شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

شهدادپور جو مور ماڻهو شاهه محمد ميمڻ

شهداپور جي ماضي جي صحافتي دنيا تي نظر وجهبي ته هتان شروعاتي چند صحافين ۾ سيٺ شاهه محمد ميمڻ جو نالو سرفهرست آهي. پاڻ شهدادپور جي مشهور سياسي، سماجي، ادب دوست شخصيت هو. پاڻ لطيف سائين جو عقيدتمند هو. پاڻ 1936ع ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ ماضي ۾ سنڌ جو پئرس سڏجندڙ شهر شڪارپور جي واڳون در ۾ مشهور بزنس مئن حاجي محمد حسن ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو حاجي سيٺ محمد حسن ميمڻ جو ڪاروبار بلوچستان تائين هلندو هو. شاهه محمد ميمڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ حبيب الله ميمڻ جيڪو روينيو جو ڪلرڪ هو ان جي بدلي جڏهن شهدادپور ۾ ٿي هي به ڀاءُ سان گڏ شهدادپور آيو پاڻ مئٽرڪ تائين تعليم شهدادپور ۾ ئي حاصل ڪئي کيس ننڍي هوندي کان سياست جو شوق هو. پاڻ سياسي زندگي جي شروعات عوامي ليگ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ سان ڪئي. بعد ۾ مشهور سياسي، سماجي شخصيت حاجي فيض محمد ڪيريو سان دوستي جي ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو مسلم ليگ ۾ رهڻ دوران سندس قائد اعظم محمد علي جناح سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. پاڻ نيشنل گارڊ جو سالار به هو مختلف موقعن تي مختلف شهرن ۾ پاڻ قائد اعظم جي آمد تي کين سلامي به ڏني. قائد اعظم محمد علي جناح جي وصال بعد شاهه محمد ميمڻ ڪجهه وقت سياسي دنيا ۾ خاموش رهيو. 1954ع ۾ پاڻ ريپبليڪ پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ سانگهڙ ضلع جو صدر چونڊيو ويو. ايوب خان جي دور ۾ ڄام انور علي خان جي ذاتي دوستي جي ڪري ان جي معرفت صدر ايوب خان سان ملاقات ٿي ان بعد پاڻ صدر ايوب خان جي پارٽي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سانگهڙ ضلع جو نائب صدر چونڊيو. پر پاڻ اڳتي هلي ڪن سببن ۽ پارٽي سان ڪجهه اصولي اختلافن ڪري شير سنڌ مير رسول بخش خان ٽالپر جي معرفت پ پ ۾ شامل ٿيو. ان وقت پ پ جي جوڙجڪ هلي رهي هئي ۽ مير رسول بخش ٽالپر هن کي سانگهڙ ضلع جو صدر نامزد ڪرڻ جي سفارش ڪئي ليڪن شاهه محمد ميمڻ زمينداري، سماجي ڪم ڪارين، ٻين ذاتي مصروفيتن ۽ ڪن سببن ڪري عهدو وٺڻ بجاءِ ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو. شاهه محمد ميمڻ مرحوم هڪ دفعي اهو به ٻڌايو ته عبدالواحد بروهي جو پ پ ضلع سانگهڙ جي صدر طور هن ئي نالو ڏنو هو. ۽ سندس سفارش تي عبدالواحد بروهي صدر ٿيو. عبدالواحد بروهي سان شاهه محمد ميمڻ جي خانداني طور نياز مندي هئي ۽ ماضي ۾ هنن گڏجي سياست به ڪئي هئي عبدالواحد بروهي شهدادپور مان ايم پي اي به چونڊيو هو. پاڻ مشهور قانوندان پڻ هو. جڏهن ته ان کان اڳ شاهه محمد ميمڻ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش خان جتوئي جي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ به سرگرم رهيو.
