ملدسي جو تاريخي پس منظر ماضي حال ۽ مشهور ماڻهو
روايتون آهن ته لطيف سائين جي رسالي جي لافاني ڪردار سهڻي ميهار جو تعلق به هن علائقي سان هو. ملدسي کان اوڀر طرف ملدسي شهدادپور روڊ کان فرلانگ پنڌ تي پير بخش ڏيرو ۽ بابل ڏيرو ايڊوڪيٽ وارن جي زمين وٽ ڪئين ايڪڙن ۾ هڪ دڙو هوندو هو، جيڪو اسان به ڏٺو هو، جنهن ۾ ٺڪراٺو هو، اهو ميهارڪو ڀڙو سڏبو هو. ميهارڪي ڀڙي کي ڏسڻ تي تحقيقات ڪرڻ لاءِ مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر محمد خان ٻرڙو، عبدالله ورياهه ۽ نواز ڪنڀر به هتي آيا هئا، جن مان پروفيسر محمد خان ٻرڙو کي ميهارڪي ڀڙي مان برساتن جي وقت ملدسي جي استاد محمد طيب خاصخيلي، سيد حسين شاهه ۽ ٻين ماڻهن کان هٿ آيل سڪا به ڏنا، ليڪن اهي سڪا خراب حالت ۾ هئا. پروفيسر محمد خان ٻرڙو اهي سڪا- سڪن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالله ورياهه کي ڏنا هئا. روايتون آهن ته مائي سهڻي به ان لوهاڻو جي سير مان تري ميهار سان ملڻ ويندي هئي، بهرحال اتي وڌيڪ تحقيقات جي ضرورت آهي. ميهارڪو ڀڙو بعد ۾ آبادي هيٺ اچي ويو. ماڻهن پاران دڙي جي کوٽائي مان ماڻهو جيڏا مٽ، وڏيون چاڏيون هٿ آيون، لوهاڻو جي سير تي ملاحن جا چند گهر هوندا هئا، ان ڳوٺ ۾ ملاح برادري جون 4 ڀينرون رهنديون هيون، جن جا نالا جمان، ٻراڇڙي، سون چڙي، خانزادي هو، جيڪي انتهائي طاقتور هيون، مائي جمان، ٻراچڙي جي نالن تي ڳوٺ آباد آهن. سون ڇڙي ديهه آهي. جڏهن ته خانزادي مائي جنهن ڳوٺ ۾ هئي، ان جو نالو بعد ۾ ملدسي پئجي ويو. روايتون آهن ته هيءَ ڪڻڪ جي هڪ ٻوري هڪ ڪلهي تي ٻي ٻئي ڪلهي تي کڻي ويندي هئي ۽ کنيل ٻورين سان ڪئين ميل پنڌ ڪري ويندي هئي، ان عورت کي ملهه وڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ پڙهو گهمرايائين ته مون کان وڌيڪ ڪوبه طاقتور نه آهي، جي آهي ته اهو جوان مون سان ملهه وڙهي. هڪ ٻي روايت اها به آهي ته اها مائي جڏهن جوان ٿي ۽ مائٽن ان جي شادي ڪرائڻ ٿي چاهي ته هن شرط وڌو ته آئون ان سان شادي ڪنديس، جيڪو مون کان وڌيڪ طاقتور هوندو ۽ طاقت جي خبر ملهه وڙهڻ سان پوندي، جيڪو مون کي ملهه دسيندو ان سان شادي ڪنديس ۽ شادي لاءِ ملهه مارڻ جو شرط دلچسپي کان خالي نه هو. اها خبر پري پري تائين هڪ ماڻهو کان ٻئي تائين ٻئي کان ٽئين، اهڙي ريت پري تائين اها خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي. چون ٿا ته ڪئين عام طاقتور ماڻهن سان گڏ ملهه پهلوان به قسمت آزمائي ڪرڻ لاءِ پهتا، پر مائي کي ڪير به ملهه نه پيو دسي سگهي، اهو سلسلو سالن تائين هلندو رهيو ۽ اهو چرچو نه صرف هن علائقي پر پري پري وارن علائقن تائين وڃي پهتو ۽ هڪ ڏينهن هڪ فقير جنهن کي سائي رنگ جو جبو۽ ڳچي ۾ چڙا ٻڌل هئا، ان به اچي مائي کي