شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

حضرت مخدوم امين فهيم جون ياديون

مونکي ان ڏينهن جا ڌنڌلا عڪس اڃان به ذهن جي پردي تي ڪنهن فلمي سين جيان هلن ٿا، جڏهن آئون 12 سالن جو هيس ته اسان جي ڳوٺ ملدسي ۾ منهنجي چاچي حاجي محمود جي اوطاق تي مخدوم امين فهيم روحاني سفر دوران تشريف فرمان ٿيا هئا ۽ منهنجي والد الهه بخش مون کي پير ڪوڙل قريشي معرفت سائين مخدوم امين فهيم سامهون ذڪر ڏئي مريد ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو هو. پاڻ منهنجي هٿن ۾ هٿ ڏئي ذڪر ڏنو ته هر طرف مبارڪباد جاآواز اچڻ لڳا، ان بعد حضرت مخدوم نوح رحه جي ساليانه 6 ماهي ڪڏهن سهائي سومار تي والد سان ڪڏهن چاچا سان گڏ هالا وڃڻ ٿيندو هو جتي سندن ديدار ٿيندو هو. مون جڏهن مخدوم طالب المولى جي حڪم تي هالا مان صحافت شروع ڪئي ته صحافين خاص طور عبدالڪريم ميمن، اڪرم قائمخاني، يوسف وارثي، انور هالائي، مشتاق ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ ساڻن حاضري ٿيندي هئي، ساڻن پهريون تعارف عبدالڪريم ميمڻ صحافي ڪرايو. ان بعد سروري تنظيم جي ڪنوينشن ۾ مخدوم طالب المولى امين سائين کي منهنجي هر طرح سان پارت ڪئي هئي جڏهن به سندس حاضري ٿيندي هئي يا ڪا پريس ڪانفرنس يا ڪو به پروگرام هوندو هو، جن ۾ پاڻ شريڪ ٿيندا هئا ته آئون ، ادب وچان پري کان هٿ ٻڌي سلام ڪندو هيس ته پاڻ هجت واري انداز ۾ حال احوال معلوم ڪندا هئا. مخدوم طالب المولى جي هر ورسي تي سروري پبليڪشن پاران شايع ڪيل ميگزين کين ڏيندو هيس ته پاڻ منهنجي انهن خدمتن تي خوشي جو اظهار ڪندي دعا ڪندا هئا. پاڻ بيباڪ سياستدان، ملڪ جي اهم سياسي شخصيت، مشهور شاعر، سماج سڌارڪ هئا. پاڻ لکين مريدن جو روحاني پيشوا هئڻ جي باوجود فقير منش شخصيت هو. وڏي سهپ وارو وفا جو پيڪر ، عوام دوست، دشمن کي به معاف ڪري ڇڏڻ وارو هو پاڻ ڪيترن رنگن ۾ رڱيل هو، پاڻ 4 آگسٽ 1939ع مطابق 17 جمادي الثاني 1358هه جمع ڏينهن حضرت مخدوم نوح رحه جي 17 سجاده نشين مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ چار درجا سنڌي ۽ قرآن شريف خانگي طور گهر ۾ حاصل ڪيا، ڇهين کان ميٽرڪ تائين مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ بي اي پوليٽڪل سائنس ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون پاڻ شاعري والد کان متاثر ٿي 1952ع کان شروع ڪئي، شاعري ۾ تخلص پهرين امين استعمال ڪيو بعد ۾ کين والد گرامي جن کان فهيم تخلص مليو، پاڻ سياسي سفر جو آغاز 66ع ۾ ٽائون ڪميٽي هالا جي چيئرمين جي حيثيت سان شروع ڪئي، پاڻ 1970ع ۾ ايم پي اي ۽ 7 ڀيرا ايم اين اي چونڊيو پاڻ ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جا وائيس پريزيڊنٽ، اورينٽل ڪاليج هالا جا وائيس پريڊنٽ به رهيا، پاڻ والد جي نالي سان بزم طالب المولى جو بنياد رکي ان پليٽ فارم تان ادبي سرگرميون شروع ڪرايون هالا کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مشاعرا، ادبي ڪانفرنسون ڪرايون، پاڻ بزم جا صدر رهيا، پاڻ شاعري ۾ وڏو نالو ڪڍرايو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو شايع ٿيل آهن، جنهن ۾ غزل ، ڪافيون شامل آهن. پاڻ لاتعداد ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما به لکيا جڏهن ته اڻ ڇپيل شاعري به وڏي تعداد ۾ ڇڏي ويا آهن، سندن شوقن ۾ شاعري، ادب موسيقي، شڪار ڦوٽوگرافي شامل رهي ،سندن پهرين شادي اچ شريف ۾ 19 سالن جي ڄمار ۾ ٿي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو اهو دور 69ع جو هو ان زماني ۾ سندس ملاقات ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي ۽ ڀٽو صاحب کيس پ پ ۾ سياست ڪرڻ جو شوق جاڳايو ته پاڻ والد کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ ۽ کين سياست ڪرڻ جي اجازت لاءِ عرض ڪيو،سندس خواهش کي ڏسندي مخدوم طالب المولى کين اجازت ڏني پر کين چيو ته پٽ ثابت قدمي شرط آهي ۽ پاڻ والد جي ان شرط کي ذهن ۾ رکي سياسي سفر شروع ڪيو ۽ هڪ سال بعد هالا جي محفل سينيما ۾ پ پ جو پهريون 3 روزه ڪنوينشن گهرايو جنهن جي ذوالفقار علي ڀٽو صدارت ڪئي، پاڻ پارٽي ۾ نه صرف ثابت قدم رهيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جنرل ضياءُ جو پ پ کي ختم ڪرڻ وارو خواب ساڀيا ٿيڻ نه ڏنو ان لاءِ سندس ۽ سندس خاندان جون قربانيون ياد رهنديون جو پارٽي کي بچائيندي مخدوم خليق الزمان جهڙو نازڪ نفيس ماڻهو ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف پارٽي سان وفادار ثابت قدم رهيا پر عوام ۾ اتساهه پيدا ڪيو پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم سڄي سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي جا دورا ڪيا نه صرف سروري جماعت جي لکين ماڻهن پر واسطيدار ماڻهن کي به پ پ ۾ شامل ڪيو، پاڻ 88ع ۾ مواصلات کاتي جا 93ع ۾ هائوسنگ تعميرات 2009ع ۾ واپار جو وفاقي وزير رهيا پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ضلعي پر سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي هزارين نوجوانن کي تعليم لياقتن آهر نوڪريون ڏنيون. نواز شريف، پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي وزيرن خلاف ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جا ثبوت هٿ ڪري سندن کاتن جا فائيل کوليا ويا. پر مخدوم امين فهيم خلاف ثبوت هٿ نه آيا. نواز شريف دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا الزام لڳائي ڪيس داخل ڪيا ويا. سروري جماعت ۽ مخدوم خاندان ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا. جڏهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ٿي وئي اهو دور پ پ لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو پر دنيا ڏٺو ته پ پ کي بچائيڻ وارو مخدوم امين فهيم هو ۽ ان دور ۾ محترم بينظير ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرز رجسٽرڊ ڪرائي، مخدوم امين فهيم کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو. کيس مليل اها ذميواري پاڻ باقاعده نڀائي ۽ نه صرف پارٽي کي بچايو پر سرگرم رکيو ۽ پ پ وارن جي مالڪي ڪئي ۽ اتساهه پيدا ڪيو پرويز مشرف دور ۾ مشرف کيس ملڪ جو وزير اعظم بنائڻ جي آفر ڪئي، هيڏو وڏو منصب کي پاڻ ٺڪرائي ڇڏيو، پاڻ پارٽي سان غداري نه ڪئي. شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري ملڪ ۾ اچي سياسي سرگرميون شروع ڪيون ته مخدوم امين فهيم هر هنڌ ساڻس سائي وانگر گڏ هو. ڪراچي ڪارساز واقعي ۾ کين پٺن ۽ مٿي ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا، شهيد راڻي جي شهادت بعد سڀني کي اهو يقين هو ته مخدوم امين فهيم کي پ پ جو چيئرمين بڻايو ويندو ڇاڪاڻ ته هن کان وڌيڪ پارٽي ۾ ڪنهن جون به قربانيون جدوجهد نه هئي. ان جو اعتراف خود محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مختلف پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ ڪندي رهي ۽ پاڻ 2008ع جي رٿيل چونڊن کان اڳ ايندڙ وزير اعظم مخدوم امين فهيم بنائڻ جو فيصلو ڪندي اهڙو اعلان به ڪيو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس وصيت کي سامهون آندو ويو. شهيد راڻي شهادت بعد مخدومن امين فهيم کان سواءِ ڪوبه ايڏي ليول جو پارٽي ۾ ليڊر نه هو. پر شهيد راڻي جي خواهش پوري ڪندي وزير اعظم نه بنايو ويو ان صورتحال تي سياسي حلقن ۾ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته مخدوم امين فهيم هاڻ پارٽي کان پاسيرو ٿي ويندو يا پارٽي ڇڏي ويندو پر پاڻ شهيدن جي پارٽي سان غداري نه ڪئي پاڻ ثابت قدم رهيو وچ ۾ اهڙو دور به آيو ته مخدوم امين فهيم پارٽي کان ناراض ٿيو، پر پاڻ والد جي ثابت قدم وارو شرط ذهن ۽ ضمير ۾ رکي ثابت قدم رهيو، ڪار ساز واقعي ۾ دماغ ۽ پٺن ۾ لڳل ڌماڪن واري مادي سان کين ڪينسر ٿي پيو. ٻاهرين ملڪن مان به علاج جاري هو پر سندن خواهش موجب کين سنڌ آندو ويو. جتي سائوٿ سٽي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو ويو جتي آخري وقت ۾ ڪوما ۾ هليو ويو ۽ پاڻ 21 نومبر 2015ع ۾ بمطابق 8 صفر المنظر 1437هه ڇنڇر ڏينهن 76 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جي مزار ۾ سندن پيراندي کان سائين مخدوم امين محمد پکن ڌڻي جي ڀر ۾ سندن والد مخدوم طالب المولى جن جي ساڄي طرف ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي آرامي آهي. مشهور صحافي ڪالم، شاعر مولانا غلام محمد گرامي جي راءِ مطابق مخدوم امين فهيم جي شاعري جماليات جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ بعد پاڻ شاعري گهٽ ڪئي ائين چئي سگهجي ٿو ته پاڻ شاعري کي سياست تي قربان ڪيو. پاڻ عابده پروين، محمد يوسف، استاد منظور علي خان، مهدي حسن، مصري فقير، رونا ليلى جهڙن فنڪارن کي پسند ڪندو هو، صبح جو سوير ننڊ مان اٿي اخبارن جو مطالعو ڪندو هو، سفر دوران ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو. کين چانڊوڪي رات، برسات جي موسم، چيڪي مٽي جي خوشبو هلڪا رنگ، پسند هوندا هئا. سندن شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي انهن ۾ ٻين کان سواءِ عابده پروين رونا ليلي مصري فقير پڻ به شامل آهن پاڻ سياست سماجيات جي سموري رمزن کان واقف هئا پاڻ ملڪي سياست جا امين هئا.