ڪر ڪتاب ايترا وٺين پيو جهڙو ڪتابن جو دوڪان کولين ٿو، هاڻ ته گھر ۾ ڪتاب رکڻ جي جاءِ به ڪانه بچي آهي، ڪتابن جو وڏو ذخيرو گڏ ڪرڻ باوجود به سندس ادبي اڃ ختم نه ٿي ۽ روزانو لائبريري ويندو هو، جتي اهي ڪتاب پڙهندو هو جيڪي هن وٽ نه هئا، هن سنڌي ادب، اردو ادب سان گڏ دنيا جي ادب جي ڪتابن سان گڏ تاريخي ڪتابن جو به مطالعو ڪيو، انهن ڏينهن ۾ ٽنڊوآدم ۾ عبد الله ورياهه، شاهه اسد، موج آريسر ٻين ادارو نواءِ ادب جو جڏهن بنياد وڌو ته سليمان جي ابڙو جي ڀاءُ محمد صفر ابڙو شهدادپور ۾ ان جي برانچ قائم ڪئي ۽ بخاري پاڙو ۾ ادبي ڪچهريون شروع ڪيون ته سليمان جي ابڙو انهن ڪچهرين ۾ پنهنجون لکڻيون پيش ڪندو هو، اڃان ڏهين ڪلاس جو شاگرد هو ته شهدادپور جو استاد ۽ شاعر محمد دائود عرف دادن ڀٽو، صدائي ادبي فورم شهدادپور جو قيام آندو، ان اداري شهدادپور ۾ ڪيترائي شاعر اديب ادب دوست پيدا ڪيا ۽ شهدادپور ۾ ادبي سرگرميون عروج تي پهتيون، انهيءَ دور ۾ سليمان جي ابڙو روزانه آفتاب، عبرت، سنڌ نيوز، هلال پاڪستان ۾ لکڻ شروع ڪندي ڪهاڻيون، معاشراتي مسئلا، سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن رسمن تي لکيو اهو دور 1973ع جو هو، هن پهريون مضمون عبرت ۾ ماءُ جي هنج پهريون مدرسو لکيو، جڏهن گورمنٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور پهتو ته اتي پرنسپل پروفيسر گل محمد گلاڻي جيڪو پنهنجي دور ۾ مشهور شاعر، ليکڪ ۽ تعليمي شخصيت هو، ادب جي حوالي سان سليمان جي ابڙو جوشوق ڏسي ان حوالي سان مدد ڪئي، اصلاح ڪئي ۽ غريب هئڻ ڪري داخلا فري ۾ ڏني، سليمان جي ابڙو سياسي، سماجي، تعليم، زراعت، عوامي مسئلن تي به مختلف اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا، لکڻ ۾ ايتري پختگي جو اخبارن ۾ ڪنهن وڏي ليکڪ جيتري ڪوريج ملڻ لڳي ۽ نه صرف هن علائقي پر سڄي سنڌ ۾ هن جي لکڻين جي هاڪ ٿي وئي.خاص طور سنڌ جي عوامي مسئلن، ۽ رياست جي ذميوارين تي بهترين انداز ۾ لکيو، پاڻ انگريزي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ امريڪن سينٽر حيدرآباد ۾ شام جي ڪلاس ۾ داخلا ورتائين هو شهدادپور کان روزانو ڪلاس اٽينڊ ڪري رات جو دير سان حيدرآباد مان شهدادپور موٽندو هو، پاڻ 75ع ۾ ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ جناح لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ٻئي سال ۾ پهتو ته حيدرآباد لساني فسادن جي ور چڙهي ويو ۽ هو چاهيندي به ان ماحول ۾ ايل ايل بي مڪمل ڪري نه سگھيو، 78ع ايم اي سنڌي جو امتحان ڏنائين جڏهن ته 85ع ۾ ايل ايل بي مڪمل ڪيائين، پاڻ سنڌي ادبي سنگت شهدادپور ۾ به سرگرم رهيو، شهدادپور ۾ سگا جو بنياد پيو ته ان ۾ به سرگرم رهيو، سگا شهدادپور جي صدر ڊاڪٽر مير بيگ، محمد خان ٻرڙو، مير محمد ملاڻو ۽ ٻين سان ٻانهه ٻيلي ٿيو ۽ سگا پاران ڳوٺن ۾ لڳندڙ مفت ميڊيڪل ڪئمپ سان گڏ سماجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيا،جنرل ضياءَ جو دور