شاهه محمد ميمڻ بهترين سماجي، سياسي شخصيت هئڻ جي ناتي عوام جي خدمت ڪرڻ سان گڏ عوام جو آواز حڪمرانن ۽ حڪام تائين پهچائڻ لاءِ 1955ع ۾ سانگهڙ مان هفتيوار قائد اخبار ڪڍي جيڪا هڪ ئي وقت اردو ۽ سنڌي ۾ شايع ٿيندي هئي اخبار جو سڄو ڪم ان وقت حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ عبدالشڪور منشي جي اخبار روزانه هلال پاڪستان وٽان ڪرائي اتان ئي ڇپائيندو هو. 6 سال کن هفتيوار قائد وڏي پئماني تي شايع ٿي ۽ سنڌ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. بعد ۾ شاهه محمد ميمڻ وٽ مڪمل ٽيم نه هئڻ ۽ کيس ذاتي مصروفيتون هيون ان ڪري اخبار کي بند ڪيو. پاڻ هفتيوار قائد اخبار ذريعي علائقي جي عوام جو آواز، عوام جا مسئلا، ٿيندڙ ظلم زيادتين کي حڪمرانن ۽ حڪام تائين پهچايو، جڏهن ته اخبار ۾ ادبي محفل ذريعي ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو، پاڻ بهترين ليکڪ ۽ شاعر به هو. شاهه محمد ميمڻ هڪ دفعي اها دعويٰ ڪئي ته شهدادپور ۾ پريس لڳائيندڙ مجاهد اخبار ڪڍندڙ مجاهد محمد اشرف دائودپوٽو کي جيڪب آباد مان پاڻ هتي وٺي آيو هو. شاهه محمد ميمڻ اردو ۽ سنڌي جو بهترين شاعر به هو. سندس سوين شعر سندس اخبار کانسواءِ ٻين اخبارن ۾ به شايع ٿيا. پاڻ افسانه به لکيا. سندس هڪ اردو شعر.
جلتي هي شمع واقع هم ڪيسي يقين ڪرلين،
فانوس ڪي گردش ۾ انڌيرا نظر آتا هي،
ورنه هر پرواني ڪو خطره نظر آتا هي.
ڏاڍو مشهور ٿيو. شاهه محمد ميمڻ علائقي جي ڪافي نوجوانن کي سياست ۾ به آندو. سياسي دنيا ۾ هن جون باقائده خدمتون رهيون هن سياست عوام جي بهتر انداز م خدمت ڪرڻ خاطر ڪئي. ايوب خان جي دور ۾ توڙي پ پ ۾ غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. دوستن ۽ عام ماڻهن کي فائدا وٺرائي ڏنا، ليڪن پاڻ ذاتي فائدا حاصل نه ڪيا.
سانگهڙ ضلع ۾ خاص طور شهدادپور ۾ شاهه محمد ميمڻ جو نالو بهترين سياسي سماجي شخصيت طور نوٽ ايبل شخصيتن ۾ شامل رهيو. سنڌي ۾ چواڻي موجب پاڻ باقائده هلندي پڄندي وارو هو. زندگي ۾ سندس ڪوشش رهي ته هن جي ڪري ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي. هو عوام جي خدمت ڪري خوشي محسوس ڪندو هو. پاڻ ڪيترن ئي سماجي تنظيمن جو به عهديدار رهيو. آبادگار بورڊ جي اڳواڻ جي حيثيت سان آبادگارن جي مسئلن، آبادگارن سان ڪاٽن فيڪٽرين وارن جي زيادتين خلاف هر فورم تي باقائده آواز اٿاريو. هن زندگي ۾ هڪ ئي عشق ڪيو، پر باوجود ڪوشش جي سندس اها پريميڪا جيون ساٿي نه بنجي سگهي. ان ڇوڪري ڪيل واعدي موجب زندگي ڀر شادي نه ڪئي. شاهه محمد ميمڻ جي آئيڊل شخصيت پير سراج آف جهنگ شريف، مخدوم طالب الموليٰ سياستدانن ۾ سندس پسند جا سياستدان قاضي فضل الله، مير غلام علي ٽالپر آف ٽنڊو محمد خان کيس کاڌي ۾ پڪل گوشت، سيخ ڪباب پسند هئا. سندس زندگي جو وڏو ڏک مشرقي پاڪستان ٽٽڻ هو. سندس لطيف سان عقيدت هئي، پيرسني ۾ به هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا حاضري تي ويندو هو. اتي لنگر ۾ حال سارو مدد به ڪندو هو. ٽنڊو آدم، شهدادپور روڊ تي بزرگ رجب فقير جي مزار جي ڪم ۾ پڻ مدد ڪئي ۽ شروع ۾ ميلا لڳائڻ ۾ به سندس ڪردار رهيو. پاڻ هڪ هٿ سان ڏي ته ٻئي هٿ کي خبر نه پوي واري حديث تي عمل ڪندي ڪيترن ئي بيوه، يتيمن، غريبن شاگردن جي مدد ڪندو رهيو ۽ سندس مدد سان تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي نوڪرين سان لڳي ويا. پاڻ ڪچهرين جو ڪوڏيو، يار ويس، نفيس، سچو، باضمير انسان هو، پاڻ 2011ع ۾ وصال ڪيو.