ملهه وڙهڻ لاءِ چيو ۽ ملهه ۾ عورت ملهه دسجي پئي ۽ اها خبر پري پري تائين وڃي پهتي ته مائي ملهه دسجي وئي. ان بعد ملاحن جي هن چند گهرن تي ٻڌل ڳوٺ جو نالو ملهه دسي بعد۾ هه ختم ٿي وئي۽ ملدسي پئجي ويو. روايتون آهن ته اهو فقير لاڙ جو ملاح هو. اها به روايت آهي ته ملهه وڙهندڙ مائي جو نالو جمان هو، جيڪا موجوده جمان ڳوٺ جي هئي، پر ملهه مقابلو موجوده ملدسي جي ميدان تي ٿيو هو. ماضي ۾ ملاحن جي اها وستي ملدسي ترقي ڪندي هاڻ هڪ ننڍڙي شهر واري حيثيت رکي ٿي. پاڪ- هند جي ورهاڱي کان اڳ ملدسي واپار جو مرڪز به رهي آهي. ملدسي جي هڪ حصي ۾ غريب رهندا هئا، جڏهن ته جتي ملدسي آهي اتي ديوان ۽ علائقي جا زميندار ڏيرا فقير ۽ سيد رهندا هئا. هتان جي مشهور ديوان سٺين ۽ سيٺ ديوان گيان، ديوان ريلو مل، ديوان وشنومل، ڪلياڻ ٻائو ۽ ٻيا هئا. مٺائي، ڪپڙي، سيڌي جا وڏا دڪان هئا. انهن عمارتن مان موجوده سيد بخت شاهه وارو دڪان موجود آهي، جو اڄ به مرمت ۽ ضروري سار سنڀال کانسواءِ ملدسي جي جڳهن کان نمايان آهي. واڻين جي وقت ۾ ملدسي ۾ پاڻي جي نيڪال جو انڊر گرائونڊ ڊرينيج سسٽم، پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه کوٽايل هئا. وچ شهر واري کوهه کي وڏو کوهه سڏيو ويندو هو، جيڪو 1982ع کان پوءِ ختم ڪري اتي گهر ٺهرايا ويا، اهو کوهه موجوده مرحوم فريد هوت ۽ ولي محمد هوت جي گهر جي وچ تي هو، هاڻ اتي ولي محمد هوت جا گهر آهن. 82-1981ع ڌاري اتان گهٽي به هئي، جتي ولي محمد هوت جا گهر آهن، اتي لونگ اوڏ وارن جا گهر هئا، جيڪي بعد ۾ ٽنڊو آدم لڏي ويا. ماضي ۾ هتي هالا برادري جا ماڻهو به هئا، جيڪي بعد ۾ هالا لڏي ويا. واڻين جو وڏو تعداد رحم دل غريبن کي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ وارا هئا. ڪجهه واڻيا مذهبي جنوني هئا، انهن مان هڪ ديوان به هڪ هو جنهن جي چلم مان ڦوڪ ڀريندڙ مولا بخش ملاح کي ان ڏوهه ۾ 6 مهينا ٽيپ ڏياري ڇڏي. ملدسي جي زميندار وڏيرو وارث ڏنو ڏيرو (اول) جو وڏو دٻ دٻو هو، پاڻ ٺيٺ وڏيرو هو، سندس علائقي ۾ وڏيرڪو راڄ قائم هو، سولي سنڌي ۾ ائين کڻي چئجي ته سندس اجازت کانساوءِ جهرڪي به نه اڏامندي هئي. پاڻ مذهبي جنونيت رکندڙ ۽ غريب مسلمانن کي بنا سبب تنگ ڪندڙ هڪ ديوان کي وڏي کوهه وٽ مارائي ڇڏيو. جڏهن بندوقن جو رواج نه هو، تڏهن به وارث ڏيرو (اول) وٽ بندوقون هيون. کيس اولاد نه هو، ان ڪري سندس مال ملڪيت جنهن ۾ هڪ هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين به آهي، اها سندس سئوٽ فقير محمد موسيٰ ڏيرو کي ملي ۽ بعد ۾ فقير محمد موسو ڏيرو کي علائقي جي چڱ مڙسي جي پڳ ٻڌائي وئي. ڏيرا خاندان جو ذڪر الڳ باب ۾ ڪيو ويو آهي. ملدسي ۾ 1915ع ڌاري آئوٽ پوسٽ پوليس قائم ٿي. هڪ جمعدار، 3 سپاهي مقرر