شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي طارق محمود آرائين ايڊووڪيٽ

وقت کان سڃاڻان جڏهن اڃان جونيئر وڪيل هو. طارق محمود آرائين جو شروع کان معاشري ۾ هڪ ڪردار رهيو آهي. پاڻ 1961-03-19 تي سنڌ جي تاريخي شهر نوشهروفيروز ۾ فقير منش انسان محمد يوسف آرائين جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نوشهروفيروز ۾ 6 کان 10 درجي تائين گورنمنٽ هاءِ اسڪول نوشهروفيروز، فسٽ ايئر انٽر، بي اي گورنمنٽ مهراڻ ڪاليج مورو ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪيو. 1985ع ۾ ايل ايل بي ڪرڻ بعد شهدادپور جي مشهور وڪيل مسٽر محمد اشرف عمراڻي صاحب سان گڏ وڪالت جي پريڪٽس ڪئي. وڪالت ڪرڻ جو کيس به شوق هو ۽ والدين جي خواهش هئي به شاگردي واري زماني ۾ جڏهن وڪيلن کي ڪارو فل سوٽ پاتل ڏسندو هو ته هن جي دل ۾ خواهش اڀري ته وڪيل ٿيان ۽ ماشا الله اڄ بهترين وڪيل طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ وڪالت 1987ع کان شروع ڪئي. هن وقت تائين سوين ڪيس لڙيا آهن، پاڻ سول ۽ فيملي ڪيسن جو وڪيل آهي، ليڪن ذهين ۽ سٺي ساک رکڻ ڪري کيس ماڻهو ٻي نوعيت جا ڪيس به زوري هجت ڪندي ڏين ٿا. وڪالت ۾ ماهر وڪيل هئڻ جو ثبوت اهو به آهي ته پاڻ 70 سيڪڙو ڪيسن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ڪيس کٽيندو آهي ته کيس ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. اگر ڪيس هارائي ويهندو آهي ته کيس ڏک ٿيندو آهي. طارق محمود آرائين فقير منش وڪيل آهي، سندس چهري تي سدائين مسڪراهٽ هوندي آهي، پاڻ ڪيترن ئي غريبن جا مفت ۾ ڪيس وڙهيا آهن، مون کي ذاتي طور تي به خبر آهي ته ڪيترائي اهڙا غريب به هوندا آهن، جن وٽ وڪيلن جي في ته پري پر ڪيس جي ڪاغذن لاءِ ڏوڪڙ نه هوندا آهن، اهي ڏوڪڙ به پاڻ کيسي مان ڏيندو آهي. ان جي جزا کيس الله سائين ڏيندو. پاڻ شهدادپور تعلقي خاص طور شهدادپور شهر جي هر سياسي، علمي، ادبي، ثقافتي، مذهبي پروگرام ۾ نظر ايندو آهي. جڏهن ته گهري هجت وارن کانسواءِ دعا سلام وارن ماڻهن جي غمين، خوشين ۾ ضرور شرڪت ڪندو آهي. ائين جهڙوڪ اهو ڪم سندس فرضن ۾ شامل هجي. سول سوسائتي کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ڪري سندس وڪالت به ڪافي ڊسٽرب ٿئي ٿي. ان جي باوجود سول سوسائٽي کي نه ٿو ڇڏي سگهي، هو سول سوسائٽي کي به زندگي جو هڪ حصو سمجهي ٿو، پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي پينل تي پڻ آهي، انهن ۾ ٻين ادارن کانسواءِ سافڪو، انجمن اتحاد تاجران شهدادپور، سول ڊفينس شهدادپور، ان کان اڳ پاڻ مارڪٽنگ ڪميٽي شهدادپور، نيشنل بئنڪ، PICIC جي پينل تي به رهي چڪو آهي. پاسبان ۽ يونين ڪائونسل 4 شهدادپور ۾ مصالحت انجمن جو آرگنائزر به رهي چڪو آهي. جڏهن ته سماجي اداري سافڪو جو بنيادي ميمبر ۽ سول ڊفينس شهدادپور ۾ ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر پڻ آهي. پاڻ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين، سانگهڙ لائين ميگزين جو به اعزازي طور ايڊوائيزر آهي. ساڻس هن وقت تائين 20 کان وڌيڪ جونيئر وڪيل پريڪٽس ڪئي آهي. جيڪي ڪامياب وڪيل آهن، منهنجي خيال ۾ طارق محمود آرائين ايڊووڪيٽ شهدادپور جو اهو واحد وڪيل آهي جيڪو وٽس ايندڙ ماڻهن کي مفت قانوني مشورا به ڏيندو آهي، کين چانهه ٿڌو به پياريندو آهي ۽ ماضي ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن شاهپور چاڪر به ويندو هو پر هاڻ مصروف رهڻ ڪري فلحال اتي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، پاڻ اتي به مفت قانوني مشورا ڏيندو آهي. پاڻ اهي سڀ انساني ڀلائي وارا ڪم ڪري ٿو، جيڪي حقوق العباد ۾ اچن ٿا، جن مان غريب ماڻهن کي فائدو ٿئي ٿو. مون کي ذاتي طور ڄاڻ آهي ته پاڻ ڪجهه غريب خاندانن جي مستقل طور مدد ڪندو رهي ٿو، ڪجهه غريب شاگردن جي به مدد ڪندو رهي ٿو، ليڪن اهڙي انداز سان جو اها خبر هڪ کيس ٻي انهن کي جن جي مدد ڪري ٿو. سماجي ڪم ڪندي کيس خوشي محسوس ٿيندي آهي، کائنس ڪا اڻ ڄاڻائي ۾ غلطي ٿي ويندي آهي ته پيشمان ٿيندو آهي، اها هڪ سٺي انسان هئڻ جو ثبوت پڻ آهي. پاڻ پنهنجي وڏي پٽ ارسلان طارق کي وڪيل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. سندس اها به خواهش آهي ته سندس اولاد صالح، فرمانبردار ۽ برسر روزگار هجي. کيس اولاد ۾ 2 پٽ ارسلان طارق ۽ شاهزيب طارق، 2 نياڻيون سعيده طارق ۽ ڪنزه طارق آهن. واندڪائي ۾ ٻارن سان ٽائم گذاريندو آهي. اداس لمحن ۾ دعا گهرندو آهي ته رب سائين اداسي دور ڪر، پاڻ پنهنجي والدين سان حد درجي جو عشق ڪيو آهي، موسيقي تمام گهٽ ٻڌي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن غزل ٻڌندو آهي. سندس پسند جا فنڪار عابده پروين، جيوڻو خان، مني بيگم آهن. پاڻ صوفي بزرگن سان عقيدت ۽ محبت رکي ٿو ۽ سندن مزارن تي حاضري ڀريندو آهي. نواب شاهه جي ٿاڌل سندس پسنديده مشروب آهي، گلاب جو گل، اڇي ۽ ڪاري رنگ جا ڪپڙا کيس وڻندا آهن. پروين شاڪر جو شعري مجموعو بار بار پڙهندو آهي، گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن صبح سوير نه اٿڻ تي گهرواري سان ناراضگي جو اظهار ڪندو آهي، سندس گهروارن کي سندس اها عادت نه وڻندي آهي ته پاڻ گهر وارن کي گهٽ ٽائم ۽ ڪلائنٽ ۽ آفيس ۾ وڌيڪ وقت ڏي ٿو. کيس ان وقت ڪاوڙ ايندي آهي جڏهن کيس خبر آهي پر اڳلو ساڻس ڪوڙ ڳالهائي، پراڻن دوستن سان ملاقات ڪندي خوشي محسوس ڪندو آهي. سندس پسنديده شاعرن ۾ شاهه لطيف، پروين شاڪر، فيض احمد فيض، نديم گلاڻي آهن. مسٽر غلام رسول انڙ ايڊووڪيٽ سندس آئيڊل شخصيت آهي. طارق محمود آرائين گهٽ ڳالهائڻ وارو پر جيڪو به ڳالهائي بهترين ۽ هر لفظ توري تڪي ڳالهائيندو آهي. پروگرامن ۾ پراثر نقريرون ڪندو آهي، سندس هر لفظ موتي داڻو هوندو آهي. شروع ۾ پروگرامن ۾ نه ڳالهائيندو هو، ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته تقريبات ۾ دوست ايترو ڳالهائي ويندا آهن جو اهي ئي ڳالهيون دهرائڻ مناسب نه لڳندو آهي. سندس پسند جي سياستدانن ۾ مرحوم عبدالسلام ٿهيم، غلام حيدر وائين، جمشيد دستي آهن. پاڻ غريب ماڻهن جي مالي مدد ان انداز ۾ ڪندو آهي جو ڪنهن کي به خبر نه پوي، وڪالت جي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ في طئه ڪرڻ بعد جڏهن کيس خبر پوندي آهي ته منهنجو ڪلائنٽ غريب آهي في نه ٿو ڏئي سگهي ته پاڻ ان کان في نه وٺندو آهي. ڪافي اهڙا وڪيل ڏٺا ويا آهن، جيڪي ڪيس ڪن سببن ڪري اڌ ۾ ڇڏي ويندا آهن، پر هن اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ڪيس اڌ ۾ نه ڇڏيو آهي. اگر ڪلائنٽ ڪيس اڌ ۾ ڇڏي وڃي ته اها انهن جي مرضي آهي. طارق محمود آرائين ايڊووڪيٽ کان هڪ دفعي پڇيم ته اوهان پنهنجي شهر شهدادپور وارن لاءِ ڇا ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا ته پاڻ چيو ته حقوق العباد پورا ڪرڻ جي خواهش آهي، دعا ڪريو الله پاڪ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي. آمين.