ايندي سگا تي پابندي وڌي وئي انهن ڏينهن ۾ محمد دائود ڀٽو شهدادپور ۾ سماج سڌار ادبي ادارو قائم ڪيو ته سليمان جي ابڙو ان ۾ سرگرم ٿي ويو، پاڻ ان ۾ جنرل سيڪيرٽري جي عهدي تي رهيو، هن اداري شهدادپور ۾ ادبي، ثقافتي، سماجي سرگرمين سان گڏ غريب ذهين شاگردن جي مدد شروع ڪئي، هن اداري جي اهڙي مدد سان ڪيترائي غريب شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين سرڪاري کاتن ۾ عهدن تي پهتا، هن اداري پاران مفت ٽيوشن ۽ ڪوچنگ سينٽر به قائم ڪيو ويو ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪئي وئي ان ۾ به سليمان جي ابڙو جو مثالي ڪردار رهيو، سليمان جي ابڙو کي ننڍي هوندي کان ئي انجنيئر ٿيڻ جو شوق هو، پر ان زماني ۾ انجنيئري پڙهڻ سليمان ابڙي جهڙن غريبن جي وس ۾ نه هو انڪري سندس اها خواهش اڌوري رهي، سليمان جي ابڙو ذهين شاگرد سان گڏ بهترين مقرر به هو، اسڪول، ڪاليج ۾ ٿيندڙ ڊبيٽ پروگرامن سميت مختلف پروگرامن ۾ جڏهن تقرير ڪندو هو ته پنڊال ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي هئي هن کي تقرير ڪرڻ جو فن هو، پاڻ محمدي ڪاٽن، فيڪٽري ۾ به ڪم ڪيو، ان بعد مارڪيٽ ڪميٽي ۾ ڪلارڪ جي خالي پيل جاءِ تي انٽرويو ڏئي 74 روپيا پگھار تي مقرر ٿيو بعد ۾ سيڪريٽري مارڪيٽ ڪميٽي ٿيو ۽ شام جو اسٽيشن تي احمد ڌوٻي وٽ استري ڪرڻ لاءِ بيٺو ان دوران سندس ملاقات سڪ پريت تنظيم جي منير چانڊيو سان ٿي ان سان ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ سليمان جي ابڙو کي اين جي اوز جي دنيا ۾ اچڻ جو شوق ٿيو، 86ع ۾ هن سنڌ ايگريڪلچر فاريسٽ ورڪرس آرگنائيزيشن سافڪو جو بنياد وڌو ان جو مکيـ مقصد زراعت کي هٿي ڏيڻ هو سافڪو پاران احمد ملاڻو ڳوٺ ۾ جڏهن فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي تـ اتي هڪ ساڃاهه وند ماڻهو ذهن ۾ هڪ خيال پيدا ڪيو تـ اهڙي قسم جا فلاحي ڪم عوام کي اهو لاڀ نـ ڏئي سگهندا جتي عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي ، اهڙا ٿيندڙ ڪم بهتر پر عوام کي فائدو نه آهي ان لاءِ اڳ ڀرو ٿي وک وڌائڻ گهرجي ۽ سليمان جي ابڙو کي ان حوالي سان سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ سوچ پيدا ڪئي تـ هو ان ڏس ۾ سافڪو جي پليٽ فارم تان ضرور ڪوششون ڪندو ، ۽ سندس اهڙين ڪوششن رنگ لاتو ۽ عوام .کي ان جو لاڀ ملي رهيو آهي، انهن ڏينهن ۾ بنئڪانگ ۾ سوشل فاريسٽ تي ڪانفرنس ٿي ۽ کيس ان ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني وئي ٻاهرين ملڪ ۾ وڃڻ جو پهريون موقعو هو ۽ ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان اين جي اوز جي دنيا جا وڏا نالا شريڪ ٿي رهيا هئا سنڌ مان سليمان جي ابڙو نمائندگي لاءِ وڃي رهيو هو پر وٽس ڍنگ جا ڪپرا بـ نـ هئا ۽ پاڻ لائيٽ هائوس تان ليلامي سوٽ ورتو اتي ان کي ڌوئي استري ڪيو ۽ بيئڪانگ ۾ 8 ڏينهن اهو سوٽ پاتو ، اتي سڄي دنيا جي ماڻهن سان گڏ پاڪستان سان تعلق رکندڙ اين جي اوز جي دنيا جي انيس داني ان جي گهر واري نجمه جيڪي نيپال ۾ ڪم ڪندا هئا انهن سان ملاقات ٿي ۽ انهن سان ڪچهرين سان هن ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيو ، ۽ اڳتي هلي اهي زال مڙس گلگت ۾ هڪ ٽريننگ لاءِ پهتا تـ هن کي بـ ٽريننگ لاءِ گهرايو ويو ، اين جي اوز ۾ اچڻ بعد سلمان ابڙو سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏني سماجي دنيا کي وقت ڏيڻ ڪري سرگرمين سان گڏ محمد علي چوهاڻ ايڊوڪيٽ سان گڏ وڪالت شروع ڪئي جيڪا 5 سال جاري رکي بعد ۾ سماجي دنيا ۾ وڌيڪ مصروف رهڻ ڪري وڪالت ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ سافڪو کي فل ٽائيم ڏيڻ شروع ڪيو ، ۽ هاڻ سافڪو جي حوالي سان سليمان جي ابڙو جو نالو مشهور ٿيڻ لڳو ۽ اين جي او جي ريمليٽ هيلمن سليمان ابڙو سان ملاقات ڪئي ابڙو صاحب کيس سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ، واهڻ، وستيون گھمايون، ماڻهن جي بنيادي مسئلن کان آگاهه ڪيو ريمليٽ هيلمن هن کي سڄي سنڌ مان سروي ڪرڻ جو پروجيڪٽ ڏنو ته ڪٿي ڪهڙيون اين جي اوز ڪهڙو ڪم ڪري رهيون آهن.سروي مان سليمان جي ابڙو کي ٻه ٽي لک روپيا بچيا جيڪي هن سافڪو کي سرگرم ڪرڻ تي خرچ ڪيا ۽ سافڪو کي وڌايو،91ع ۾. هالينڊ مان نوايب جيراڊ سنڌ ۾ هڪ سروي لاءِ پهتو جنهن کي سليمان جي ابڙو ڪراچي کان ريل گاڏي جي عام ڪلاس دٻي ۾ شهدادپور وٺي آيو جيراڊ پاڪستان جي ريلوي نظام کي ڏسي حيران ٿي ويو، هو وڌيڪ پريشان ان وقت ٿيو جڏهن ريل ۾ چانهه، بوتل، ماني ۽ ٻين شين وارن جا هوڪا ٻڌا، سليمان جي ابڙو کان معلومات ورتي شهدادپور اسٽيشن تي لهي ان مهمان کي ٽانگي ۾ ويهاري بابلي هائوس تي سافڪو جي آفيس ۾ آندو، جيڪا آفيس گھٽ اوطاق وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي، سليمان جي ابڙو وٽ ڪا اوطاق نه هئڻ ڪري انگريز مهمانن کي سافڪو آفيس ۾ ٽڪايو، جيراڊ اڃان اتي رهي اسٽيڊي ۽ سروي ڪري رهيو هو ته سليمان جي ابڙو جو ڀاءُ صوفي محمد صفر انهن ڏينهن ۾ ڪو ڏهاڙو ملهايو ۽ سافڪو آفيس ۾ پروگرام رکيو اتي صوفياڻه راڳ ٻڌي جيراڊ متاثرٿيو، جڏهن هو واپس ويو ته ان دور ۾ 7 لک روپيا سافڪو جي آفيس کي بهتر بنائڻ لاءِ موڪليا ۽ ان آفيس کي ڊيڪوريٽ ڪري باقائده آفيس بڻايو ويو، 1991ع ۾ حيدرآباد ۾ سيب پاڪستان سافڪو جي تعاون سان سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي ڪانفرنس گھرائي ۽ ان تحت آر ڊي پي ٽرينگ پروگرام هلايو ۽ سنڌ جي اين جي اوز کي 5 لک کان 5 ڪروڙ تائين 25 ادارن کي ڪمن لاءِ ڏنا ويا، ان بعد سافڪو پاران ڀٽ شاهه ۾ اين جي اوز جو ڪنويشن گھرائي سنڌ جي خوشحالي، ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ، نوجوان نسل کي ترقي جي ڌاري ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه ڊڪلريشن ٺاهيو ويو.