ڪيا ويا. پهرين صرف هڪ مورچو هو، جتي پوليس جو اهو عملو موجود هوندو هو، هيٺ سندن گهوڙا بيٺل هوندا هئا. 1928ع ۾ 3 ڪمرن جي بلڊنگ ٺاهي وئي. بعد ۾ هن کي پوليس پوسٽ جو درجو ڏئي پوليس عملو وڌايو ويو. 1992ع ڌاري ٿاڻي جي زبون حالي بلڊنگ ڊاهي نئين بلڊنگ ٺاهي وئي. 1915ع ڌاري هتي پرائمري اسڪول کوليو ويو، جنهن لاءِ هڪ ديوان پنهنجي 2 ڪمرن واري اوطاق ڏني، اهو ملهار خاصخيلي جي موجوده گهر وٽ هو، بعد ۾ جتي خميسو شيخ وارن جي واڙ آهي، اتي قائم ٿيو، بعد ۾ سيد قاسم علي شاه جتي سيٺ مصري وارن جو پلاٽ آهي، اتي ٻن ڪمرن واري اوطاق اسڪول جي حوالي ڪئي وئي ۽ ان وقت سندن ڪوششن سان 500 رپيا ضلع ڪائونسل ۾ جمع ڪرائي مڊل اسڪول جا اي پي سي ڪلاس کولرايا ۽ ان لاءِ هڪ ڪلاس وڌيڪ پنهنجي هڙان وڙان ٺهرائي ڏنا، بعد ۾ سيد قاسم شاهه جي ڪوشش سان ملدسي ۾ گرلز پرائمري اسڪول کوليو ويو، جيڪو پهرين هڪ گهر ۾ هلندو هو، ان بعد جتي شيخ پاڙي ۾ پرائمري اسڪول هلندو هو، اتي کوليو ويو. اها بلڊنگ ڪري پوڻ بعد گرلس اسڪول ڪجهه وقت ماسترياڻي جي گهر بعد ۾ مڊل اسڪول جي پراڻي بلڊنگ ۾ شروع ٿيو ۽ اڄ به اتي هلي پيو. جڏهن ته پرائمري اسڪول جي سيد قاسم علي شاهه پاران ڏنل عمارت برساتن ۾ ڪري پوڻ بعد جتي هاڻ پرائمري بوائيز اسڪول هلي پيو، اتي حڪومت پاران عظيم الشان عمارت ٺهرائي اسڪول کي شفٽ ڪيو ويو. ان اسڪول لاءِ پلاٽ وارث ڏنو ڏيرو، پير بخش ڏيرو وارن پنهنجي سروي نمبر مان ڏنو. 1990ع ۾ هاءِ اسڪول منظور ٿيو، جنهن جي بلڊنگ پراڻي ملدسي ۾ ٺهرائي وئي، جڏهن ته 1993ع ۾ نياڻين لاءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول قائم ڪيو ويو، جنهن لاءِ درگاهه پير شاهه ڪنڀر پاڙي وٽ وارث ڏنو ڏيرو، پير بخش ڏيرو وارن پنهنجي سروي زمين مان پلاٽ ڏنو، جتي خوبصورت بلڊنگ ٺاهي وئي، ڪيترائي سال مقرر ڪيل عملو غائب رهيو، بعد ۾ مون پاران ان خلاف خبرون هلائڻ، درخواستون ڪرڻ ۽ پير بخش ڏيرو پاران به ڪوششون ڪرڻ بعد اڌ عملو اچڻ لڳو، پر گرلس مڊل اسڪول ان خوبصورت بلڊنگ ۾ هلڻ بجاءِ پرائمري اسڪول جي ٻن ڪمرن ۾ هلي رهيو آهي. مڊل اسڪول لاءِ آيل فرنيچر، الماريون، پکا، موٽر ۽ ٻيو سامان غائب آهي. 1962ع ۾ ملدسي ۾ يونين ڪائونسل جو بنياد رکيو ويو، پر اها سڏبي يونين ڪائونسل مهرعلي ٽالپر، ايٽ ملدسي هئي، ان وقت هن يو سي ۾ موجوده يو سي سومر فقير هنڱورو به شامل هئي. بعد ۾ فقير عبدالحڪيم هنڱورو جي ڪوششن سان هن يو سي جو اڌ ڪٽي يو سي سومر فقير هنڱورو قائم ڪئي وئي ۽ ڳوٺ مهر علي ٽالپر ان ۾ شامل ٿيڻ بعد ملدسي واري يو سي کي يو سي ملدسي نالو ڏنو ويو. ملدسي سامهون روهڙي ڪئنال تي لانڍي ٺهيل آهي، اها بيٽ ملدسي جي داروغي جو هيڊڪوارٽر آهي. ٿاڻي ۽ يونين ڪائونسل وچ تي زراعت کاتي جي فيلڊ اسسٽنٽ جي آفيس 1985ع ۾ ٺهي، پر فيلڊ اسسٽنٽ هڪ ڏينهن لاءِ به نه ويٺو ۽ شروع کان ملدسي پوليس پوسٽ جو انچارج اتي رهائش ڪندو اچي. 1977ع ڌاري ضلع ڪائونسل پاران ميڊيڪل ڊسپينسري قائم ڪئي ويئي، جيڪا پهرين حاجي محمود ملاح جي دڪان ۾ هئي، بعد ۾ مسجد واري دڪان ۾ بعد ۾ حاجي عبدالحق حاجي شيخ جي دڪان ۾ 1985ع ۾ ضلع ڪائونسل پاران ڊسپنسري لاءِ بلڊنگ ٺهرائي وئي، جنهن لاءِ پلاٽ وارث ڏنو ڏيرو، پير بخش ڏيرو وارن پنهنجي زرعي زمين مان ڏنو. ملدسي ڊسپينسري ۾ شروع کان هن وقت تائين ٻاهر جا جيڪي ڊسپينسر ايندا رهيا آهن، اهي وارث ڏنو ڏيرو مرحوم جي اوطاق تي رهندا آيا آهن، جتي کين گهرڀاتين جيان رهائش ۽ ماني جون سهولتون ملنديون رهيون آهن. ملدسي ڊسپينسري جو پهريون ڊسپينسر محمد ياسين چوڌري هو. هن ڊسپنسري ۾ وڌيڪ وقت ڊاڪٽر امداد لغاري ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ رهيا آهن. امداد لغاري ملدسي ڀرسان ڳوٺ غلام محمد لغاري جو ۽ عزيز ميمڻ ڄامشورو ضلعي جي ڳوٺ لاکا جو آهي. عزيز ميمڻ جي رهڻ ڪري آڌي اسر جو به بيمار ٿيندڙ مريضن کي فرسٽ ايڊ ملي ويندي هئي، ان ڪري ڊاڪٽر عزيز سڄي شهر جي ماڻهن جو جهڙوڪ گهر ڀاتي ٿي ويو هاڻ پاڻ رٽائرڊ ٿي ويو آهي. ملدسي ڊسپينسري جيڪا زبون ٿي وئي هئي، ان جي مرمت، جڏهن پير بخش ڏيرو وقتي طور سانگهڙ ضلع حڪومت جو ناظم ٿيو ان جي ڪوشش سان ڪرائي وئي، هن وقت ميڊيڪل ڊسپينسري جو انچارج ڊاڪٽر عرفان ميمڻ آهي.
ملدسي ۾ ماضي ۾ حاڪم خاصخيلي وارن جي گهرن سامهون واهه جي ڀرسان وڏي قديم عيدگاه به هئي، جتي عيدنمازون ۽ جنازه نمازون پڙهيون وينديون هيون، بعد ۾ اتان روڊ ٺهڻ ڪري عيد جو ڪجهه حصو ان ۾ اچي ويو، باقي عيدگاه واري مٽي روڊ ۾ وڌي وئي ۽ اهڙي ريت قديم عيدگاهه هميشه لاءِ ختم ٿي وئي، وچ ۾ مرحوم وارث ڏنو ڏيرو ۽ پير بخش ڏيرو وارن اتي نئين عيدگاهه ٺهرائڻ جو فيصلو به ڪيو هو، پر خبر نه آهي ته ان تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو 2013ع ۾ يو سي آفيس سامهون ڳوٺ وارن پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت نئين عيدگاهه ٺاهي آهي، ان ۾ سيٺ الهه بچايو خاصخيلي جو اهم ڪردار آهي. جڏهن ته اهلحديث جي سابق ملدسي جي امير علامه محمد طيب شيخ پنهجي فارم ڀرسان عيدگاه اهلحديث ٺهرائي، جتي اهلحديث سان وابسته ۽ ڪجهه فقهه کان آزاد ماڻهو عيدنماز پڙهن ٿا، جڏهن ته باقي ماڻهو نئين عيدگاهه ٺهڻ کان اڳ جامع مسجد اهلسنت ۾ عيد نماز پڙهندا هئا، جنازه نمازون گهڻو ڪري روڊ تي يا قبرستان جي ڀرسان ٿين ٿيون، ملدسي ۾ ٻه وڏيون ۽ 3 ننڍيون مسجدون آهن، وڏين مسجدن ۾ جامع مسجد اهلسنت جامع مسجد الحديث، ننڍين مسجدن ۾ پوليس پوسٽ واري مسجد ۽ احمد فقير ڏيرو جي اوطاق واري مسجد آهن. 3 مسجد ماستر