شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

جهونو شاعر، صحافي ۽ ليکڪ پروانو ڀٽي

پروانو ڀٽي جو شمار سنڌي جي جهونن شاعرن، ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڻ زندگي جو وڏو حصو صحافت کي به ڏنو آهي. پاڻ سماج سڌارڪ پڻ آهن. پاڻ ماضي ۾ شفيق استاد به رهيا، پاڻ انسانيت سان محبت ڪرڻ وارو پيار ۽ امن جا گل ڇٽيندڙ پڻ آهي. سندس اصل نالو ميوو خان ڀٽي پاڻ 1934ع ۾ دادو ضلعي جي پيارو خان ڳوٺ ۾ پوليس جي سپاهي گل محمد خان ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو سندس تعليم سنڌي فائيل آهي. شاگردي دور ۾ ڪرڪيٽ والي بال جو بهترين رانديگر رهيو، سندس والد لطيف سائين جو عاشق هو، روزانو قرآن شريف بعد لطيف سائين جو رسالو ترنم ۾ پڙهندو هو. پروانو ڀٽي کي به لطيف جو رسالو پڙهائيندو هو ۽ بيتن جي معنى ٻڌائيندو هو. لطيف جي پراثر شاعري پروانو ڀٽي تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ جڏهن ستين درجي جو شاگرد هو ته پاڻ شاعري شروع ڪئي، پاڻ پهريون شعر اسڪول جي اسيمبلي ۾ هڪ قومي گيت”پيارو پاڪستان پيارو پاڪستان “ ترنم ۾ ٻڌايو ان تي اسڪول جي هيڊ ماستر فريد خان چانڊيو کيس انعام ڏنو، شاعري تي سندس استادن، دوستن، مائٽن به همٿ افزائي ڪئي، جنهن منجهن وڌيڪ اتساهه پيدا ڪيو. پاڻ 1948ع کان 1952ع تائين استاد رهيا. استاد جي حيثيت سان پاڻ ڳوٺ الهه ورايو دل، ٽنڊو محمد خان ۾ نانگو شاهه اسڪول، بلال اسڪول، الهه ڏنو ساند، تاجو لغاري ۽ ٻين اسڪولن ۾ استاد رهيو. ان بعد پاڻ ٽريننگ لاءِ چونڊيوويو، حيدرآباد ۾ ٽريننگ دوران محمد عثمان ڏيپلائي سان سندس ملاقات ٿي جيڪو ان وقت هفتيوار عبرت شايع ڪندو هو. محمد عثمان ڏيپلائي پروانو ڀٽي ۾ ٽيلينٽ ڏسندي کيس اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ڏني ۽ پاڻ ماستري ڇڏي صحافت شروع ڪئي۽ اخبار ۾ 30 رپيا پگهار تي سب ايڊيٽر طور مقرر ٿيو، سگهوئي عبرت اخبار قاضي عبدالمجيد عابد خريد ڪئي ۽ هفتيوار مان روزانه طور شايع ڪيو ۽ پروانو بدستور سب ايڊيٽر طور لڳو رهيو، بعد ۾ ڪجهه وقت عبرت ڇڏي روزانه هلال پاڪستان حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر ۽ ايڊيشن انچارج ٿيو، ان دور ۾ هلال پاڪستان پاران ماهوار هلال پاڪستان ايڊيشن شايع ٿيندو هو، جنهن جا صفحا 200 کان 300 تائين هوندا هئا. پروانو جي ڪوشش، محنت سان ماهوار ايڊيشنن پاران شاعر نمبر ، افسانو نمبر، ڪهاڻي نمبر، ڊراما نمبر به شايع ڪيا، انهن ايڊيشنن وڏي مڃتا ماڻي، 58ع کان 1980ع تائين ٻيهر عبرت ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. شاعري ۾ سندس پهرين ميول تخلص هو، بعد ۾ شاعري ۾ سندس استاد شيخ محمد ابراهيم خليل کيس پروانو جو تخلص ڏٺو ۽ پاڻ سنڌ ۾ پروانو ڀٽي جي نالي سان مشهور ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ عبرت ۾ شيخ عزيز ٻارڙن جي ٻاري صفحو ڪڍندو هو، جنهن سان ٻارن ۾ لکڻ جو اتساهه پيدا ٿيو بعد ۾ شيخ عزيز اخبار جو ڪم وڌي وڃڻ ڪري ٻارڙن جي ٻاري صفحو پروانو ڀٽي حوالي ڪيو ته پروانو نه صرف ٻارڙن جي ٻاري کي بهترين طور شايع ڪيو پر انهي نالي سان ٻارڙن جي آرگنائيزيشن قائم ڪئي۽ ان جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪري ان پاران سڄي سنڌ ۾ ٻارڙن جا ڪنوينشن، جلسا ڪرائي ٻارڙن ۾ علمي، ادبي سرگرمين ۽ لکڻ جي جاڳرتا ۽ اتساهه پيدا ڪيو، ڪيترن ئي شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪرايون. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٻارن جو پروگرام ٻارڙن جي ٻاري شروع ڪيو، اهو پروگرام مصطفى قريشي، عبدالڪريم بلوچ ۽ پروانو ڀٽي گڏجي هلائيندا هئا، اهو پروگرام لائيو هلندو هو. جنهن کي ٻار شوق سان ٻڌندا هئا ۽ هر هفتيوار پروگرام ۾ ٻار وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد هوم اسٽيڊيم ۾ قائم هو پروانو ڀٽي شاعري جي هر صنف تي لکيو آهي، سندس وايون، غزل، ڪافيون، نظم، ٽيڙو، قطعه عبرت، مهراڻ رسالو، بادل رسالو، نئين زندگي، امرتا، هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن. پاڻ ماضي ۾ عبرت ۾ روزانو هڪ قطعو لکندو هو، عبرت ۾ سندس 5 هزارن کان وڌيڪ قطعا شايع،ٿيا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي پروانو ڀٽي پاڻ پنهنجي شاعري ريڊيو ٽي وي تي رڪارڊ نه ڪرائي نه وري فنڪارن کي ڳائڻ لاءِ ڏني، بقول سندس ته عابده پروين، سينگار علي سليم، محمد يوسف، وحيد علي، استاد ابراهيم، محمد جمن، وحيد علي ۽ ٻين مشهور فنڪارن هن کان شاعري گهري، پروانو ڀٽي جو چوڻ آهي ته اهو شوق سرندي وارن شاعرن جو آهي ته هو فنڪارن کان پنهنجي شاعري ڳارائي پوءِ ڪنڌلوڏين، بقول سندس ته اهو سندس جذباتي فيصلو هو. جيڪو صحيح نه هو. ان جو کيس احساس آهي. پاڻ بهترين شاعر سان گڏ بهترين ليکڪ به آهي، عبرت، هلال پاڪستان، خبرون ۽ ٻين اخبارن ۾ سندس مضمون ۽ هفتيوار ڪالم شايع ٿيا آهن. ماضي ۾ 1970ع ڌاري عبرت ۾ هفتيوار ڪالم جاني جي نالي سان ڪيترائي سال هفتيوار ڪالم لکيو. 1969 ۾ صحافين جي وفد سان ايسٽ پاڪستان جي دوري تي ويو. جتي هن شيخ مجيب الرحمان سان ملاقات ڪئي. پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 20 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ منظور قريشي، مصطفى قريشي، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل، نصرت چنا، نسرين فصل جهڙن ناميارن صداڪارن سان گڏ صداڪاري ڪئي. پاڻ سنڌي فلم محبوب مٺا فلم ۾ وڏيري جو ڪردار به ادا ڪيو. کيس ان دور ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر جي نوڪري ڪرڻ جي آفر ٿي پر هن قبول نه ڪئي پاڻ ان کي به جذباتي غلط فيصلو سمجهي ٿو، سندس چوڻ آهي ته ان دور ۾ کيس صحافت جو شوق هو، ريڊيو تي نوڪري وٺي پاڻ کي ريڊيو تائين محدود رکڻ نه ٿي چاهيو. پاڻ بزم خليل، بزم طالب المولى، سنڌي ادبي سنگت، بزم روح رهاڻ ۽ ٻين تنظيمن جو بنيادي ميمبر ۽ مختلف عهدن تي رهي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ نوجوانن ۾ ادبي رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. پاڻ شاهه لطيف فائونڊيشن جو به بنيادي ميمبر ۽ مختلف عهدن تي رهيو آهي. پاڻ در محمد ڪمال سان گڏجي سنڌ ڪلچرل ڪائونسل به قائم ڪري ان پليٽ فارم تان مختلف شهرن ۾ علمي ادبي ثقافتي شاندار پروگرام ڪرايا. پاڻ لطيف جو پانڌيئڙو آهي. لطيف سائين جي ڪلام پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي.1950ع کان لطيف سائين جي عرس جي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. پڻ ادبي ڪانفرنسن کي زور وٺرائڻ لاءِ پڻ شاندار ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. کيس موسيقي