سنڌيت جي جوت جلائڻ وارو شري موتي پرڪاش
موتي واقعي ۾ به سنڌي ٻولي جو خوبصورت موتي هو، پارس هو. موتي پرڪاش 18 مئي 1931ع تي سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي دڙو شهر ۾ هڪ پوسٽ ماسٽر سنگراس جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي تعليم ۽ انگريز تعليم پهرين دڙو، بعد ۾ جاتي ۾ حاصل ڪئي. شاگردي دور ۾ شاعري جي ڪتابن پڙهڻ جي شوق کيس شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳايو ۽ هن ٻارن لاءِ گيت لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ان دور ۾ ادبي رسالن خاص طور ٻارڙن جي رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا. جنهن ۾ گلستان رسالي جي هر شماري ۾ سندس شاعري شايع ٿي، جيڪا وڏن ۽ ٻارن ۾ هڪ جهڙي پسند ڪئي ويندي هئي. بعد ۾ پاڻ ٻارن ۾ ادب جو شوق جاڳائڻ لاءِ ٻال سنديش جي نالي سان رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو. ملڪ جي ورهاڱي بعد هندو- مسلم فسادن سان پيدا ٿيل خوف هراس ۾ هن جي خاندان به نه چاهيندي، روئيندي سنڌ ماتا جي ڌرتي کي الوداع چئي لڏپلاڻ ڪري انڊيا پهتا. جتي احمدآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي هن بي اي آنرس، بي ايڊ جا امتحان پاس ڪيا ۽ ماستر ٿيو. ان سان گڏ آل انڊيا ريڊيو سروس جي سنڌي سروس ۾ ڪم شروع ڪيو. 81ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ”سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جو عڪس، موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، پاڻ مختلف تعليمي ادارن ۾ پرنسيپل رهيو. پاڻ 25 سال تعليمي ادارن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد رٽائرڊ ٿيو، ان بعد انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آديپور ڪڇ جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن سنڌي هندو اباڻي ڌرتي کي ڇڏي اوپري ڌرتي انڊيا جي مختلف علائقن ۾ پهتا ته هڪ عذاب ۾ ورتل هئا. نئون ماحول، بک، بيروزگاري ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا درپيش هئا. سنڌي هندن جي درد کي شدت سان محسوس ڪندي سنڌي شاعر، اديب، نقاد جاڳيا ۽ اهو سوچي سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري بنيادي مسئلن تي جدوجهد شروع ڪئي وئي ته جي ائين نه ڪيوسين ته اسين تباهه برباد ٿي وينداسين. ان ڪري مايوسي واري ماحول مان نڪرڻ لاءِ ترقي پسند ادب کي وڌائڻ جي ضرورت، شدت سان محسوس ڪئي وئي ۽ ان ۾ جن اديبن، شاعرن ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ موتي پرڪاش اڳيان اڳيان هو. ان حوالي سان پارڪن، روڊن رستن تي گڏجاڻين بعد نئون ساهت منڊل جو بنياد وڌو ويو، بعد ۾ ان کي سنڌي ساهت منڊل نالو ڏنو ويو. موتي پرڪاش ۽ ٻين دوستن جي ڪوشش سان سنڌ مان هنن پاران نئين دنيا مئگزين جيڪو شايع ٿيندو هو، ان جو انڊيا ۾ ٻيهر اجراءُ ڪيو ويو، جيڪو اتان جو مقبول ترين رسالو بڻيو، ان ۾ ترقي پسند ادب ذريعي سنڌين ۾ نه صرف سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، پر اتي سنڌيت، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، ثقافت ڪلا کي بچائڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿيو، انڊيا ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ موتي پرڪاش جون پنهنجي ساٿين سان گڏ اڻ ٿڪ ڪوششون شامل رهيون، جڏهن ڪجهه اديبن سنڌي ٻولي بجاءِ ديوناگري ٻولي آڻڻ لاءِ سازشون ڪيون ته ان خلاف هر محاذ تي مخالفت ڪندي سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ موتي پرڪاش اڳيان رهيو ۽ انڊيا ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيا. سنڌي ادب، ثقافت، ڪلا، ٻولي کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ سڄي انڊيا ۾ قافلو ويو ۽ سنڌين ۾ ان حوالي سان سجاڳي آندي. پاڻ هر دلعزيز شخصيت، سادگي پسند، سچو، کرو، ميٺاج واري طبيعت رکندڙ هو. کيس جيترو تعليم تي دسترس هئي، ايترو ئي شاعري ۽ نثر تي عبور حاصل هوس. هن لاءِ انڊيا جي ادبي حلقي ۾ مشهور رهيو ته موتي عاشق مزاج شاعر آهي، پر هن هر موضوع تي شاندار شاعري ڪئي آهي. بقول پرڀو وفا جي ته موتي پرڪاش ساهته جي هر صنف کي نوازيو آهي. انڊيا جي سنڌي ادبي کيتر ۾ به سندس الڳ حيثيت هئي، کيس ورهاڱي کانپوءِ جيڪا ترقي پسند ساهت جي لهر هند ۾ هلي، ان ۾ کيس پهريون ڪوتا ڌڻي مڃيو وڃي ٿو. بقول سندس ساٿي ارجن حاسد جي ته تخليق کي انساني سماج کي بدلائڻ ۽ سنڌ پرستي لاءِ موتي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
موتي پرڪاش سنڌي ساهت منڊل، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهته سڀا، مهاراشٽر اسٽيٽ ٽئڪس بوڪ پراڊڪشن جي پهرين کان 9 درجي تائين درسي ڪتابن جوڙڻ واري ڪاميٽي، ايڊيٽر ٽيڪسٽ بوڪ ”11 ۽ 12 ڪلاس“ ڪائونسل سي بي ايس اي گلف ۽ ٻين ادارن ۾ به چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ميمبر طور شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. موتي پرڪاش 54ع ۾ مشهور ليکڪه ڪلاپرڪاش سان پرڻو ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’آءُ ته چوريان چنگ‘ ”شاعري“ ’انڌيرو اجالو‘ ”ناول“ ’وقت ۽ ويچار‘ ”مضمون“ جيءَ اندر جهاتي، گلڙن جا گيت ”ٻارن لاءِ“ رات هڪ طوفان جي ”ناٽڪ“ دل جون ڳالهيون ”يادگيريون“ ادبي گل، پردي پويان پردي اڳيان، تنهنجي گلي جون ڳالهيون ”شاعري“ گومي بائي جو سنسار ”ننڍا ناٽڪ“ سنڌي شاعري ۾ استري چٽ ”پي ايڇ ڊي جي ٿيسز“ چڻنگ وچ چولي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن. سندس سنڌي ادب، فن، ثقافت، ٻولي، تعليمي ۽ خدمتن جي پيش نظر مڃتا طور کيس ڪافي ايوارڊ، ٽرافيون، روڪ انعام مليا، جن ۾ ٻين کانسواءِ آل انڊيا ريڊيو سروس تي بهترين قومي نغمن جي مقابلي ۾ پهريون انعام، ٻارن جي شاعري گلڙن جا گيت ڪتاب تي بهترين ٻالڪ ڪوي جو ايڊيوڪيشن منسٽري پاران انعام، ادب ڪلچر جي ميدان ۾ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران 20 هزار روڪ انعام، مرڪزي ساهته اڪيڊميءَ پاران سنڌ ايوارڊ 20 هزار روڪ انعام، سي سانڍيم ساهه سين، سفرنامي تي انعام، تعليمي خدمتن تي نيشنل ايوارڊ، ادبي خدمتن تي پروفيسر رام پنجواڻي ڪلچرل ۽ لٽرري سينٽر پاران انعام، سهيوڳ فائونڊيشن پاران نارائڻ شيام ايوارڊ ۽ روڪ انعام، آل انڊيا ريڊيو لاءِ لکيل فيچرن، ناٽڪن تي انعام به شامل آهن.
سنڌ هند جو هي نامور شاعر، اديب، نقاد، ناٽڪ نويس، سماج سڌارڪ، تعليمي شخصيت ڊاڪٽر موتي پرڪاش 4 آگسٽ 2015ع اربع ڏينهن اسان کان وڇڙي ويو. هميشه لاءِ جتي ڀارت جا سنڌي سندس چولو مٽائڻ تي غم ۾ ورتل آهن، اهڙي ريت سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ ساڃاهه وند حلقن ۾ به ڏک جي لهر ڇانيل آهي. سنڌ وارا به سندس لاڏاڻي تي سوڳوار بڻيل آهن. ظاهري طور تي انڊيا جي احمدآباد ۾ سندس لاڏاڻي تي تڏو وڇايو ويو . ته سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن پنهنجي دل ۾ تڏو وڇايو موتي اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر سندس ڳالهيون، ڀلايون، لکڻيون، خاص طور سنڌيت جي جوت جلائڻ واريون ڪوششون صدين تائين ياد رهنديون.
”هي آرٽيڪل روزانه عبرت ۾ شايع ٿيو جتان ورتو ويو“