محمد صالح هوت پنهنجي گهرن ويجهو ٺهرائي آهي. اهلحديث واري مسجد ماضي ۾ سيد مسجد سڏبي هئي، جيڪا سيد نور محمد شاهه، سيد قاسم شاهه وارن ٺهرائي هئي، ننڍڙي ۽ ڪچي مسجد هئي، جتي ماضي ۾ حافظ نور محمد جلالاڻي روزانو ٻارن کي قرآن شريف پڙهائڻ ايندو هو، مون به قرآن شريف حافظ نور محمد وٽ انهي مسجد ۾ پڙهيو. بعد ۾ ان مسجد ۾ فقير سلمان ملاح شهيد جي ڪوششن سان شيعه نماز پڙهي ويندي هئي، خاص طور جمعي ڏينهن نه صرف ملدسي پر آسپاس مان فقهه جعفريه سان تعلق رکندڙ ماڻهو نماز پڙهڻ ايندا هئا، نماز پڙهائڻ ۽ خطبو ڏيڻ لاءِ ڳوٺ غلام محمد لعاري مان ماستر عاشق لغاري ايندو هو. ڪڏهن اهو نه ايندو هو ته فقير سلمان ملاح، ڪڏهن ڪامريڊ محمد خان ملاح به پيش امام جا فرض نڀائيندو هو. بعد ۾ اهو سلسلو بند ٿي ويو ۽ اهلحديث وارن سيدن کان اجازت وٺي اها مسجد شهيد ڪري نئين ٺهرائي، ان ۾ علامه محمد طيب شيخ، حيدر هوت مرحوم ۽ ٻين جو وڏو هٿ رهيو. جڏهن ته جامع مسجد اهلسنت جيڪا ننڍي مسجد هئي، جيڪا اتي هڪ وڏي ۽ عظيم الشان مسجد محمد صديق شيخ مئنيجر ڪوآپريٽو بئنڪ حيدرآبادجو اصل ملدسي جو رهائشي آهي، سندس ڀاءُ مولوي احمد شيخ ۽ ان جي تعاون ۽ ڳوٺ وارن جي مڪمل سهڪار سان ٺهي. شهدادپور کان ملدسي روڊ جنهن سان نه صرف ملدسي پر 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي عوام کي سهولت آهي. اهو مختلف دور حڪومتن ۾ منظور ٿيو پر وري رد ٿي ويو. نيٺ 88ع ۾ ان وقت جي ۽ موجوده وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه هر داس پور چونڪ تي ڪيل جلسي عام ۾ عوام جي مطالبي تي منظور ڪيو ۽ 89ع کان آهستي ٺهڻ شروع ٿيو، 93ع ۾ ٺهي پورو ٿيو. هن رستي جي دلچسپ ڳالهه اها ته روڊ ٺهڻ کان اڳ ئي ان وقت جي وفاقي وزير شاهنواز جوڻيجو، صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم الڳ الڳ پٿر لڳرائي افتتاح ڪيا. ملدسي کان گولو پير موري تائين روڊ 93ع ۾ عبدالسلام ٿهيم جي اسڪيم مان ٺهيو، روڊ ۾ حاجي خالد ملاح وارن جي زمين آئي ٿي، پر انهن پاران نه ڏيڻ ڪري روڊ روهڙي ڪئنال تان ٺهرايو ويو. ملدسي عزاداري امام حسين عه جو پڻ مرڪز رهي آهي. هن وقت ملدسي ۾ 4 پڙ آهن. وڏو پڙ عارب فقير خاصخيلي جو سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ملدسي جو قديم پڙ آهي، ان کي قائم ڪرڻ ۾ مرحوم بچل شاهه جو به هٿ هو، ٻين پڙن ۾ ملاحن جو پڙ تقريباً 1978ع ۾ اسان جي چاچي محمد فقير ملاح قائم ڪيو. ماضي ۾ شاندار اوطارو، علم جي چوڌاري موتيا گلاب جا گل خوشبو پکيڙيندا هئا. هن پڙ تي نغارا وڄندا هئا، ۽ 9 کان 10 محرم تائين ماتمي قافلو هتان ئي شروع ٿي وري هتي ئي ختم ٿيندو هو. اڄ تائين ائين آهي، چاچومحمد ملاح جي وفات بعد علم پاڪ جون جايون تبديل ٿينديون رهيون