شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

جهول جو جاکوڙي ڪردار مسڪين محمد وارث خاصخيلي

مسڪين جهان خان کوسو ٿر جي وڏي سماجي شخصيت هو، هن بنا لالچ عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪئي هو ننگر پارڪر مان سال ۾ ڪيترائي ڀيرا حيدرآباد، ميرپورخاص عام ماڻهن جا ڪم ڪاريون مسئلا کڻي ايندو هو هفتن جا هفتا ويهي حل ڪرائي پوءِ واپس ويندو هو، ان زماني ۾ ٿر پارڪر ۽ ميرپورخاص گڏيل ضلعو هو، هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ۾ هو، مسڪين جهان خان کوسو ڪير سڏائي! اهڙو سماج سڌارڪ وري پيدا نه ٿيندو پر ان جي ڪم کي ٻڌي سنڌ ۾ ڪيتريون سماجي شخصيتون سندس نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، انهن ۾ جهول جو مسڪين محمد وارث خاصخيلي به هڪ آهي، جنهن مسڪين محمد وارث جنهن کي مسڪين جهان خان کوسو جو تسلسل سڏي سگهجي ٿو،مسڪين جهان خان کوسو کان متاثر ٿي پنهنجي نالي آڏو تخلص مسڪين لڳايو ۽ پاڻ ان نالي سان مشهور آهي.پاڻ غريب ايريگشن جي ٽنڊيل جو پٽ، خود غريب ماستر ۽ سندس پٽ بي روزگار پر پنهنجي مسئلن ڏانهن توجهه ڏيڻ بجاءِ علائقي جي غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر ايندو آهي، علائقي يا ڪٿي ضلعي ۾ ڪنهن غريب سان ڪو بااثر ماڻهو، پوليس ناجائزي ڪرڻ جو ٻڌندي متاثرين وٽ پهچي کين انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، باهمٿ جرئتمند اهڙو جو غلط ڳالهه ڪندڙ بااثر ماڻهو هجي يا ڪو وڏو آفيسر پر چئبو سچ! ماضي ۾ جڏهن ڪمشنرن، ڊي آءِ جيز، ڊي سيز، ايس ايس پيز جون علائقي ۾ کليل ڪچهريون ٿينديون هيون ته مقامي انتظاميه انهن کليل ڪچهرين ۾ مسڪين محمد وارث کي ڏسي پريشان ٿي ويندي هئي ۽ کيس هلڪو هٿ رکڻ لاءِ منٿ ڪندا هئا پر مسڪين حرام ڪومڙي سچ چوڻ کان! علائقي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن، بدامني، سرڪاري اسپتالن مان عوام کي لاڀ نه ملڻ ۽ ٻيون اهڙيون شڪايتون ۽ لوڪل مسئلا دليرانه انداز سان پيش ڪندو رهيو آهي، سچ چوڻ ڪري ڪافي ڏکيا ڏينهن به ڏسندو رهي ٿو پر سچ چوڻ کان مڙي اصل نه ٿو، دوستن، مٽ مائٽن کي به چئبو منهن تي سچ پوءِ ڪير ڪاوڙجي يا خوش ٿئي، پاڻ ڪجهه سال اڳ صحافت شروع ڪندي اخبار جو رپورٽر به ٿيو هو، پر سچ ايترو لکڻ لڳو جو اها ڳالهه ٻين ته ٺهيو پر ڪجهه صحافين کي به نه وڻي ان ڪري اخبار جي رپورٽري مان هٿ ڪڍيائين پاڻ علائقي جو مشهور سماج سڌارڪ، بهترين ليکڪ به آهي، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ صحافي سنگت سوڌو ڪيترن ئي سماجي، ثقافتي، ادبي تنظيم جو عهديدار ۽ ميمبر به رهيو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ٻين دوستن جي شاعري کي ٻڌندي ۽ شيخ اياز، حسن بخش شاهه هادي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي جي شاعري پڙهي کيس شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو، پاڻ ڪافي شاعري ڪئي ۽ ان کي ڪتابي صورت ڏيڻ جو سوچيو به پر 2011ع وارين برساتي ٻوڏن ۾ سندس گهر ٻڏڻ ڪري وٽس وڏي تعداد ۾ ادبي، تاريخي، اسلامي ڪتاب، شاعري جي مجموعن ۽ سندس مضمون ۽ شاعري ڇپيل اخبارون رسالا اڻ ڇپيل شاعري برسات جي ور چڙهي وئي، ان جو کيس افسوس آهي، پاڻ جهول جڳن کان نالي سان هڪ ڪتاب ڀيڄ ڀٽائي پبليڪيشن پاران ڇپايو جنهن ۾ جهول ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي تاريخ، ماضي، حال ڀرپاسي جي تاريخي هنڌن، ولي الله زنده ۽ مري ويل مشهور صحافين، اديبن، شاعرن، استادن، معززين، سياسي، سماجي شخصيتن جا پروفائيل ۽ پنهنجي شعبن ۾ ڪيل خدمتن جو احوال هلايو، ڪافي اخبارن ۾ به مختلف موضوع تي مضمون ڇپيا آهن. پاڻ 1962ع ايريگيشن ۾ ٽنڊيل سندس والد محمد محمد