شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

مدن فقير جو تسلسل ديوان گاگن داس مدناڻي

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڀلاري ڀون ڀٽ شاهه جو ڄائو ديوان گاگن داس، ادب دوست، يار ويس، مهمان نواز، ولين سان عقيت ڪندڙ، سماج سڌارڪ، عوام جي خدمت کي افضل عبادت سمجهندڙ آهي. سندس انهن ڳڻن جي خوشبوءِ هاڪ نه صرف سنڌ پر هندستان ۾ به مشهور آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت مان جيڪي اديب شاعر، فنڪار ياتري ڀٽ شاهه اچن ٿا، ديوان گگن داس نه صرف انهن جو مانائتو استقبال ڪندو آهي پر سندن اعزاز ۾ دعوتون به ڪندو رهيو آهي. هن نفسانفسي واري دور ۾ جتي ماڻهو پنهنجن مٽ مائٽن کي به ياد نه ٿا ڪن انهن سان ميل ملاقاتن لاءِ وقت نه آهي، اتي ديوان گاگن داس ايندڙ دوستن لاءِ نيڻ وڇائيندو آهي، سنڌ جا اڪثر ديوان ڪاروباري آهن، اهي پاڻ کي ڪاروبار تائين محدود رکن ٿا، ليڪن ديوان گاگن داس پيٽ گذر لاءِ ڪاروبار ته ڪري ٿو پر پاڻ علمي، ادبي، سماجي ثقافتي سرگرمين لاءِ به باقائده وقت ڪڍندو رهيو آهي. ڀٽ شاهه ۾ ٿيندڙ تقريبن اهڙن تقريبات ۾ ديوان گاگن داس جي شرڪت کي اعزاز سمجهيو ويندو آهي. فقير منش انسان ديوان گاگن داس ڏيک ڏيکاءَ واري سلسلي کان پري ڀڄندڙ آهي، سندس اهو نظريو آهي ته اسان جيڪي شيوا ڪريون ٿا اهو ڪنهن تي احسان نه آهي پر اسين پنهنجو فرض نڀايون ٿا. ديوان گاگن داس کي عوامي خدمت ورثي ۾ مليل آهي، سندس ڏاڏو شري پارومل پنهنجي دور جو وڏو مهمان نواز اوطاقي ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي، سندس اوطاق مهمان خانو بنيل هوندي هئي، ڪيترا اڻ سڃاتل مهمان اچي وڃن ته به کين لکين عزتون ڏيندو هو. حال سارو مهمان نوازي ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو. سندس والد شري نارائڻ داس به وڏو مهمان نواز رهيو. گاگن داس جي ڏاڏي پارومل ولد ڪشن چند ۽ سندس شريمتي لاءِ مشهور آهي ته ڪٿان جو به ڪو لطيفي پانڌيئڙو هندو هجي يا مسلمان هن وٽ ايندو هو ته ان جي خدمت ۽ مهمان نوازي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا هئا. وٽن مينهون، ڍڳيون جام هيون، انهن جو کير، لسي، مکڻ ڏهي مهمانن لاءِ هوندي هئي. اتفاق سان وٽن ڪو مهمان نه ايندو هو ته ان ڏينهن اداس هوندا هئا. ديوان گاگن داس لطيف سائين جي هم عصر هندو سنت مدن فقير جي خاندان جو فرد آهي، جڏهن ته سندس ناناڻا وري دنيا جي مشهور صوفي سنت ٽيئورام جي خاندان جا آهن، ديوان گاگن داس ننڍي هوندي کان فقير طبيعت جو مالڪ رهيو آهي، سندس ادب ۽ راڳ ويراڳ سان گهري دلچسپي رهي آهي، پاڻ بهترين شوقيه فنڪار به آهي. نجي محفلن ۾ پاڻ باقاعده سازن تي خوب ڳائنيدو آهي، ننڍي هوندي کان اڄ تائين لطيف سائين جي دربار ۾ روزانو حاضري ڏيندو آهي. سندس سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي اوليائن سان عقيدت آهي، جتي به پاڻ حاضريون ڏيڻ لاءِ ويندو رهي ٿو، پاڻ لطيف سائين جي مشهور راڳي يعقوب شهيد جو ڪيترن ئي سالن کان 3 روزه ميلو ڪرائيندو آهي، جتي شاندار ملاکڙو، ادبي ڪچهري ۽ محفل موسيقي پڻ ٿيندي آهي. آخري رات تي مڃتا ايوارڊ به ڏنا ويندا آهن. ديوان گاگن داس اديب، شاعر ته نه آهي پر ادب دوست ضرور آهي، کين لطيف سائين، سچل سرمست، ڪبير ڀڳت، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ٻين صوفي بزرگن شاعرن جي شاعري بيحد وڻندي آهي ۽ نجي محفلن ۾ به انهن شاعرن جي شاعري ڳائيندو به آهي. يعقوب شهيد جي عرس ۾ پاڻ عقيدت وچان ڳائيندو آهي، ان موقعي تي خيرخيراتون به ڪندو آهي، جڏهن ته شيخ اياز کي سندس وصيت موجب ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ ڪنڌي ڌرتي ماءُ هنج حوالي ڪيو ويو ته ديوان گاگن داس ۽ سندس دوست گل محمد شيدي سابق ڊائريڪٽر اسٽيٽ بئنڪ گڏجي شيخ اياز جو ٽيجهو وڏي سطح تي ڪيو ۽ وڏي خيرات ڪئي. قرآن خواني ڪرائي ۽ شيخ اياز جي مزار جي باقاعده سار سنڀال لهڻ لڳو ۽ شيخ اياز جي هر ورسي تي لنگر نياز جو انتظام ڪندو آهي ۽ مزار تي مشاعرو، راڳ رهاڻ، قرآن خواني ڪرائيندو آهي. سندس اهڙين خدمتن جي پيش نظر کيس شيخ اياز مزار ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ اياز جي مزار تي تقريبن روزانو ڀيرو ڀڃندو آهي. ۽ سندس قبر تي گل رکندو آهي ۽ شيخ اياز جي ورسي تي ايندڙ اديب شاعرن، فنڪارن اياز جي مداحن کي چانهه بسڪيٽ ۽ ماني کارائيندو آهي، ماضي ۾ سنڌ صحافي سنگت پاران ديوان گاگن داس جي مڪمل سهڪار سان اياز جي سندس مزار تي وڏي پيماني تي ڪجهه ورسيون ملهايون ويون، جنهن ۾ مشهور ادبين، شاعرن فنڪارن شيخ اياز جي گهر ڀاتين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شيخ اياز ايوارڊ به ڏنا ويا. 2003ع ۾ شاهه لطيف جي عرس مبارڪ ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ ثقافت کاتي وارن وٽ شايد بجيٽ نه هئي، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي چوڻ تي ديوان گاگن داس 200 کان وڌيڪ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي وي آءِ پي ريفريشمنٽ ڪرائي. لطيف سائين جي جشن ولادت ۾ ڪافي سال ديوان گاگن داس هڪ ڏينهن جو ملاکڙو به ڪرايو ۽ درگاهه تي شيري جو نياز ڪندو آهي ۽ ٻه ٽي مڻ مٺائي ورهائيندو آهي. لطيف سائين جي ميلي ۾ سندس اوطاق مدناڻي هائوس تي يار دوست، واقفڪار اڻ واقف اديب، شاعر، فنڪار ادب دوست اچي نڪرندا آهن، جن جي باقاعده مهمان نوازي ڪندو آهي. لطيف جي عرس مبارڪ تي سندس اوطاق تي راڳ رهاڻ جي محفل ۽ مشاعرو ٿيندو آهي.
لطيف سائين جو ميلو جتي ايترن ماڻهن کي رڳو چانهه پاڻي پيارڻ وڏو مسئلو بنيل هوندو آهي، اتي وڏي تعداد ۾ دوستن ۽ عام ماڻهن کي ماني کارائڻ وڏو مسئلو هوندو آهي، پر ديوان گاگن داس مهمان نوازي ڪندي خوشي محسوس ڪندو آهي. پاڻ سنڌ جي صحافين جي حقن جي علمدار ۽ نمائنده تنظيم سنڌ صحافي سنگت جو تاحيات اعزازي ميمبر به آهي. ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جو اعزازي ايڊيٽر پڻ آهي. ديوان گاگن داس وٽ گهر ۾ ۽ اوطاق ۾ هر قسم جي ڪتابن تي مبني هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ آهي. هر مذهب جا ڪتاب به سندس مطالعي هيٺ رهيا آهن. پاڻ بيحد مصروفيتن جي باوجود دوستن جي خوشين ۽ غمگين ۾ شريڪ ٿيندو آهي. پاڻ شاهه حبيب چوڪ وٽ مدناڻي ڪافي ٺاهڻ لاءِ وڏو پلاٽ ورتو آهي، جتي ڪجهه اڏاوت به ڪرائي آهي، اتي ميلي ۾ اتر لاڙ جا لطيفي فقراءَ اچي رهندا آهن، جڏهن ته سندس گهر ڀرسان واري اوطاق تي به مهمان هوندا آهن، ديوان گاگن داس سماج سڌارڪ شيوا داس هئڻ ناتي ڪيترن ئي غريب ماڻهن ۽ غريب شاگردن جي مدد ڪندو رهيو آهي، ڪيترن ئي غريب بيمار ماڻهن جو اعلاج به ڪرائيندو آهي. 1996ع کان اڳ ديوان گاگن داس کي آئون روايتي ديوان سمجهندو هئس، هن وٽ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جي حوالي سان