شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

علمي، ادبي شخصيت پروفيسر اعجاز علي ميمڻ

پروفيسر اعجاز علي ميمڻ ضلع نوشهروفيروز ۾ خان بهادر الهندو شاهه جي شهر درٻيلو ۾ 1941ع ۾ هڪ ننڍڙي زميندار علي محمد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ان دور ۾ تعليم عام نه هئي غريب ته رهيا پري پر وچولي طبقي جا ماڻهو به تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم هئا. اهڙي ماحول ۾ به پروفيسر اعجاز علي ميمڻ کي تعليم حاصل ڪري ڪجهه پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي خدمت واري جذبي تحت وڏا ڪشالا ڪڍي تعليم حاصل ڪئي پاڻ ايم اي اڪنامڪس، ايل ايل بي پاس ڪئي ته کيس ايڇ ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور ۾ مقرر ڪيو ويو. پاڻ حقيقي استاد وارو ڪردار ادا ڪندي شاگردن کي پنهنجو اولاد سمجهي تعليم ڏني. پاڻ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ مثالي استاد هئا. 1972ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ليڪچرشپ جو امتحان پاس ڪري سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا. ليڪن پاڻ حيدرآباد ۾ رهڻ بجاءِ سهڻي ميهار جي شهر شهدادپور ۾ رهڻ کي اهميت ڏيندي مستقل طور هتي رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ آخري وقت تائين شهدادپور ۾ ئي رهيو. اسلامي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهيا. سندس لطيف سائين ۽ ٻين بزرگن اوليائن سان محبت ۽ عقيدت هئي لطيف سان ته سندس عشق هو. حيدرآباد مان شهدادپور ايندي لطيف جي مزار تي حاضري ڀريندو هو. جهڙوڪ هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا لطيف جي آخري آرام گاهه تي سلامي ڀرڻ سندس فرض ۾ شامل هجي. کيس لطيف سائين جو تقريبن رسالو ياد هو. پاڻ درگاهه تي ٻهاري به ڏيندو هو. پاڻ سرڪاري ڊيوٽي کي عبادت سمجهي ڪندا هئا. سندس دوستن جو حلقو مختصر هو. شهدادپور ۾ سائين استاد دادن ڀٽو، استاد ڄام بادل جکرو، حيدرآباد ۾ ليڪچرار قاضي صاحب، ليڪچرار چوهاڻ صاحب، ليڪچرار بوزدار صاحب سندس ويجها دوست رهيا.
پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ادب جي حوالي سان متاثر هئا ۽ ادب ۾ سندس آئيڊيل به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو. ڊاڪٽر بلوچ جي ذاتي شخصيت مان به متاثر هئا. جو پنهنجي شهپرن جو اسٽائل به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شهپرن جهڙو ڪرايائين. پاڻ مخلص، سچو انسان هو ۽ اديبن، علم دوست، عالمن، مخلص ۽ سچن انسانن سان ملندي خوشي محسوس ڪندو هو. سگهڙن جون ڪچهريون شوق سان ٻڌندو هو. سال ۾ ٻه دفعا پنهنجي جنم ڀومي درٻيلو ويندو هو ۽ اتي پنهنجي مٽ مائٽن ننڍپڻ جي دوستن سان ملندو هو. انهن سان ڪچهريون ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. پاڻ مائڪرو اڪنامنس ۽ مڊڪو اڪنامنس تي 20 کن شاندار ڪتاب لکيا جيڪي ڪورس ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ ريفرنس بوڪ طور به استعمال ٿين ٿا. پاڻ زندگي جي آخري حصي ۾ مختلف موضوع تي پڻ شاندار ڪتاب لکي رهيو هو. پر زندگي ساڻن وفا نه ڪئي ۽ اهي ڪتاب مڪمل ڪرڻ کان اڳ پاڻ الله کي پيارو ٿي ويو. 1980ع ۾ پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نيوز ڪاسٽر به ٿيو ۽ ريڊيو پاڪستان تي اقتصاديات تي هڪ پروگرام جو ميزبان به رهيو. خاص طور ملڪ جي ساليانه بجيٽ پيش ٿيڻ بعد بجيٽ تي پروفيسر اعجاز علي ميمڻ کان تبصرو ڪرايو ويندو هو. جيڪو قومي رابطي تحت پاڪستان جي سڀن ريڊيو اسٽيشنن تي نشر ٿيندو هو. پاڻ اڪنامڪس جو ماهر هو. ريڊيو پاڪستان تي سندس خبرن پڙهڻ جو انداز به ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو. لاکيڻي