جاکوڙي سماجي ورڪر خاتون مهر انساءَ ملاح
مهر انساءَ ملاح 5 مارچ 1982ع تي حيدرآباد ۾ تعلقو ڏيٿا اسٽيشن ويجهو ڳوٺ موليڏنو ملاح ۾ هڪ غريب هاري محمد بچل ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ذهين رهي. اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڪجهه بڻجڻ جي خواهش رکڻ جي باوجود علائقي ۾ اسڪول نه هئڻ ڪري صرف 8 درجي تائين تعليم حاصل ڪري سگهي ننڍي هوندي کان پنهنجي ڀيڻ زيب انساءَ ملاح جيڪا مشهور سماج سڌارڪ آهي ان سان سماجي پروگرامن ريلين گڏجاڻين ۾ وڃڻ ڪري هن کي به سماجي ڪم ڪرڻ جو جنون پيدا ٿيو. شادي بعد جڏهن ڳوٺ موليڏنو ملاح مان ڳوٺ ميمڻ ڪي وسي ۾ آئي ته اتي ڪچي شراب جي بٺن منشيات جي وڪري ٻين سماجي براين عورتن جي تزليل عورتن ساڻ ناروا سلوڪ ڏسندي کيس ڏک ٿيو ۽ هن عزم ڪيو ته هوءِ ان خلاف آواز اٿاريندي ليڪن هن جو جذبو پنهنجي جاءِ تي پر هن مرداني معاشري خاص طور جتي ڀوتارڪو نظام هجي جتي عورتن جي ڪابه اهميت نه هجي جتي عورتن تي ظلم زيادتيون عام روايتي ڳالهه هجي اتي ان ڪٽ کاڌل سماج خلاف بغاوت ڪرڻ ان معاشري جي غلط طريقن خلاف آواز اٿارڻ ايترو آسان نه هو پر هن همٿ نه هاري مٽ مائيٽن ساهرن جي روڪڻ جي باوجود هن اهڙي ڪٽ کاڌل معاشري خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو. جڏهن هن ڳوٺ ۽ علائقي ۾ منشيات ٺري جي بٺين عورتن سان غلط سلوڪ خلاف آواز اٿاريو ۽ ميڊيا ۽ قانون جي مدد ورتي ته علائقي جي ڪجهه بااثر ماڻهن مهر انسآءَ ۽ سندس ساهرن جو گهيرو تنگ ڪيو. ڪيترائي ڀيرا هٿيار کڻي هن جي در تي آيا هن کي هر طرح سان ڌمڪايو پر هن پنهنجو حوصلو نه هاريو همٿ ڪندي نه صرف جدوجهد جاري رکي پر سندس آواز دٻائيڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروايون ڪرايون جنهن سان هن سماج جي نامنهاد ٺيڪيدارن سان وڌيڪ دشمني پرائي پر پاڻ همٿ هارائيڻ بجاءِ جدوجهد جاري رکي جنهن ڪري اڄ سندس ڳوٺ ۽ آسپاس واري علائقي جا ساڃاهه وند ۽ غريب ماڻهن وٽ سندس عزت احترام ۽ ڀوتارن ۽ سماجي براين جي سرپرستي ڪندڙن جي اک ۾ ڪنڊي مثل آهي. ڪجهه سال پهرين سندس ڪوششن سان ڳوٺ ۾ هڪ اين جي او پاران ٻه اسڪول هڪ پرائمري ٻيو نرسري کوليا نرسري اسڪول ۾ پاڻ رضاڪارانه طور ٻارن کي پڙهايو ڳوٺ ۾ تعليمي بالغان جو اسڪول به ڪافي سال هلايو پاڻ هينڊز ، اين ايچ ڊي، سافڪو، مارئي، آباد ۽ ٻين سماجي تنظيمن کان به پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن لاءِ مختلف پروجيڪٽ ورتا ۽ اهي پاڻ رضاڪارانه طور نگران طور هلايا. 