گهڻ پاسائين شخصيت سيد ذوالقرنين شاهه
سندس ڪرڪيٽ سان به ننڍي هوندي کان شوق رهيو آهي. ڀٽ شاهه جي شاگردن ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڀٽائي اسپورٽس ڪلب قائم ڪئي ۽ ان کي رجسٽرڊ ڪرايو. ڏهين ڪلاس جو شاگرد هو ته اخبارن ۾ آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا. ايڊيٽر جي ٽپال ذريعي ڀٽ شاهه جي بنيادي مسئلن کي اُجاگر ڪيو. 75ع ۾ آفتاب اخبار کان صحافت شروع ڪئي، بعد ۾ عبرت جو به رپورٽر ٿيو.بقول سندس ته 1967ع ۾ پ پ جو هالا ۾ ڪنوينشن جي موقعي تي جيڪو محفل سينيما هالا ۾ ٿيو قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪري پ پ ۾ باقاعده شموليت اختيار ڪئي. هالا ڪنوينشن کان پهرين ڀُٽي صاحب درگاهه ڀٽائي تي حاضري ڀري هئي. 73ع ۾ سپاف ڀٽ شاهه جو صدر جي حيثيت سان سياست ۾ پير پاتو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت سان ڀٽ شاهه ايئرپورٽ تي لٿو ته ذوالقرنين شاهه هيلي پيڊ تي ملاقات ڪئي ۽ کيس گذارش ڪئي ته ڀٽ شاهه جي مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو وڃي، ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم تي ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو هفتي اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ بلڊنگ منظور ڪئي، 1976ع ۾ پ پ ڀٽ شاهه جو صدر ٿيو. سپاف ۽ پ پ ڀٽ شاهه جي صدر جي حيثيت سان ڪيترن ئي غريبن جي اولاد کي نوڪريون ڏياريون، عوامي سماجي ڪم ڪيا.
جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته پاڻ ان تحريڪ ۾ ثابت قدم رهيو. جلسا جلوس ڪڍيا، 23 آگسٽ 1983ع تي 10 ساٿين سان گڏ ڀٽ شاهه مان گرفتاري ڏني، 5 مهينا سينٽرل جيل حيدرآباد رهيو، ان بعد پارٽي جي حڪم تي ضمانت ڪرائي پاڻ1985ع کان1997 تائين بي بي ايل بئنڪ ۾ آفيسر رهڻ جي باوجود سياست، ادب ۾ اهو ئي سرگرم رهيو. پاڻ ڪافي عرصي کان نواءِ وقت اخبار جو رپورٽر پڻ آهي، هڪ صحافي جي حيثيت سان هن علائقي جا مسئلا معاشرياتي مسئلن، ڪرپشن خلاف لکي پاڻ کي بهترين صحافي طور مڃايو آهي، پاڻ شاهه لطيف تي 200 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا، مضمون لکيا آهن. جڏهن ته ٻين موضوع تي ۽ لاتعداد اشوز تي پڻ آرٽيڪل لکيا آهن، سندس آرٽيڪل مضمون عبرت، ڪاوش، هلال پاڪستان، عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا، پاڻ سنڌي ٻولي جي خودمختيار اداري جي ان ڪميٽي جو به ميمبر آهي، جيڪا اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي سنڌي ٻولي جي غلط لفظن جي نشاندهي ڪندي غلطيون ڪڍي انهن ادارن ڏانهن موڪليندي آهي ته سنڌي اردو يا ٻين ٻولين جا لفظ ڏنا ويا آهن. پاڻ شاهه لطيف ڀٽائي ريسرچ سينٽر (سيل) جو اعزازي انچارج آهي. ڪيترن ئي ادبي، سماجي، ثقافتي تنظيمن جو اعزازي ميمبر پڻ آهي، جيڪي ماڻهو صوفين تي خاص طور لطيف سائين تي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل ڪرڻ چاهين پيا يا اسائيمنٽ وارا آهن، انهن جي مدد ڪندو رهيو