شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

نوجوان سماجي ورڪر شهزاد خاصخيلي

شهدادپور جي چاڪي پاڙي جو شهزاد خاصخيلي جنهن کي پيار مان دلاور به چون پاڻ سماجي ڪمن ۾ پيش پيش نظر ايندو آهي. 16 نومبر 1976ع تي محمد حسين خاصخيلي جيڪو ادب دوست شخصيت ۽ ڊگري ڪاليج شهدادپور ۾ ڪلارڪ هو ان جي گهر ۾ جنم ورتو، شهزاد جي والده ماسي ساران شهدادپور جي سينيئر ترين، ذهين ٽيچر رهي آهي. شهزاد اڃان ننڍو هو ته والد وفات ڪري ويو، شاگردي دور ۾ قومپرست پارٽي سان وابسته ٿيو بعد ۾ پ پ ش ڀ سان مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت بعد سياست ڇڏي سماجي ڪم شروع ڪيا، پاڻ سروري تنظيم شهدادپور سٽي جو جنرل سيڪريٽري پڻ آهي. ادب سان گهري دلچسپي رکي ٿو. اسلامي فقه ۽ تاريخي ڪتاب دلچسپي سان پڙهي ٿو، ڪجهه سال اڳ اخبارن ۾ آرٽيڪل به لکڻ شروع ڪيا پر ڪڙو سچ لکڻ ڪري اخبار وارن سندس آرٽيڪلن جو آپريشن ڪيو ته لکڻ ڇڏي ڏنو، ڪنهن به ماڻهو جو ڪنهن آفيس ۾ ڪم ڦاٿل هجي پاڻ ڪوششون ڪري اهي مسئلا حل ڪرائيندو آهي. ماضي ۾ رضاڪارانه طور بلڊ ڊونرز جي ننڍڙي سطح تي تنظيم به ٺاهي، هاڻ به پاڙي ۾ ڪنهن کي به مريض لاءِ رت جي ضرورت هوندي آهي ۽ رت ڪٿان نه ملي ته شهزاد ڪٿان نه ڪٿان هٿ ڪري ڏيندو آهي، غريب مريضن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرائيندو آهي، خود بي روزگار ۽ غريب هئڻ جي باوجود انهن جي مدد به ڪندو آهي. پاڙي جي غريب شاگردن کي ٽيوشن به ڏيندو آهي. شهر ۾ سماجي، علمي، ادبي، ثقافتي پروگرامن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پروگرام ڪرڻ وارن جو ساٿ ڏيندو رهيو آهي.