عرف ڪارو جيڪو هر دلعزيز شخصيت غريب هئڻ جي باوجود وڏو مهمان نواز هو، ان جي گهر ۾ جنم ورتو مسڪين محمد وارث خاصخلي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکڻ جي باوجود صرف مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو، 1992ع ۾ ماستر ٿيو، ڊيوٽي به پابندي سان ڪري ان بعد آرام ڪرڻ بجاءِ ڊائري کڻي ڪار يا موٽر سائيڪل تي چڙهي يا پيادو علائقي ۾ چڪر هڻندو دوستن ۽ عام ماڻهن سان ملندو. پاڻ اوپرا تنظيم ۾ ميمبر ۽ بعد ۾ رابطه سيڪريٽري بعد ۾ يو ڊي سي قائم ڪري سافڪو ۾ شامل ٿيو، يو ڊي سي جو صدر به آهي، اوپرا جي پليٽ فارم تان بند پيل اسڪول کولرائڻ، مختلف ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، وڻ پوکڻ، سافڪو ۾ ننڍن قرضن ذريعي بي روزگارن کي روزگار سان لڳائڻ، ڳوٺن ۾ رستو، پاڻي جا نلڪا، ڪني پاڻي جي نيڪال ماڻهن کي ديسي طريقن سان پاڻي فلٽر ڪرڻ جي سکيا ڏيڻ، اسڪولن جي مئنجمينٽ ۽ تعلقه سنجهورو، ڄام نواز علي ۾ سماجي تنظيمون کولرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، غريب آبادگارن کي مفت ۾ ٻج ڀاڻ به ڏيارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، پاڻ پنهنجي غريباڻي اوطاق ڳوٺ ڇٻرلو نزد جهول ۾ سياري ۾ مچ ڪچهريون مچائي ٿو پر مختلف ڳوٺن ۾ وڃي اتي سنڌ جي هن قديم ثقافت روايت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي اتي مچ ڪچهريون ڪرائي ٿو. علائقي ۾ قدرتي آفتن ٻوڏ، باهه ۽ ٻين ۾ متاثرين جي امداد لاءِ آفيسرن ۽ اين جي اوز وٽ جتيون گسائي آخر انهن غريبن جي امداد ڪرائڻ ۾ ڪڏهن ڪامياب ڪڏهن ناڪام وڃي ٿو، ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ مايوس نه ٿو ٿئي، علائقي جي هر دور جي اقتداري ڌرين کي به عوام جي خدمت نه ڪرڻ عوام کان لاتعلق رهڻ تي ڀريل ڪچهرين، ڪاڄن، تعزيتن تي کين واڪا ڪري وڏي وات سچ چوڻ ڪري انهن جون ناراضگيون به کڻي ٿو جڏهن نادرا قائم ٿي ته هن ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن ۾ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪئي، شروع وارن ڏينهن ۾ فوٽو نادرا آفيس ۾ نه پر ٻاهران ڪڍرائي اچڻا پوندا هئا پاڻ ڪئميرا وٺي نه نفعو نه نقصان جي بنيادن تي ماڻهن جا نه صرف فوٽو ڪڍيا پر رضاڪارانه طور فارم ڀري ڏنا، سندس اهڙي ڪوشش سان هزارين ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺهيا، علائقي ۾ يا اخبارن ۾ ضلعي ۾ ڪٿي به چوپايو مال جي بيماري بابت خبر پڙهندي درخواستون لکي ڊي سي ۽ اينيمل هسبينڊري وارن کي ڌڻي ويڪسئين ڪرائيندو رهي ٿو سندس ڪوشش سان ڪافي ڳوٺن ۾ ميديڪل ڪئمپ به لڳيون آهن.
سندس ڳوٺ ۾ غريب بيمار ٿيندو ته سندس غريباڻي ڪار تيل، سي اين جي سميت حاضر هوندي آهي نه صرف ايترو پر انهن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، يارن جو يار اهي ولي الله سان عقيدت رکي ٿو، سڄي سنڌ ۾ لڳندڙ ميلن، ملاکڙن ۾ شريڪ ٿئي ٿو، علائقي ۾ جڏهن ڪتا وڌي ويندا آهن ته بلديه وارن کي درخواستون ڏئي ڪتا مار مهم هلائي ٿو، جڏهن مڇر وڌي وڃن ٿا ته ان خلاف صحت کاتي وارن وٽ شڪايتون ڪري اسپري ڪرائي ٿو، ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي ڏسي ٿو يا ٻڌي ٿو ته انهن متاثرين جي هر طرح مدد ڪري ٿو، جڏهن ايف ايم 92 ٽنڊو آدم جو خصوصي رپورٽر هو ته نه صرف جهول، سنجهورو پر پوري ضلعي جي مسئلن کي اٿاريو، ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين تي آواز اٿاريو، ڀيڄ ڀٽائي ميگزين، سروري ميگزين ۾ به خصوصي مددگار رهيو آهي پاڻ ڪجهه وقت کان بيمار آهي، ڊاڪٽرن پاران آرام جو مشورو ڏيڻ جي باوجود اسڪول ۾ ڊيوٽي ٽائيم کانپوءِ ڪار ڪڍي دوستن وٽ ضرور ويندو. ۽ سماجي ڪم جاري رکندو اچي.