لطيف لاءِ سندس چوڻ هو ته لطيف اسان جي معرفت جو ذريعو آهي. سندس شاعري قرآن شريف جي سنڌي ۾ تشريح آهي. لطيف سائين روحاني شاعر آهي. جنهن دين دنيا جي مسئلن کي باريڪيءَ سان ڏٺو. پروفيسر اعجاز علي ميمڻ لطيف سائين جي شاعري ۽ فڪر تي به اخبارن ۾ ڪافي مضمون لکيا. پاڻ حيدرآ باد مان شهدادپور ايندو هو ته فجر جي نماز بعد لطيف جي شاعري جي لازوال پيار محبت جي داستان سهڻي جي مزار تي وڃي ڪيترو ئي وقت اتي ويهي سڪون محسوس ڪندو هو. پاڻ فقير منش، سادگي پسند زندگي ۾ ڪنهن جي به دل آزاري نه ڪئي. کيس اڇي ۽ آسماني رنگ جا ڪپڙا گلاب جو گل ڏاڍو وڻندو هو ۽ اڪثر سندس هٿ ۾ گلاب جو گل هوندو هو. کيس زندگي ۾ ٻن ڏکن سندس دل دماغ تي گهرو اثر ڇڏيو. هڪ سندس اباڻو باغ وڪرو ٿي وڻ وڍجڻ ٻيو سندس ننڍو ڀاءُ اياز محمد جيڪو ڊائريڪٽر زراعت هو. ان تي کيس ڏک هو ته ان کي پنهنجون خواهشون ماري کيس اعليٰ تعليم ڏياري پر هو وڏي عهدي جي ڪرسي تي پهچڻ بعد کيس وڏي ڀاءُ وارو درجو نه ڏنو. انهن ٻنهي ڏکن خاص طور ڀاءُ جي اهڙي رويي جي ڏک جون ڳالهيون دل وارن دوستن ۽ مٽ مائٽن سان ڪندي غمگين ٿي ويندو هو ۽ روئي ڏيندو هو ۽ اهو ڏک قبر ۾ کڻي ويو. پاڻ پنهنجي شاگردن ۽ اولاد کي وقت وڃائڻ بجاءِ سڄو توجه تعليم تي ڏيڻ لاءِ چوندو هو. سندس خواهش هئي ته سندس وڏو پٽ سليم ميمڻ انجنيئر ٿئي يا سي ايس ايس ڪري آفيسر ٿئي، سندس اها خواهش ته پوري ٿي پر سندس وصال بعد سندس فرزند سليم ميمڻ سي ايس ايس ڪري ڪسٽم ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿيو ۽ هاڻ ڪليڪٽر آهي. يقينن پروفيسر اعجاز ميمڻ جو روح سندس خواهش پوري ٿيڻ تي ضرور خوش هوندو. پاڻ 8 سال کن شگر جهڙي موضي مرض ۾ گذارڻ بعد 97-8-19 ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ بخاري قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ ستل آهي. سندس وڏو فرزند محمد سليم ميمڻ 25 جولاءِ 1969ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري مين سنڌي پرائمري اسڪول شهدادپور مان ڇهين کان ڏهين ڪلاس تائين گورنمنٽ ميونسپل هاءِ اسڪول مان فرسٽ ايئر گورنمنٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور مان سول انجنيئرنگ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۽ ايم اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي جڏهن ته پاڻ بينڪنگ ڪميشن جي امتحان ۾ پاس ٿيو ته کيس ايم سي بي ۾ آفيسر جو آرڊر مليو. پر 3 سالن جو بانڊ لکي ڏيڻ وارو شرط قبول نه ڪندي اها نوڪري نه ڪئي. ڇاڪاڻ ته پاڻ سي ايس ايس جون تياريون ڪري رهيو هو.
1998ع ۾ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪليڪٽر ڪسٽم طور مقرر ٿيو. هاڻ پاڻ ڪليڪٽر آهي. پروفيسر اعجاز احمد ميمڻ جو ٻيو فرزند محمد حليم ميمڻ ايل ايل بي ڪرڻ بعد وڪالت ڪري رهيو آهي. هاڻ هي ٻئي ڀائر حيدرآباد رهن، پر شهدادپور وارو گهر به پاڻ وٽ ئي رکيو اٿن، شهدادپور توڙي شهر وارن سان ناتا ختم نه ڪيا آهن، وقت به وقت شهدادپور ۾ ايندا رهن ٿا ۽ هتان جي مٽ مائٽن، دوست جي خوشين، غمن ۾ بروقت شرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. والد وانگر لطيف سائين سان عقيدت رکندڙ، سٺن دوستن جو محدود حلقو رکن ٿا. انسان دوست ۽ ادب دوست، ذهين، سنجيده انسان آهن. محترم سليم ميمڻ جو لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ شايع ٿيندڙ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جي حوالي سان سندس وڏو ساٿ مالي مدد رهي آهي.
(هن مضمون لاءِ سائين محمد دادن ڀٽو مرحوم، ڄام بادل جکرو ۽ مرحوم پروفيسر اعجاز جي فزند سليم ميمڻ ۽ سندس پاڙي چاڪي پاڙو جي پراڻن پاڙيسرين کان معلومات ورتي ويئي هئي).