شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

خدائي خدمتگار- نازيه آرائين

غربت جو حقيقي احساس ان کي ٿيندو آهي، جيڪو غربت مان گذريو هوندو ، پريشانين جو احساس ان کي هوندو جيڪو ان صورتحال مان گذريو هوندو. ليڪن پريشانين، غربت مان گذرندڙ اهي ماڻهو عظيم هوندا آهن. جيڪي پنهنجون پريشانيون، غم، غربت جي هوندي ٻين جي بهتري لاءِ سوچيندا آهن. اڄ اين جي اوز جو دور آهي. ملڪ ۾ لکين اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن، ليڪن حقيقي ڪم تمام گهٽ اين جي اوز ڪري رهيون آهن. باقين اين جي اوز فائيلن جي پورائي ڪري اين جي اوز وارا شاهانه زندگي گذاري رهيا آهن. ليڪن ڪي فرد اين جي اوز کانسواءِ اين جي اوز جيترو پاڻ ان کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهن. ڪوٽڙي جي نازيه آرائين هڪ اهڙي خاتون آهي جيڪا خود زماني جي ستم ظريفي جي ستايل رهي، جيڪا خود غريب آهي. 3 ٻار ڙن جي پيدائش بعد مڙس جي بي وفائي ڪري سندس جيئڻ جنجال ٿي ويو پر هن همت نه هاري هن الله سائين ۾ ”همٿي بندا مددي خدا“ واري چوڻي ۾ يقين رکيو ته الله سائين سندس مدد ڪئي ۽ نازيه پنهنجي همت حوصلي، جدوجهد، محنت سان نه صرف پنهنجو ۽ ٻچڙن جو پيٽ پاليو پر انهن کي تعليم به ڏياري ۽ کيس اهو به احساس ٿيو ته هو ڪنهن نه ڪنهن طرح غريب، ڏتڙيل ماڻهن جي درد جو درمان بڻجي پر اهڙي سوچ، خيالات، پلاننگ پنهنجي جاءِ تي پر سندس اهڙيون مالي حالتون نه هئڻ ڪري بس ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ سوچيندي رهي ته سندس منزل خود به خود آسان ٿيندي وئي 2007ع ۾ سندس مڙس کيس ڇڏي ويو ته هن مرد وانگر پورهيو ڪيو. بعد ۾ رحم دل، خلق خدا جي خدمت واري جذبي واري حيدرآباد جي خاتون ڪلثوم ميمڻ، انسانيت جي ناتي هن جي مدد ڪئي، هن کي گهر ۾ دڪان ۽ بيوٽي پارلر کولي ڏنو ۽ نازيه اهي هلائي پنهنجو ۽ اولاد جو پيٽ پاليو ۽ اولاد کي تعليم ڏياري ۽ پاڻ خدمت واري جذبي تحت پاڙي جي ٻارن کي شام جو قرآن شريف پڙهائڻ شروع ڪيو، بعد ۾ گهر ۾ علائقي جي نياڻين کي سلائي ڪڙهائي سيکاري هنرمند ڪرڻ لاءِ قسطن تي سلائي مشينون خريد ڪيون ۽ سينٽر شروع ڪيو، بعد پاڻ علائقي ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ماهوار ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ شروع ڪيون. ڪجهه خدا ترس واقفڪار سماجي ڪارڪنن سهيل سومرو ۽ معين قريشي فلاحي ڪم اڪيلي سر ڪرڻ بجاءِ اهڙي سوچ رکندڙ ٽيم سان گڏ ڪرڻ ۽ ٽيم کي گڏ کڻي هلڻ لاءِ هڪ تنظيم ٺاهڻ جو مشوري تي عمل ڪندي پاڪستان ايجوڪيشن اينڊ هيلٿ فائونڊيشن نالي نازيه سان گڏهڪ ٽيم شامل ٿيڻ سان هن ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيو ۽ هن ڄامشورو ٽيليگراف ويجهو هڪ جاءِ ڪرائي تي وٺي اتي فري او پي ڊي ۽ ويم گهر کوليو جتي صرف 10 رپين ۾ مريضن کي دوائون به ملن ٿيون، هن پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت قائم ڪيل هن اسپتال کي بهتر انداز ۾ ڏسندي ڪجهه مخئير حضرات به پاڻ مرادو هنن جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي، نازيه آرائين کي خيال آيو ته ڄامشورو جي آسپاس ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ مفت پرائيويٽ اسڪول کوليو وڃي سروري ڪرڻ بعد هنن ڄامشورو ويجهو پاور هائوس لڳ جبلن جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ راهو کوسو ۾ ڇپر وارو اسڪول قائم ڪري ڳوٺ ۾ ماڻهن سان ملاقاتون ڪري کين ٻار اسڪول ۾ ڇڏڻ تي آمده ڪيو. شروع ۾ هن اسڪول ۾ ڪوبه ماستر يا ماسترياڻي پڙهائڻ تي آماده نه ٿيون ته نازيه پنهنجي نياڻي سماويه آرائين کي ٻار پڙهائڻ لاءِ موڪليو ان بعد ٻين ٽيچرس کي به راضي ڪيو. هن وقت اسڪول ۾ 250 کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا. انهن ۾ 90 سيڪڙو اسٽريٽ چلڊرن شامل آهن، شايد هي پهريون پرائيويٽ اسڪول آهي جيڪو علائقي جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ هڪ مثالي اسڪول آهي ۽ اسڪول ۾ نه صرف مفت ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي پر ٻارن کي يونيفارم به مفت ۾ ڏنا وڃن ٿا. فيس بوڪ تي جڏهن هن اسڪول جو احوال ابوظهبي ۾ رهندڙ مخئر پاڪستاني عبدالرفيع خان ڏٺو ته ان نازيه آرائين سان رابطو ڪيو ۽ اتي هن اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي ڏني ۽ اسڪول جي ٽيچرس ٻارن جي يونيفارم کان وٺي سڀ خرچ پنهنجي ذمي کنيا آهن. هن اسڪول جو افتتاح پڻ عبدالرفيع خان ڪيو آهي. اسڪول لاءِ پلاٽ ڳوٺ جي معزز باقر خان کوسو ڏنو آهي. جڏهن ته نازيه آرائين جي تنظيم پاران پنهنجي مدد پاڻ ڪريو تحت ننگر پارڪر جي هڪ ڳوٺ سميت سنڌ ۾ 5 اهڙا اسڪول هلي رهيا آهن جن ۾ وڏو تعداد اسٽريٽ چلڊرن جو آهي، پاڻ پنهنجي تنظيم پاران ڀلائي وارا ڪم ڪري رهي آهي. انهن لاءِ نه ته ڪنهن ڊونر اداري پاران نه حڪومت پاران مدد ورتي وئي آهي. اسپتال، اسڪول ۽ ٻيا ڪم مخيئر حضرات پاران ٿيندڙ مدد سان هلي رهيا آهن. نازيه آرائين جي ڪوشش سان ڪوٽڙي جي ڪيترن ئي غريب نياڻين جن جون شاديون ڏيج نه هئڻ ڪري نه ٿي رهيون هيون انهن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت ڏيج ڏئي شاديون ڪرايون آهن، 2011ع واري برساتي ٻوڏ ۾ ڪوٽڙي ۾ ايندڙ متاثرين جي به نازيه پنهنجي مدد پاڻ ڪريو تحت ڪافي مدد ڪئي. ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو واري علائقي ۾ نازيه غريب ماڻهن جو ڀرجهلو بنيل آهي. غريب مسڪين بي پهچ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي. ڪيترن ئي غريبن کي مخيئر حضرات جي مدد سان روزگار کولي ڏنا آهن، نازيه جي بي لوث خدمت جي ڪري مخيئر هن تي اعتماد ڪن ٿا. ۽ هن به ڪڏهن به امانت ۾ خيانت نه ڪئي آهي، سندس گهر اڄ به سندس پٽ جي پڙهائي بعد