سليمان جي ابڙو هن وقت تائين دنيا جي 40 ملڪن ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي هم آهنگي، نفرتون گھٽائڻ، انساني حقن جي پائمالي کي روڪڻ، عورتن سان ناروا سلوڪ، صحت، تعليم جي مسئلن، عوام لاءِ بهتر سهولتون پيدا ڪرڻ سماجي ادائگي انسانيت واري هجڻ، عوام جي تعمير ترقي لاءِ رياست جي ڪردار، غربت جي خاتمي، اقتصادي ترقي لاءِ ٿيندڙ ڪانفرنس، ڪنويشن، پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو آهي، انهن ملڪن ۾ ٻين کانسواءِ ڪينيڊا، برطانيه، آمريڪا، فرانس، اسپين، بيلجيم، ڀارت، سريلنڪا، نيپال، انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ، جاپان، چين، سنگاپور، روم، جرمني، لائوس، ڪميوڊيا به شامل آهن، جتي هن پاڪستان ۽ سنڌ جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. سليمان جي ابڙو جي زندگي جا ڪيترائي دلچسپ واقعا آهن انهن ۾ انهن ۾ هڪڙو واقعو 27 ڊسمبر 87ع ۾ پيش آيو تـ سافڪو پاران شهدادپور ۾ عورتن جي ڪانفرنس ٿي ان موقعي تي مديحه گوهر جي ٽيم ڀارت جي ليکڪ بادل سرگار جي لکيل اسٽريٽ پلي ڪيو ، جنهن جو نالو رکيو ويو 3 ڄڻن جو ناپاڪ ٽولو ان ۾ ملٽري، ملون جاگيردار جي ڪردار کي ڏيکاريو ويو ، ان اسٽريٽ پلي جي جڏهن لوڪل اخبارن سان گڏ قومي اخبارن ۾ تفصيل سان ڪوريج ٿي تــ ٿرٿلو مچي ويو انفارميشن کاتي کان وٺي سي آٰءِ اي ادارا حرڪت ۾ اچي ويا ، مديحه گوهر ۽ سندس ساٿي ته اسٽريٽ پلي ڪري هليا ويا پر پوليس سليمان جي ابڙو ۽ سندس مٽ مائيٽن کي پڪڙي خطرناڪ ڏوهارين وانگر جيل ۾ واڙيو مزي جهڙي ڳالهه اها ته ان ڪانفرنس ۾ تڏهو ڪو ڪمشنر حيدرآباد علي محمد شيخ جي گهر واري بيگم خورشيد شيخ ، ڊِي آءِ جي حيدرآباد جهانگير اشرف جي گهر واري ڊي سي سانگهڙ محمد شريف ايس ڊي ايم شهدادپور محمد ابراهيم ميمڻ جون گهر واريون به شريڪ ٿيون هيون جڏهن اها ڳالهه انهن تائين پهتي تـ انهن گهر وارن کان معلومات ورتي بعد ۾ ضلع انتظاميه کان سليمان ابڙو وارن جي حق ۾ رپورٽ ڏياري کيس ساٿين سميت آزاد ڪرايو ڊويزنل ۽ ضلع انتظاميه وچ ۾ پئي سليمان جي ابڙو جي حمايت م رپورٽ ڏني جان نـ ڇڏائين ها تـ ڪير بـ هنن کي ٽيپ ۽ ڪوڙن جي سزا کان بچائي نـ ٿي سگهيو . سليمان جي ابڙو جي ذاتي ڪوشش سان سافڪو پاران وقت بـ وقت مختلف شهرن ۾ صحت ، تعليم، زراعت، وڻڪاري، روزگار، ڪاروڪاري، عورتن، سان خراب سلوڪ، وڌندڙ سم ڪلر، هارين آبادگارن،صحت جي بنيادي اصولن تي سوين سيمينار ڪانفرنسون ڪرايون ويون آهن جڏهن تـ هنن مسئلن جي حل لاءِ ابڙو باقائيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي غريب ماڻهن جي روزگار سان لڳائيڻ کين ننڍا ننڍا ڪاروبار کولي ڏيڻ کان وٺي 2010ع واري دريائي ٻوڏ 2011ع ۾ برساتي ٻوڏن ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو جتي حڪومتي ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ لاءِ نه پهتا اتي سليمان جي ابڙو پهتو ۽ متاثرين جي مدد ڪئي کين علاج جون سهولتون ڏيڻ لاءِ گشتي اسپتالون قائم ڪيون متاثرين کي صاف پاڻي ، مڇر دانيون، به فراهم ڪيون.