سان به دلچسپي رهي آهي. کيس جواني ۾ راڳ سکڻ جو شوق رهيو ۽ پاڻ ان دور ۾ کاهي روڊ تي استاد اميد علي خان جي موسيقي جي سکيا واري اسڪول ۾ وڃي راڳ سکيو بعد ۾ 1953ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي فنڪار طور آڊيشن به ڏنو جيڪو ايم ڊي انصاري ورتو ۽ ان کيس چيو ته اوهان راڳ کي معاف ڪريو، ان بعد هن مٿان فنڪار ٿيڻ جو جنون ختم ٿي ويو. پروانو ڀٽي ٻڌائي ٿو ته علڻ فقير کي هو ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو ۽ سندس پهريون انٽرويو ڪيو، ان بعد هن کي ريڊيو تي پروگرام وٺرائي ڏنا، جن وسيلي هن سڄي سنڌ ۾ مڃتا ماڻي، سندس اها به دعوا آهي ته مشهور فنڪار ممتاز لاشاري کي 71ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو هن کيس ميهڙ ۾ شاعر اسحاق راهي جي هڪ پروگرام ۾ ٻڌو هو ۽ سندس ڳائڻ جي انداز کيس متاثر ڪيو، پروانو ڀٽي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي پروگرام ڪيا، جن ۾ ٻين کانسواءِ ادبي پروگرام، ساٿ ڌڻي سرواڻ وڏي مقبوليت ماڻي، جڏهن مهتاب اڪبر راشدي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪافي رنگ پروگرام ڪندي هئي ته پروانو ڀٽي جن شاعرن جون ڪافيون هونديون هيون انهن جا تعارف ڪرائيندو هو. پاڻ ماضي ۾ جڏهن صرف سرڪاري ٽي وي چينل پي ٽي وي هوندي هئي ته اتي پاڻ واءَ سواءُ پروگرام جو ميزبان رهيو. ماضي ۾ سئنيما تي فلمون هلڻ کان اڳ اطلاعات کاتي پاران حڪومت جي ڪارڪردگي تي سڌ سماءُ پروگرام هلندو هو، سنڌي ۾ اهڙي پروگرام جي ڪمپيئرنگ پروانو ڀٽي ڪندو هو. اطلاعات کاتي پاران سنڌ صدين کان سٽي سکر دستاويزي فلمون جي بيڪ گرائونڊ ۾ پروانو ڀٽي جو خوبصورت آواز شامل هو. پاڻ 16 سال پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي ڪانٽريڪٽ تي پبلڪ رليشن آفيسر به رهيو. اتي ايڪسٽرا طور استاد جا فرض به ادا ڪيا. پاڻ انيس حسن اسڪول حيدرآباد ۾ به استاد رهيو اتي سندس اهو به ڪارنامو رهيو ته صبح جو اسيمبلي ۾ قرآن شريف جي آيت، حديث شريف سان گڏ شاهه لطيف جو شعر ٻارن کان ترنم ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ان جو اردو ۾ ترجمو ڪندو هو. پاڻ هڪ ادبي تنظيم پاران حيدرآباد ۾ شام لطيف جي حوالي سان پروگرام سلسلو شروع ڪيو، بعد ۾ ٻين شهرن جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن کي شريڪ ڪري هنن کان لطيف سائين جي شاعري ترنم ۾ ڳارائي ويندي هئي ۽ انهن ٻارن کي لطيف سائين جو رسالو تحفي ۾ ڏنو ويندو هو. هنن 6 لک کان وڌيڪ ٻارن کي لطيف سائين جا رسالا انعام طور ڏنا. سندس هم عصر شاعرن ۾ مخدوم طالب المولى، شيخ اياز،، استاد بخاري، سيد شاهنواز شاهه، عارف المولى، اسحاق راهي، تنوير عباسي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، احمد خان مدهوش، لقمان حڪيم، حبيب الله ڀٽو، مخدوم امين فهيم، عبدالقيوم، مولوي احمد ملاح، فيض بخشا پوري، محمد علي جوهر ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي سندس هم عمر شاعر سان گڏ هنن سان پروانو ڀٽي جا انتهائي قريبي ۽ نياز مندي جا واسطا رهيا. هنن سان گڏ سنڌ اندر ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. پاڻ زندگي ۾ 6 سئو کان وڌيڪ مشاعرن ۾ شعر پڙهيا. 