آهن. هاڻ نه اوطارو آهي نه الم جو اهو سينگار نه گل نه خوشبو آهي. چاچو محمد ملاح جي پڙ کي سندس فرزند الهجڙيو ملاح ان جي وفات بعد سندس ڀاءُ عبدالستار مخمور ملاح جيڪو شاعر به آهي، اهو سنڀاليو اچي، اڳ هن پڙ تي ديسي پرديسي فقير فقراءَ هر وقت ويٺل هوندو هو، هاڻ صرف عاشوره جا 10 ڏينهن مولائي اتي عزاداري ڪندا آ هن. هاڻ ان پڙ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ فدا حسين ملاح، سرواڻ سنڌي، ارشاد ملاح ۽ ٻين ڪوششون ڪيون آهن. اسٽيل جو خوبصورت علم لڳايو ويو آهي. عارب فقير وارو پڙ به وسيع هوندو هو، جو بعد ۾ ڪجهه حصو وڪرو ڪيو ويو، ڪجهه حصي تي گهر ٺهي ويا. عارب فقير جي وصال بعد اهو پڙ سندس پٽ فقير علي بخش خاصخيلي سنڀاليو. هي پڙ وچ شهر ۾ آهي، ٽيون پڙ درگاهه حاجي پير تي درگاهه جي متولي اولادي فقير خاصخيلي لڳايو، ان پڙ جون جايون به تبديل ٿينديون رهيون آهن. اولادي فقير جي وفات بعد سندس پٽ استاد محمد طيب خاصخيلي، الهه ورايو، الهه بچايو خاصخيلي، پوٽو عبدالستار خاصخيلي، اختر خاصخيلي، اڪرم خاصخيلي ۽ ٻيا سنڀاليندا اچن. چوٿون پڙ ڏيرا هائوس ويجهو واٽر جي ڪپ تي ماما ولي محمد هوت جي پٽ غلام سرور هوت جو آهي. ماضي ۾ ملدسي جو وڏي کان وڏو پڙ سيد پيرل شاهه جو هو، جيڪو ڏيڍ ايڪڙن تي هو. جتي وڏو بهترين اوطارو، هر قسم جا وڻ، گل هوندا هئا. جتي وقت به وقت خيرخيراتون به ٿينديون هيون، سيد پيرل شاه کي پنهجي هڪ مائٽ سيد خان محمد شاهه معمولي ڳالهه تان شهيد ڪري وڌو، سندس وصيت موجب کيس الم جي ڀرسان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، اتي سيد قاسم علي شاه نغارا به وڄائيندو هو، بعد ۾ سيد قاسم شاه وڏي مذهبي شخصيت بنجي ويو. سيد پيرل شاه بعد سيد نور محمد شاه ڪافي عرصو سنڀاليو. ليڪن آهستي آهستري پيرل شاه پڙ جون رونقون ختم ٿينديون ويون ۽ سيد نور محمد شاه جي وفات بعد اتي عَلم ڪري پيو ۽ ٻيهر عَلم نه چڙهيو ۽ اهو پڙ ئي ختم ٿي ويو. بعد ۾ پڙ جي ڀرسان ويٺلن لاوارث ۽ مال غنيمت سمجهي لوڙها وڌائيندي ڪافي حصو اندر ڪري اتي اڏاوتون ڪري ڇڏيون. هاڻ ته لوڙهو ذري گهٽ سيد پيرل شاهه جي مزار تائين پهتو آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته مستقبل ۾ مزار مٿان ڪو گهر نه اڏجي وڃي. ان ۾ سيد حسين شاهه جي سستي، به شامل آهي نه ته ائين نه ٿئي ها. ڪجهه عرصي کان اتي ڳوٺ جي وفات ڪندڙ معصوم ٻارن کي هتي دفن ڪيو ويندو آهي. ماضي جي عظيم امام بارگاهه نما پڙ ننڍڙو قبرستان بنجي ويو آهي. ماضي ۾ هتي هڪ گيدوڙي هوندي هئي، جنهن جا گيدوڙا لذيذ هوندا هئا، اها گيدوڙي ۽ ٻيا وڻ مافيا وڍي ڇڏبا. پيرل شاهه پڙ ۽ ڪنڀرن جي گهرن جي وچ ۾ ڪنڀرن جي آئي ”بٺي“ هوندي هئي. جتي قاضي ڪنڀر جي آئي هئي، جڏهن ته ماضي ۾ ملدسي ۾ ٻيا به پڙ مشهور هئا، جن ۾ جتي مرحوم ملوڪ خاصخيلي جو گهر آهي، اتي عيسو خاصخيلي جو پڙ هوندو هو، پڪي لانڍي به هئي، ان پڙ کي مچائڻ ۾ مرحوم سيدبچل شاهه جو به هٿ هو. ڪجههه عرصو سيد خان محمد شاهه به هن کي سنڀاليو، بعد ۾ عَلم ڪڍي پڙ ختم ڪري گهر ٺاهيا ويا. ٻيو پڙ حاجي احمد فقير جي اوطاق جيڪا هاڻ بابل ڏيرو جي اوطاق آهي، ان جي ڀرسان خاصخيلين جي پاڙي ۾ الهه بخش خاصخيلي وارن جو پڙ هو، ٽيو پڙ وارث ڏنو ڏيرو وارن جي اوطاق ويجهو جيئندي ”واڍو“ خاصخيلي جي انبن ليمن جي باغ ۾ هو، سندس وفات بعد ڪجهه وقت سندس پٽ ربڏنو خاصخيلي به سنڀاليو بعد ۾ اهو باغ ولي محمد هوت کي وڪرو ڪري ڏنو ويو، ان به ان پڙ جي سنڀاليو ۽ رياضت ڪئي بعد ۾ اهو باغ سڪي ويو. اتي سم وڌي وئي ۽ پڙبه ختم ٿي ويو. 2010ع ۾ ولي محمد هوت جي پٽ غلام سرور هوت ان هنڌ جي ويجهو الم لڳايو آهي. 1977ع ۾ صابن فقير خاصخيلي به پنهنجي ٻني تي مارک واهه جي ڪپ تي عَلم لڳايو، جتي ڪافي سالن تائين عزاداري به ٿيندي هئي، خير خيراتون به ٿينديون هيون، ليڪن بعد ۾ اهو پڙ ختم ٿي ويو، ملدسي جي چاچا فقير مولا بخش ملاح ملدسي ۽ ڳوٺ لالا خان جلالاڻي جي وچ تي هارپي واري زمين وٽ جهنگ وڍي، اتي نه صرف عَلم لڳايو، پر اتي وڏو اوتارو به ٺهرايو. پڙ جي ڀرسان مختلف قسم جا گل ۽ ٻير جا ۽ ٻيا ڪيترائي وڻ هوندا هئا. هن پڙ تي فقير فقراءَ ديسي پرديسي ايندا ويندا هئا، هر وقت اتي ڪچهريون قائم هونديون هيون. پاڻ وقت به وقت لنگر نياز ڪرائيندا هئا. سندس وفات بعد فقير سليمان ملاح ۽ فقير علي بخش ملاح ان پڙ کي سنڀاليو، پر ان انداز ۾ نه سڀنالي سگهيا. فقير سلمان ملاح جي شهادت بعد اتي هاڻ عزاداري خيرخيراتن جو ماضي وارو سلسلو هاڻ نه رهيو آهي. ان هوندي به فقير علي بخش ملاح، مصري ملاح عرف شينهن ملاح ۽ ٻيا وري به سنڀاليندا اچن. جڏهن ته 1982ع ۾ درگاهه دودو مشائخ ۾ ملدسي جي نثار خاصخيلي مرحوم عَلم لڳايو آهي. اتي عزاداري ته نه ٿيندي آهي، پر نثار خاصخيلي، مرحوم غازي عباس جو نشان قائم رکندو آيو، ڪڏهن نياز به ڪندو هو. ملدسي جي عثمان خاصخيلي ولد دين محمد ملنگ خاصخيلي ملدسي ويجهو، اهو چئي هڪ قبر ٺاهي ته مون کي خواب ۾ بار بار اشارو ٿئي ٿو، جنهن ۾ هڪ سفيد سونهاري وارو بزرگ چوي ٿو ته آئون سيد ولي محمد شاهه آهيان، فلاڻي هنڌ منهجي قبر ٺاهه، ان بعد ان هنڌ عثمان خاصخيلي قبر ٺهرائي ۽ اتي عَلم لڳايو آهي. هاڻ اتي ذوالفقار علي زرداري جي تعاون سان فقير مولا بخش ملاح جو ننڍو پٽ مصري ملاح اتي ان قبر تي چوکنڊي ٺهرائي آهي ۽ لنگر نياز به ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ اتي هر ماهه چوڏهيون به لڳايون ويون. 1994ع ۾ عبدالڪريم ۽ عرف عدلو پٽ سيٺ اميد علي خاصخيلي پنهنجي گهر ڀرسان عَلم