سافڪو پاران مختلف هٿ جي هنر سيکارڻ جا ادارا ۽ سماجي ڪارڪنن کي ٽرينگون به ڪرايون وڃن ٿيون، اسڪولن ۾ ٻارن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، ابڙو غير ملڪي ادارن بجاءِ ملڪي ادارن سان گڏجي عوام جي خدمت وارو ڪم ڪري رهيو آهي، سليمان جي ابڙو جي زندگي جي خوشين ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشيون بينجنگ ۾ عورتن جي عالمي ڪانفرنس ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ۽ نيلسن منڊيلا جي جيون ساٿياڻي وني منڊيلا پاران کيس هٿ تي چمي ڏيڻ شامل آهي، ان ڪانفرنس ۾ دنيا جي 86 ملڪن جي سربراهن ۽ دنيا جي مشهور اين جي اوز جي هڪ لک ماڻهن شرڪت ڪئي هئي، ڪانفرنس ۾ ڊيڪليريشن تحت سليمان جي ابڙو سنڌ ۾ ڪاروڪاري ۽ عورتن سان ناروا سلوڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ضلعي ۾ جاڳرتا پروگرام ڪيا، ان جا ڪنهن حد تائين بهتر نتيجا به نڪتا، يونيسيف جي تعاون سان قبائلي جھيڙن، عورتن سان ناروا سلوڪ ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي.
سليمان جي ابڙو جي زندگي جي سڀ کان وڏيون خواهشون آهن نه سانگھڙ شهدادپور روڊ تي سافڪو پاران خريد ڪيل 6 ايڪڙ زمين تي اهڙي يونيورسٽي قائم ڪرڻ آهي جنهن مان عوام جا خدمتگار پيدا ڪرڻ، اهڙا ماڻهو پيدا ڪرڻ جيڪي معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن، اها يونيورسٽي عوام جي ترقي، عوام مان غربت ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگھي، ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ سافڪو ننڍا قرض ته ڏي پئي پر سلمان ابڙو سنڌ سطح تي هڪ اهڙي بئنڪ قائم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هزار کان ڪروڙ تائين قرض ڏي، اها بئنڪ غريب ماڻهن جا بنيادي مسئلا بيروزگاري جا مسئلا حل ڪري، اها بئنڪ ٻين بئڪن وانگر هميشه لاءِ نسل در نسل هلي ۽ اهو ڪم جاري رکي، سليمان جي ابڙو کي مستقبل ۾ سياست ۾ اچڻ جو به شوق آهي، سندس چوڻ آهي ته هو مهذب سياست ڪرڻ چاهي ٿو، اهڙي سياست جيڪا ذاتي مفادن کان بالاتر هجي، هو عوام جي حقن جو تحفظ، سندن بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سياست ڪندو، سليمان جي ابڙو شاگردي دور ۾ فٽبال جو به بهترين رانديگر هو، ڪيترن ئي مقابلن ۾ پنهنجي ٽيم سان گڏ مقابلن ۾ حصو ورتو، کيس ننڍي هوندي کان فلمن ڏسڻ جو به شوق رهيو، سندس پسند جي فلمن ۾ سهيلي، انصاف اور آدمي، مغل اعظم ۽ تاج محل پسند جون هيون، راڳ ويراڳ سان به گهري دلچسپي رهي آهي پر پاڻ راڳ جو به ڄاڻو به آهي بهترين انداز ۾ ڳائي به وڃي ٿو، سندس پسند جي فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، استاد جمن، روبينه قريشي ۽ ڍول فقير آهن، پاڻ خانصاحب استاد منظور علي خان کي راڳ جو بادشاهه سڏيندي چوي ٿو ته استاد منظور علي خان ڀيروي راڳ ۾ ٺاٺ متعارف ڪرايو، لطيف سائين جي شاعري بهترين انداز ۾ ڳائي، سرن جي سڀني ٺاٺن کان واقف هو، خانصاحب جو راڳ ٻڌڻ سان وجد طاري ٿي وڃي ٿو، استاد جمن جون ٺمريون به کيس وڻن ٿيون، استاد جوڳايل راڻو کيس بيحد پسند آهي، کيس پرچن شال پنهوار، روبينه قريشي جو آئي مند ملهاري وي به وڻن ٿا ، سليمان جي ابڙو کي ڏک آهي ته هاڻ نه راڳ ٻڌڻ وارا رهيا آهن نه راڳ ان انداز ۾ ڳائڻ وارا رهيا آهن، موجوده دور ۾ کيس عابده پروين جو ڳائڻ وڻي ٿو، کيس ان ۾ وري به خانصاحب منظور علي خان جو تسلسل نظر اچي ٿو.
