شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

ٽهڪن جو بادشاهه ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي

شهدادپور هالا روڊ تي ڳوٺ الهه بچايو خاصخيلي ۾ هڪ غريب هاري رحمت الله خاصخيلي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي جا ٽهڪ، مهمان نوازي، غريب دوستن سان هر طرح سان ڀلايون ڪرڻ، غريبن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان مشهور آهي. ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي شاگردي دور ۾ وڏو ڪامريڊ رهيو آهي. ۽ نوڪري ۾ اچڻ بعد سياست ۾ نه هئڻ جي باوجود به ڪامريڊ سڏجي ٿو. پاڻ 56-01-12 تي جنم ورتو. پرائمري تعليم حاجي خاصخيلي جي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول مان ڇهين کان ڏهين تائين گورنمنٽ ميونسپل هاءِ اسڪول مان، فرسٽ ايئر انٽر گورنمنٽ سچل ڪاليج نواب شاهه مان ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان پاس ڪيو. گورنمنٽ سچل ڪاليج نواب شاهه ۾ پهتو ته ان وقت سپاف ضلع نواب شاهه جو صدر علي اڪبر خاصخيلي سان سندس دوستي ٿي وئي ۽ پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست ۽ شخصيت کان متاثر ٿي. سپاف ۾ شامل ٿيو. انهي سال سچل ڪاليج جي شاگرد يونين جو بنا مقابلي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم جي حيثيت سان نواب شاهه پهتو ته ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي کي شاگرد واري وفد ۾ شامل ڪيو ويو. اهڙي ريت سندس ذوالفقار علي ڀٽو سان پهرين ملاقات ٿي. ۽ ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي ڀٽو صاحب کي سچل ڪاليج جا مسئلا ٻڌايا. جن ۾ هاسٽل، مسجد، ڪاليج جو ڪمپائونڊ وال، شاگردن لاءِ رنگين ٽي وي، فون، پي سي او به شامل هئا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اهي مسئلا دلچسپي سان ٻڌا ۽ فوري طور حل ڪيا. ٿوري وقت بعد ان وقت جو سنڌ جو وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو به نواب شاهه آيو ته اهو به شاگرد يونين جي اڳواڻن سان مليو. ان ۾ به ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي باقين ڪجهه رهيل ننڍا ننڍا مسئلا ٻڌايا. ۽ ان دور ۾ ڪاليج ۾ جيئي سنڌ جي اڳواڻن پاران ڪنهن مسئلي تي ڏنڊي جي زور تي شهر بند ڪرائڻ جي الزام ۾ 10 کان وڌيڪ جيئي سنڌ جا اڳواڻ جن ۾ ڏاڏو متارو به شامل هو. اهي جيل واڙيا ويا هئا. ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي ممتاز ڀٽو کي چئي انهن کي به آزاد ڪرايو.
77ع ۾ پاڻ انٽر ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري ايل ايم سي ڄامشورو ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا ورتي ۽ اتي پهرين سال ڪلاس ليڊر چونڊيو ويو. 85ع ۾ ڊاڪٽر آرگنائيزيشن ايل ايم سي ڄامشورو جو بنا مقابلي نائب صدر چونڊيو. ان دوران سندس ملاقات جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي اڳواڻ سيد شاهه محمد شاهه سان ڏاڏو متارو ڏاهري معرفت ٿي. ڏاڏو متارو سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو اڳواڻ هو ۽ ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي سان گڏ انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رهندو هو. سيد شاهه محمد شاهه سان پهرين ملاقات بعد سندس مسلسل ملاقاتون ٿينديون رهيون. انهن ڪچهرين ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي کي قوم پرست سياست ڪرڻ جو جذ بو پيدا ڪيو ۽ پاڻ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو. ايل ايم سي ۾ پڙهڻ دوران پاڻ باقائده جيئي سنڌ جي تمام سرگرمين ۾ حصو ورتو. 79ع ۾ جڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي ته جيئي سنڌ آرگنائيزيشن نالي نئون گروپ وجود ۾ آيو. جنهن جو چيئرمين فقير رحمت الله هيسباڻي ٿيو. ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي ۽ ڏاڏو متارو به ان گروپ ۾ شامل ٿيا. جيئي سنڌ جو اهو گروپ جيئي سنڌ کڙتالي گروپ جي نالي سان مشهور ٿيو. کڙتالي گروپ جو نالو پوڻ جو ڪارڻ اهو هو ته بنا سوچ بنا سمجهه جي فيصلا ڪري فوري عمل ڪيو ويندو هو ۽ شاگردن جا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرائڻ بجاءِ ڏنڊي جي زور تي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، 82ع ۾ ايم بي بي ايس فائنل ڪري هائوس جاب ڄامشورو حيدرآباد ۾ ڪيو. 90ع ۾ گورنمنٽ جاب مليس پهرين پوسٽنگ لوڻ کاڻ ۾ اسڪول هيلٿ ايجوڪيشن پروجيڪٽ ۾ ٿيس ان بعد مختلف اسپتالن ۾ ميڊيڪل آفيسر طور رهيو. جن ۾ معروف ڏاهري، پوليس ٽريننگ ڪاليج شهدادپور، تعلقه اسپتال شهدادپور، سول اسپتال مٺي، انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور ڪم ڪيو آهي. سرڪاري جاب ۾ اچڻ بعد سياست ڇڏي ڏني ۽ سماجي ڪم شروع ڪيا. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ به ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي جو ڪردار رهيو. 4 اپريل تي سندس شادي هالا ۾ ٿي ته ان ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ۽ سندس شادي غمي ۾ تبديل ٿي وئي. پاڻ سياست ڇڏي سماجي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي ته سماج سڌارڪ طور سڃاپجڻ لڳو. غريب مريضن کي هڙان وڙان دوائون وٺي ڏيڻ، ٽيسٽون ڪرائڻ، ايڪسري ڪرائڻ، غريب ماڻهن جي نياڻين جي شادين ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، غريب شاگردن جي مدد ڪئي. دوستن جي غمين ۽ خوشين ۾ وقت تي پهچڻ وارو رهيو آهي. 77ع ۾ دادو ضلع جي ٻن واقفڪارن ماڻهن جن کي هڪ ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي هن انهن جي مدد ڪندي ذوالفقار مرزا معرفت بهترين وڪيل ڪري ڪيس ٻيهر اٿلرايو ۽ انهن جي ڦاسي جي سزا ختم ٿي. سندس زندگي جو وڏو ڏک ڊاڪٽر هئڻ جي باوجود والده جو صحيح نموني علاج نه ڪرڻ وارو آهي. پاڻ صوفيانه راڳ جو شوقين آهي. سندس چوڻ آهي ته راڳ ويراڳ روح جي غذا آهي. ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي جو اهو به ڪردار رهيو آهي ته ڪنهن غريب تي ڪو ظلم ڪيو، ڪا ناانصافي ڪئي ته هي پنهنجي طور ان غريب جي هر طرح سان مدد ڪئي. رٽائرڊ ٿيڻ بعد سياست ۾ حصو وٺي سياست ذريعي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته سياسي پارٽين ۾ قيادت جي کوٽ آهي. عوام جي خدمت جي دعويٰ ته سڀ پارٽين وارا ڪن ٿا پر حقيقت ۾ صحيح معنيٰ ۾ ڪوبه خدمت نه ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي جي آئيڊيل شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سندس خواهش آهي ته رٽائر ٿيڻ بعد پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ هڪ خيراتي اسپتال کوليان. کيس هڪ پٽ شهزاد خاصخيلي ۽ 5 نياڻيون آهن.