2010 ع واري سنڌو درياءِ واري ٻوڏ ۾ پاڻ متاثرين کي حڪومت توڙي مختلف اين جي اوز کان کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سامان وٺي متاثرين ۾ ورهائيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آباد تنظيم جي پليٽ فارم تان پڻ ماڻهن کي پنهنجي حقن جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ رضا ڪارانه طور ڪم ڪيو هن علائقي ۾ ان حوالي سان ليڪچر پروگرام به ڪرايا جنهن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن جو سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي سٻاجهڙن ماڻهن کي پنهنجي حقن ۽ قانون بابت ڄاڻ ۽ سجاڳي آئي آهي. علائقي ۾ ڪنهن به ماڻهن سان ظلم زيادتي ٿئي يا ڪنهن ماڻهو جو ڪو مسئلو آهي ته هو هن کي سهارو سمجهي هن وٽ اچن ٿا خاص طور عورتن جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ متعلق آفيسن ۾ وڃي ٿي. پاڻ غريب مريضن کي اسپتالن ۾ وٺي داخل ڪرائي ٿي ۽ کين اسپتال مان دوائون وٺرائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پاڻ عوامي مسئلن سماجي براين عورتن سان ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف احتجاج به ڪندي رهي آهي اگر ڪنهن سان ٿيل زيادتي جي پوليس ايف آءِ آر داخل نه ٿي ڪري ته کين انساني حقن تي ڪم ڪندڙ ادارن ۽ وڪيلن کان مفت ۽ قانوني مدد وٺي پوليس کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي مجبور ڪندي رهي آهي، پاڻ علائقي ۾ ننڍي عمر جي شادين ۽ زوري شادين ڪرائيڻ خلاف مهاڏا اٽڪائيندي رهي آهي سندس اهڙي جدوجهد جي اعتراف طور15 20ع ۾ کيس اسلام آباد ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪميشن پاران ايوارڊ ڏنو ويو آهي کيس ٻين تنظيمن پاران به ايوارڊ ڏنا ويا آهن.
مهرالنساءَ مختلف اخبارن ۾ عوامي مسئلن بابت به ايڊيٽر جي ٽپال ۾ لکيو کيس شاعري ڪرڻ جو شوق به رهيو آهي. پر چاهيندي به شاعري نه ڪري سگهي. کيس ادبي شوق به آهي مختلف موضوع جا ڪتاب پڙهندي رهي آهي سندس موسيقي سان به گهري دلچسپي رهي آهي پاڻ به شوقيه طور بهترين انداز ۾ ڳائي ٿي . رشتيدارن جي شادين ۽ ٻين خوشين جي اهڙي تقريبات ۾ ڳايو آهي.سندس آواز ۽ ڳائيڻ جو انداز خوبصورت آهي اگر موسيقي جي سکيا وٺي ته بهترين فنڪاره به بڻجي سگهي ٿي پر کيس صرف عوام جي خدمت ڪرڻ جو جنون آهي پاڻ ايتري حساس جو ڪنهن جو ڏک نه ٿي ڏسي سگهي. عورتن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پاڻ بختاور سماج تنظيم نالي تنظيم جو بنياد به وڌو آهي رضاڪارانه طور ڪم ڪرڻ جو جذبو رکندڙ علائقي جي ڪجه ماڻهن سان گڏ سماج جي بهتري لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي سماجي براين خلاف آواز اٿارڻ مظلوم عورتن جو ڀر جهلو ٿيڻ ڪري مٿس ڏکيا ڏينهن به ايندا رهيا آهن، ساهرن پاران به مخالفت ٿيڻ جي باوجود ڪم جاري رکيو اچي، پاڻ 14 سالن جي هئي ته سندس شادي ميمڻ ڪيسي جي نديم ملاح سان ٿي جنهن مان کيس 2 فرزند ۽ نياڻي آهن.