ابڙو جي سافڪو هن وقت سنڌ جي 13 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهي آهي ، سليمان جي ابڙو جي ذاتي ڪوشش سان سافڪو پاران وقت بـ وقت مختلف شهرن ۾ صحت ، تعليم، زراعت، وڻڪاري، روزگار، ڪاروڪاري، عورتن، سان خراب سلوڪ، وڌندڙ سم ڪلر، هارين آبادگارن،صحت جي بنيادي اصولن تي سوين سيمينار ڪانفرنسون ڪرايون ويون آهن جڏهن تـ پاڻ هنن مسئلن جي حل لاءِ باقائيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي غريب ماڻهن جي روزگار سان لڳائيڻ کين ننڍا ننڍا ڪاروبار کولي ڏيڻ کان وٺي 2010ع واري دريائي ٻوڏ 2011ع ۾ برساتي ٻوڏن ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو جتي حڪومتي ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ لاءِ نه پهتا اتي سليمان جي ابڙو پهتو.
سليمان جي ابڙو جي سياسي دنيا جو آئيڊل شهيد ذولفقار علي ڀٽو نيلسن منڊيلا آهي، پاڻ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سياست کان به متاثر آهي، سماجي دنيا ۾ سندس آئيڊيل شخصيتن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عمر اصغر خان، ڪرامت علي، محمد تحسين، عورت سماجي اڳواڻن ۾ نگار احمد، فريده، ممتاز خاور، نگهت خان، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، امر سنڌو، مهتاب اڪبر راشدي شامل آهن، روحاني شخصيتن ۾ شهيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه، سيد شاهه مردان شاهه، ستون پير پاڳارو، مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن آهن ادبي دنيا ۾ مولانا غلام محمد گرامي، نسيم کول، تنوير عباسي، حميد سنڌي، موجوده وقت ۾ سحر امداد، فهميدا حسين آهن، سندس سماجي زندگي ۾ اها خوشي به شامل آهي ته نيپال ۾ سائوٿ ايشين واچ ڪانفرنس ۾ جنهن ۾ عورتن جي مسئلن تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز جون عورتون شامل هيون، انهن ۾ مرد صرف سليمان جي ابڙو شامل هو،
سندس زندگي جو دلچسپ واقعو اهو ته جڏهن سافڪو سرگرم ٿي ته ابڙا پاڙو ۾ بابلي هائوس تي قائم آفيس ۾ ڪم ڪارين لاءِ مرد، عورتون اچڻ لڳا، ابڙا پاڙي جي سوڙهي گھٽي ۾ ماڻهن جي رش وڌڻ لڳي ته سندس ماما ۽ ٻيا رشتيدار ڪاوڙ ڪرڻ لڳا ۽ رڪاوٽون وجھڻ لڳا، هن ڪم جي حوالي سان مخالفت ڪئي پر پاڻ جوش جذبي ۽ همٿ سان ڪم کي جاري رکيو، ابڙا پاڙي وارن ۽ شهدادپور واسين اهو نه ڄاتو ته ڪو اهڙو وقت ايندو جو سليمان جي ابڙو نه صرف شهدادپور پر سنڌ جي سڃاڻپ ٿيندو، اڄ شهدادپور جا ماڻهو سنڌ ۾ ڪٿي به وڃن ٿا ۽ هو شهدادپورر جو ٻڌائين ٿا ته هنن کي چيو وڃي ٿو ته اڇا اوهان سليمان جي ابڙو جي شهر جا آهيو؟ اڄ سليمان جي ابڙو دنيا جي ملڪن ۾ وڃي ٿو سنڌ جي نمائندگي ڪري ٿو هنن اها شهدادپور واسي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته سليمان جي ابڙو ان منصب ان منزل تي پهچڻ جي باوجود پنهنجو ماضي نه وساريو آهي هن ڪٿي به ڪڏهن به ڄمندي ڄام واري ڳالهه نه ڪئي آهي، هي اڪثر پروگرامن ۾ پنهنجي تقرير ۾ غربت واري زندگي جي فخر سان ڳالهه ڪندو آهي، سليمان جي ابڙو جيڪو سافڪو جو چيف ايگزيڪٽو آهي سافڪو ۾ هزايرن ماڻهو ڪم ڪن ٿا، سافڪو جون سوين آفيسون آهن، اڄ سليمان جي ابڙو جي نالي کان نه صرف سنڌ نه پر ملڪ جو هر با شعور ماڻهو واقف آهي، اڄ سليمان جي ابڙو کي ملڪ جو وزير اعظم، وفاقي وزير، سنڌ جو گورنر، وڏو وزير، وزير ۽ مشير، بااثر شخصيتون سڃاڻن ٿيون، انهن مان ڪيترن ئي سان گھرا واسطا آهن، دنيا جي تقريبن سربراهن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي ليڪن هن ۾ ڪا به وڏائي نه آهي، اڄ به خاص طور پنهنجي شهر وارن لاءِ ماضي وارو سليمان جي ابڙو آهي، سڀن سان عزت احترام سان ملڻ وارو علائقي جي ماڻهن سان خوشي ۽ غم ۾ برابر جو شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڳالهائڻ ملڻ جو اهو ئي پيار وارو انداز، اها ئي سادگي، اها ئي نيازمندي، اها ئي نهٺائي، اڄ جڏهن سليمان جي ابڙو ڪنهن به سياسي پروگرام ۾ ڳالهائي ٿو ته سنڌ جو وڏو سياستدان لڳي ٿو، ادب تي ڳالهائي ٿو ته وڏو اديب لڳي ٿو، زراعت جي مسئلن تي ڳالهائي ته وڏو زرعي ماهر لڳي ٿو، صحت تي ڳالهائي ته وڏو ڊاڪٽر لڳي ٿو، پاڻ دنيا جي هر موضوع تي اثرائتي انداز ۾ دليلن سان ڳالهائي ٻڌندڙن ساڃاهه وند ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندو آهي سليمان جي ابڙو دنيا جي يونيورسٽين ۽ اهڙن ادارن مان سماجيت، سياست، زراعت، صحت مئنجمنٽ، مائڪرو فنانس ۽ ٻين سبجيڪٽن تي ڊپلوما ڪئي آهي، ان حوالي سان لا تعداد ٽرينگن، ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪندو رهندو رهيو آهي.
زراعت، انساني حقن، وڻڪاري، ٻيلن، ڪاروبار، عورتن سان ناروا سلوڪ، ننڍن ڪاروبارن ذريعي پيرن تي بيهڻ، غربت ۽ ٻين لاتعداد موضوعن تي وڏي تعداد ۾ سليمان جي ابڙو جا لکيل ڪتاب ڇپيا آهن، هيڏو مصروف رهڻ جي باوجود هر موضوع وارن ڪتابن جو باقائدا مطالعو ڪري ٿو، مسلسل جدوجهد ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿو ۽ عوام جي مسئلن، حقن لاءِ جدوجهد ڪري ٿو، پاڻ دنيا جي ڪيترن ئي يونيورسٽين، ادارن ۾ ليڪچر به ڪيا آهن، سنڌ جي مسئلن تي ڊائڪميٽري فلمون به ٺاهيون آهن جيڪي عوام جي قسمت بدلائڻ، عوام کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ ادارن کي موڪليندو رهيو آهي، پاڻ عالمي سطح تي مختلف ادارن پاران 10 ايوارڊ، لاتعداد انعامات ۽ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي، سماجي ادارن پاران سوين ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي.....