سدا بهار شخصيت ميڊم مهتاب اڪبر راشدي
سياحت ثقافت کاتي جي تاريخ حميد آخوند ۽ مهتاب اڪبر راشدي جون سيڪريٽري جي حيثيت ۾ هن کاتي کي سنوارڻ، سڌارڻ، انقلابي سڌارا آڻڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. مهتاب اڪبر راشدي، راشدي خاندان جي خوبصورت اعليٰ تعليم يافته نوجوان انجنيئر سيد اڪبر حسين شاهه راشدي سان 26 فيبروري 1981ع تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي. مهتاب جي اڪبر شاهه سان لوميرج هئي. سندس ور سيد اڪبر حسين راشدي، مهتاب اڪبر راشدي جي آزادي، خودمختياري جو احترام ڪندو رهيو آهي. مهتاب اڪبر راشدي جي ٻاهرين سرگرمين ڪڏهن به گهريلو زندگي کي متاثر نه ڪيو. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ڪمپيئرنگ کان ليکڪه تائين استاد کان آفيسر تائين تعليمي ماهر بهترين ايڊمنسٽريٽر کان مختلف کاتن ۾ سيڪريٽري ۽ سياستدان طور تائين منهنجي آئيڊيل شخصيت رهي آهي. جڏهن اڪبر راشدي سان سندس شادي ٿي، ان وقت منهنجي عمر 19 سال هئي ۽ مون کي صحافت ۾ آئي ٻه سال ٿيا هئا ۽ آئون پنهنجي محسن صحافي سائين مرحوم نثار چنه سان گڏ ميڊم جي شادي ۾ بنا دعوت جي شريڪ ٿيو هئس. شادي واري تقريب هڪ مثالي تقريب هئي. شادي جي تقريب ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جن ۾ ٻين کانسواءِ محترمه بينظير ڀٽو به شامل هئي.
1988ع ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کي ڀٽ شاهه جي عرس مبارڪ ۾ ويجهو ڏسڻ ۽ ملڻ جو موقعو مليو ۽ سندس ڪارڪردگي ۽ عرس مبارڪ جي موقعي تي ادبي ثقافتي پروگرامن جي انتظام جي حوالي سان ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ترقي وٺرائڻ لاءِ هن جي ورتل ڪوششن مان متاثر ٿيس ۽ ان وقت روزانه آفتاب، هلال پاڪستان ۾ مون ميڊم جي ڪارڪردگي ۽ اهڙين ڪوششن ڪاوشن تي ڀرپور آرٽيڪل لکيا. ان بعد سيڪريٽري تعليم هئڻ دوران سندس ڪارڪردگي مان متاثر ٿي تعليم جي واڌاري لاءِ تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي سڌارڻ لاءِ سندس ڪوشش، حڪمت عملي تي آرٽيڪل لکيو هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي حوالي سان به مون ميڊم جي اهڙي ڪوششن تي عبرت، سنڌو، تعمير سنڌ، عوامي آواز، هلال پاڪستان، پاڪ، سنڌ سجاڳ، شاهين سنڌ، ميرانپور، هفتيوار سنڌو ڊائيجسٽ ۽ ٻين اخبارن ۽ ميگزينن ۾ آرٽيڪل لکيو، جڏهن ته 1993ع کان جيئن ڀيڄ ڀٽائي ميگزين شروع ڪيو ته هر شماري ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي بابت ٻه اکر لکڻ پنهنجو فرض سمجهندو رهيو آهيان. اهڙي ريت کيس سندس ڪارڪردگي ادب دوستي تي تحسين ۽ عقيدت جي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. منهنجي اها ڪمزوري رهي آهي ته پنهنجي آئيڊل شخصيت سان تعارف نه ڪرائيندو آهيان نه وري انهن سان گهرو ٿيندو آهيان ۽ مون ميڊم اڪبر راشدي سان به اڄ تائين تعارف نه ڪرايو آهي، حالانڪه ساڻس مختلف پروگرامن ۾ کوڙ ساريون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن، باقي خطن، فيس بوڪ ۽ فون ميسيج ذريعي ميڊم سان حال احوال جو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آهي. پاڻ 2013ع وارين چونڊن ۾ عورتن واري مخصوص سيٽ تان ايم پي اي ٿي ۽ پاڻ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي مسئلن جي حوالي سان وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. خاص طور صحافت جي آزادي صحافين جي مسئلن صحافين سان ٿيندڙ ڏاڍ تي ڪافي دفعا کليل طرح سان ڳالهايو آهي.دعا آهي ته سدا خوش رهي.