آهي. پاڻ ايف ايم ڀٽ شاهه جو 2008ع کان ڪمپيئر به آهي ايف ايم تي ڪيترائي پروگرام ڪيا آهن ۽ ڪري رهيو آهي ايف ايم تي ، علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن جا انٽرويو به ڪيا آهن. مشهور ڳوٺاڻو پروگرام مجلس ماروئڙن جو ميزبان به آهي. کيس موسيقي جي وڏي ڄاڻ آهي. پاڻ شوقيه طور هر قسم جو راڳ ڳائي به ٿو. پاڻ شاهه سائين جي ڪلام جو پارکو به آهي. کيس مختلف علمي، ادبي، ثقافتي تنظيمن ۽ ادارن پاران کيس مڃتا طور ايوارڊ به مليا آهن. ۽ 2005ع ۾ ثقافت کاتي پاران لطيف سائين تي ڪم ڪرڻ ئي ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب ۾ ايوارڊ ڏنو ويو. جيڪو گورنر سنڌ هٿان وصول ڪيو. شاهه لطيف چيئر يونيورسٽي آف ڪراچي وارن 2005ع ۾ سندس خدمتون حاصل ڪندي کيس ريسرچر مقرر ڪيو، جتي 3 سالن تائين ڪم ڪيو، جنهن ۾ ڀٽ شاهه جي تاريخ تهذيب، تمدن، جاگرافي بابت مواد ڏنو، ان مواد جي مدد شاهه شاهه لطيف جا ڪجهه واليم ڇپيا آهن، ان جا ڪُل 11 واليم آهن، جن ۾ ٻين اديبن غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، نواز علي شوق، تاج جويو ۽ ٻين جو به مواد شامل آهي.
1995ع ۾ سندس مدد سان اڳوڻو ڊي جي ثقافت منظور قناسرو پاران شايع ڪيل ڪتاب“ڀٽائي جو ثقافتي ورثو” شايع ٿيو، ان ڪتاب تي منظور قناسرو کي ثقافت کاتي پاران هڪ لک رپيا انعام ڏنو ويو.
سندس وڏي کان وڏي خواهش اها آهي ته ڀٽ شاهه شهر کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن انداز ۾ جديد شهر بنائڻ چاهيو پئي اهڙو ئي شهر بنايو وڃي. سندس لطيف جي نگري جي تعليمي ادارن کي مثالي بنائيڻ لاءِ به هر طرح سان ڪوششون ڪندو رهي ٿو. سچ لکڻ جي ڪري مٿس ڏکيا ڏنهن به آيا آهن. سندس خواهش آهي ته لطيف سائين جي شهر ۾ علم ادب عام ٿئي. جهالت پري ٿئي، . سندس آئيڊيل شخصيت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، ادب ۾ محمد ابراهيم جويو، پير علي محمد راشدي، جي ايم سيد، شاعرن ۾ لطيف سائين، شيخ اياز، سوز هالائي، احمد خان مدهوش، ڀٽ شاهه جي شخصيتن ۾ سيد غلام مهدي شاهه ولد سيد شاهه ڏنو شاهه، انجنيئر پير محمد ساند، محمد الياس ملاح، کيس فنڪارن ۾ استاد جُمن، استاد محمد ابراهيم، فقير عبدالغفور وڻندڙ آهن. کيس سائين جي ايم سيد جو ڪتاب جنب گذاريم جن سين حسام الدين راشدي جو اُهي ڏينهن اهي شينهن پسند اٿس. 2012ع ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ لطيف سائين جي راڳ تي پروگرام ٿيو، ان ۾ 3 مشهور راڳين حصو ورتو. اُن مقابلي ۾ ذوالقرنين شاهه به حصو ورتو ۽ پاڻ نمبر ون تي آيو.
1978ع ۾ پاڻ گورنمينٽ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ شاگرد يونين جي چونڊن ۾ اڪثريت سان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ۽ ڪاليج جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪاليج ۾ نياڻين جي پڙهڻ جو ماحول پيدا ڪيو. پاڻ صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه مان صوفي ازم ۾ ماسٽر ڊگري پڻ حاصل ڪئي آهي.