400 کان وڌيڪ ادبي ڪانفرنسن، شاعرن سان رهاڻين، ورسين جنم ڏينهن جي پروگرامن ۾ مقالا پڙهيا آهن، ماضي ۾ جڏهن عبرت اخبار ۾ صحافت ڪندو هو. اهڙن ادبي ثقافتي پروگرامن، مشاعرن جا اکين ڏٺا احوال هلائيندو هو. جن جو تعداد هزارين آهي، سندس دعوا آهي ته 100 کان وڌيڪ نوجوان سندس ڪوششن ۽ رهنمائي ڪري اديب شاعر ٿيا آهن، پاڻ پنهنجي زندگي جو احوال نظم جي صورت ۾ امرتا رسالي ۾ شروع ڪيو. 20 کن قسطون هليون پر ان تي ڪيترائي اديب شاعر چڙي پيا، انڪري هن اهو سلسلو بند ڪيو. خبرون اخبار ۾ سندس هفتيوار ڪالم، سچ ٿا مرد چون ڏاڍو مقبول ٿيو،سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور 20 کان وڌيڪ رهاڻيون شامون ملهايون ويون آهن ۽ کيس مختلف تنظيمن پاران ايوارڊ به ڏنا ويا آهن پر کيس ڪنهن سرڪاري ادبي ثقافتي اداري پاران ايوارڊ نه مليا آهن، سندس چوڻ آهي ته اگر پاڻ 22 هين گريڊ جو رٽائرڊ بيورو ڪريٽ اديب شاعر هجي ها ته کيس سرڪاري طور وڏي مڃتا ملي ها. پروانو ڀٽي کي 3 فرزند، 4 نياڻيون آهن سندس جيون ساٿياڻي 2012ع ۾ انتقال ڪري وئي، سندس هڪ جوان فرزند گل ڀٽي جيڪو قومپرست پارٽي جو ڪارڪن هو ان کي دهشتگردن حيدرآباد ۾ گوليون هڻي ماري ڇڏيو. گلاب جي خوشبو جهڙو نوجوان پٽ جي اهڙي نانگهاني موت سندس اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو. سندس زندگي جو اهو وڏي کان وڏو ڏک هو، پروانو ڀٽي جا هيٺيان 2 شعر سندس زندگي جي عڪاسي ڪن ٿا.

نه گهر ٺاهيم نه زر ٺاهيم،
ٿيس سيد سنڌ جو عاشق،
ائين کلندي ائين روئيندي،
82 سال گذري ويا.
حياتي وئي گذري سفر در سفر،
ڪٿي ڪين ٺاهي سگهيس پنهنجو گهر،
اهو پڻ اوهان جي ڪرم جو مثال،
مٺي مرڪ سان ٿا ڪريون درگذر،
پاڻ زندگي ۾ مال ٺاهڻ بجاءِ وڏي عزت مرتبو ٺاهيو،سندس ڪيترائي شاگرد وزير، مشير، اسيمبلي ميمبر ۽ اعلى بيورو ڪريٽ ٿيا پر پاڻ ڪڏهن به ذاتي فائدو وٺڻ واري سوچ نه رکي ۽ اهو سچ آهي ته اڄ سندس گهر نه آهي. پاڻ پنهنجي فرزند جي گهر ۾ رهيو. پاڻ ڪافي عرصي کان بيمار هيو پر اهڙو بردبار جو ثقافتي کاتي کي سندس علاج يا مالي مدد لاءِ اپيل نه ڪئي، بقول سندس سموري زندگي منهنجي گذري،
ڪيم جا شاعري تو لئه سان گم ٿي ڪاغذن ۾ وئي
ڪتابي زندگي جا ورق ويٺو هاڻ اٿلايان
ڪمائي هيتري ساري سا ڪهڙن سلسلن ۾ وئي
پاڻ لطيف سائين جي رسالي ۽ لطيف راڳ جو پارکو هُو، پاڻ ڪلاسيڪل نيم ڪلاسيڪل راڳ جو به ڄاڻو هو. پاڻ لطيف سائين جو شعر
جي ڀائين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام،
گولا جي گولن جا، تن جو ٿي غلام،
صبر جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام،
ته نانگا تنهنجو نام ،لکجي لاهوتن ۾.
پاڻ هر پروگرام ۾ تقرير جي شروعات يا پڄاڻي ان شعر سان ڪندو رهيو. سندس سيني ۾ پنهنجي دور جا ڪيترائي واقعا موجود آهن پر هيڻو ٿي وڃڻ ڪري لکڻ کان قاصر رهيو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ادبي ثقافتي ادارا سندس اهي ڳالهيون زندگي جا يادگار واقعا رڪارڊ ڪري يا لکي ڪتابي صورت ۾ آڻين، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو ۽ بورڊ جي گڏجاڻين ۾ سندس شاعري شايع ڪرڻ جي رٿ ڏني پر سندس اهڙي خواهش پوري نه ٿي سگهي. سنڌي ٻولي جي خودمختيار اداري پاران سندس ادبي صحافتي زندگي ۽ ساروڻيون جي حوالي سان ڊگهو انٽرويو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو سٺو عمل آهي.
(نوٽ: هي خاڪو پروانو ڀٽي جي حياتي ۾ لکيو ويو.)