محنت مزدوري ۽ نازيه جي بيوٽي پارلر مان هلي ٿو، جنهن ننڍڙي گهر ۾ رهي ٿو، ان گهر جو پلاٽ کان وٺي تعمير تائين هڪ خدا ترس خاتون پنهنجي خرچ تي ٺهرائي ڏنو آهي. نازيه اها دلير جرئت مند خاتون آهي، جيڪا ڪوٽڙي ڄامشوري جي مسئلن کي نه صرف ميڊيا تي اٿاريو آهي پر فيس بوڪ جو به سهارو ورتو آهي. ڪوٽڙي ۾ گندگي گندو پاڻي روڊن رستن تي وهڻ کان وٺي انيڪ مسئلن جون تصويرون ڪڍي انهن هيٺان تحرير لکي فيس بوڪ تي رکندي عوام جي ووٽن سان ڪاميابي ماڻيندڙ چونڊيل عيوضن جي ضمير کي جاڳائيندي رهي آهي. ڪنهن بيگناهه غريب تي ڪو ماڻهو ظلم زيادتي ڪري ٿو يا پوليس بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪندي آهي ته اهو معلوم ٿيندي نازيه جي ننڍ، سک چين حرام ٿي وڃي ٿو پاڻ اهڙن مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي رهي آهي علائقي جو ڪو غريب ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته کيس اسپتالن ۾ داخل ڪرائڻ، ٻاهر جون دوائون وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. نازيه آرائين ڄامشورو ڦاٽڪ وٽ جهوپڙين ۾ رهندڙ خانه بدوشن جي بستي ۾ شام جي وقت شمانو لڳائي يا کليل آسمان هيٺ اسڪول کولڻ چاهي ٿي، سندس خواهش آهي ته پاڻ سڄي سنڌ ۾ انهن ڳوٺن ۾ جتي اسپتالون اسڪول ناهن اتي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت اسپتالون ۽ اسڪول کولي اهي اسپتالون ۽ اسڪول مثالي هجن، نازيه آرائين جي آئيڊيل ڪلثوم ميمڻ آهي، جنهن نه صرف کيس جيئڻ سيکاريو ۽ همت حوصلو ڏنو پر خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جو شعور ڏنو ۽ مدد ڪئي نازيه آرائين شاعر به آهي، پاڻ گل بلبل واري شاعر ڪرڻ سان گڏ شاعري ۾ غريبن جي ڏک ، درد، معاشري ناانصافين، سياستدانن جي چالاڪين، خوشحال سنڌ جي غربت ۾ ورتل عوام غريبن جي حالات، عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين، عورتن ٻارن جي حقن، علم جي روشني جي حوالي سان ڏاڍي خوبصورت شاعري ڪئي آهي، پاڻ شاعري فيس بوڪ تي به شيئر ڪندي رهي ٿي، سندس ٽيم ۾ ٻين کانسواءِ سهيل سومرو، معين قريشي، رضيا سلطانه، شهناز آرائين ۽ ٻيا شامل آهن. موسقي سان دلچسپي رکي ٿي پاڻ صرف قرآن شريف پڙهيل آهي پر پاڻ ڪتاب، اخبارون به پڙهي وڃي ٿي. پنهنجي فيس بوڪ تي عوامي مسئلا، شعرو شاعري خود ٽائيپ ڪري ٿي. سندس خواهش آهي ته سندس اولاد به هن وانگر خلق خدا جي خدمت ڪن، سندس ٻار نياڻي سماويه آرائين پٽ عمر آرائين، سعاد آرائين به سندس فلاحي ڪمن ۾ هٿ ونڊائين ٿا. نازيه ميرپورخاص جي شهر ڊگهڙي ۾ هڪ مزدور محمد آرائين جي گهر ۾ جنم ورتو. اعلى تعليم حاصل ڪري ڪجهه بڻجڻ جي خواهش رکڻ جي باوجود والدين غريب هئڻ ڪري اها خواهش اڌوري رهي. 1997ع ۾ سندس 19 سالا عمر ۾ ڪوٽڙي ۾ شادي ٿي، سندس جنم 1978 ۾ ٿيو. پاڻ صبح کان رات دير تائين سماجي ڪمن ۾ مصروف هوندي آهي.