وڃڻ ٿيو، اتي رستي ويندڙ هڪ واٽهڙو عورت گرمي جي ڪري بي هوش ٿي وئي، ان سان گڏ ٻه ننڍڙا معصوم ٻارڙا به هئا. اهي پنهنجي ماءُ کي بي هوش ڏسي روئڻ لڳا، اتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي ويا پر ان غريب مائي جي مدد ڪرڻ بجاءِ تماشائي بنيل هئا، اتي ديوان گاگن داس جنهن وٽ ڪجهه خاص دوست آيل هئا، انهن کي ڇڏي ان مائي کي کڻي اسپتال پهتو جتي ان کي هوش ۾ آندو ويو بعد ۾ ان کي ضروري ميڊيسن ڏياري گهر ڇڏي آيو. سندس اهڙي ادا اهڙو ته مون کي متاثر ڪيو ۽ آئون سندس مداح بنجي ويس ۽ ساڻس ڀائرن جهڙي دوستي ٿي وئي، بعد د۾ خبر پئي ته اهڙا فلاحي ڪم پاڻ تقريبن روز ڪري ٿو. ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جي حوالي سان به سندس مون سان مڪمل ساٿ رهندو اچي، اسان سڀني دوستن کي مٿس فخر آهي، اسين سندس اهڙين خدمتن جو مختلف محفلن ۾ مختلف فورمن تي ذڪر ڪندا آهيون. اسان جا ڪافي ديوان دوست آهن جيڪي هجت وارا به آهن پر هو دوستن تي خرچ ڪرڻ کان اڳ سوچيندا آهن، ته هن مان اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو، ليڪن ديوان گاگن داس انهن ديوانن کان مختلف آهي، سندس دوستي لالچ کان خالي آهي، مون کي ذاتي طور خبر آهي ته ديوان گاگن داس جي اهڙي مهمان نوازي، سخاوت، يار ويسي، ادبي، ثقافتي سماجي سرگرمين ۾ اڳتي هجڻ، اتي خرچ ڪرڻ واري جذبي تي سندس مٽ مائٽ کيس ٽوڪيندا آهن ۽ ناراض به ٿيندا آهن ته فضول خرچ نه ڪر، اڪن تي اٽا نه هار، هنن ڏٺن کي ايڏو مان نه ڏي پر پاڻ سندن اهڙيون ڳالهيون اڻ ٻڌيون ڪري انهن تي ڪوبه توجهه نه ڏيندو آهي.
ديوان گاگن داس جي شخصيت بهار جي خوشبو جهڙي آهي، ديوان گاگن داس کي اهڙين خدمتن جي اعتراف طور استاد بخاري، شيخ اياز، شاهه لطيف ڀٽائي ايوارد ۽ ٻيا ايوارڊ به مليا آهن. پاڻ 13 اپريل 1969ع ۾ جنم ورتو، پرائمري کان انٽر تائين تعليم ڀٽ شاهه مان بي اي هالا مان ڪئي. مهمان نوازي ۾ سندس گهرواري جو به ساڻس مڪمل ساٿ آهي، ڪيترا به مهمان اچن ڪهڙي به وقت اچن پر ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي، خوشي سان مهمانن لاءِ ماني تيار ڪندي آهي. ديوان گاگن داس انتهائي حساس نازڪ نفيس انسان آهي. ٻين جي ڏک درد کي پنهنجو سمجهندو آهي. سندس ڳالهائڻ جو انداز وڻندڙ آهي، ڪاوڙ ۾ به سندس چپن تي مرڪ هوندي آهي.
پاڻ 1982ع ۾ لطيف سائين جو راڳ سکيو، ڪافي سالن تند به وڄائي ۽ سر ڳايا. پاڻ عزادار به آهي، محرم ۾ نياز ڪندو آهي ۽ سبيل لڳائيندو آهي. لطيف جي راڳي يعقوب شهيد کي نروار ڪرڻ ان جو هر سال ڏهاڙو ملهائيندو رهيو آهي، پاڻ ڀٽ شاهه ۾ درٻار بابا گرو نانڪ جو بنياد وڌو، کيس فنڪارن ۾ استاد جمن، مهدي حسن، لتا وڻندڙ آهي، فلمن ۾ اوماءِ گاڊ، کاڌي ۾ دال چانور، رنگن ۾ سفيد رنگ، گلن ۾ ڪنول، گلاب جي خوشبو وڻندڙ آهي. 2 دفعا ڀارت ياترا لاءِ ويو آهي، سندس خواهش آهي ته دهشتگردي جو خاتمو اچي هر طرف امن پيار هجي. زندگي جو وڏو ڏک سندس معصوم پٽ جو اغوا هو، وڏي خوشي پهرين پٽ جي ڄمڻ تي ٿي، کيس اندر ۽ ٻاهر هڪجهڙا ماڻهو وڻندا آهن، انتهاپسند ماڻهو ناپسند آهن، کيس گيتن ۾ رسم الفت ڪو نڀائي تو نڀائي ڪيسي، سنڌيءَ ۾ ”آيا ڪين مارو وساريو وطن کي“ سينگار علي سليم جي آواز ۾ وڻندو آهي. کيس شاهه لطيف جو رسالو وڻندو آهي، جنهن کي روزانو پڙهندو آهي، سندس خواهش آهي ته مرڻ بعد سندس مدناڻي ڪافي يا ايئرپورٽ وٽ جيڪو پلاٽ آهي اتي دفنايو وڃي.