لڳايو، پر چند سالن بعد اهو ڪڍي ڇڏيو. ملدسي ۾ عاشوره ۾ 7 کان 10 محرم تائين ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا آهن. ماضي ۾ ٻين علائقن مان به پڙ ايندا هئا، پر هاڻ اهو سلسلو گهٽبو وڃي. ماتمي قافلو ملدسي چونڪ تي زنجير زني ڪندو آهي. ماتمي جلوس ملاحن جي پڙ کان نڪري سيد پاڙي کان خاصخيلي پاڙو، شيخ پاڙو کان ٿيندي حاجي پير جي پڙ تي اتان يونين ڪائونسل آفيس کان شهر ۾ ويندڙ رستي کان مين بازار واپس فقير علي بخش خاصخيلي جي پڙ تي ايندو آهي، جتان کان ڳوٺ هاشم خاصخيلي، ملنگ ڳوٺ، ڳوٺ لال خان جلالاڻي ۽ ٻين ڳوٺن مان ايندڙ قافلا پنهنجي ڳوٺن جي پڙن ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ ملدسي وارا عزادار اتان کان ملاح پاڙي ڪنڀر پاڙي مان ٿيندي واپس ملاحن جي پڙ تي ختم ڪندا آهن. فقير علي بخش خاصخيلي مرحوم جي وفات بعد سندس پٽ شوڪت خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي ۽ سندس گهرواري فقيراڻي هن پڙ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ پڙ تي هر وقت مولائي نوحه ۽ مرثيه خواني ڪندا رهندا آهن. ملدسي ۾ نوحه خواني ڪندڙن ۾ ٻين کانسوءِ عبدالستار ملاح، نياز ملاح، جبار ملاح، عظيم ملاح، شوڪت خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي، غلام سرور هوت، نياز ملاح، پپو ڪنڀر، غلام شبير خاصخيلي، جبار، اڪرم عرف ملون خاصخيلي، سومر ڪنڀر، سڪندر ملاح، سيٺ عبدالرزاق خاصخيلي، در محمد مهر، زوهيب ملاح، فدا حسين ملاح ۽ ٻيا شامل آهن. 10 محرم تي مختلف گهرن مان قافلي لاءِ مٺيون سبيلون ۽ چڻا ايندا آهن. سيد حسين شاهه جو نياز به مشهور آهي.
ملدسي جون مشهور شخصتن جو مختصر ذڪر:
سيد حسين شاهه بخاري: مشهور علمي شخصيت، ذهين، مذهبي شخصيت مهمان نواز، ڪنهن جي به دل نه ڏکائيندڙ، ادب دوست، شهدادپور ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪري ادبي سرگرميون عروج تي پهچائيندڙ ماڻهن ۾ شامل آهي. پاڻ استاد هئا، مختلف هاءِ اسڪولن جا هيڊ ماستر رهيا، رٽائر ٿيڻ بعد هڪ پرائيويٽ اسڪول جو پرنسپل آهي. پاڻ قوم پرستي واري سياست به ڪئي.
استاد محمد طيب خاصخيلي: بهترين استاد، سماجي شخصيت يار ويس، وڏي عمر جو هئڻ جي باوجود پنهنجي هلندي هلندڙ رومانٽڪ شخصيت جو مالڪ، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، دوستن جي ڪاڄن ۾ ڪم ڪري ڪاڄ سرها ڪندڙ مهمان نواز، ذهين شخصيت جو مالڪ آهي، پاڻ جواني ۾ شاعري به ڪئي سندس تخلص ”قطب“ هو.
سيد عالي شاهه: رٽائر استاد آهي، ڪجهه وقت اباڻي شهرملدسي کان ٻاهر رهيو، ذهين، سماجي ڪارڪن واري سوچ رکندڙ، ڪنهن جي به دل آزاري ڪرڻ کان پاسو ڪندڙ، يارن جو يار، ادبي ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندڙ، ڏک سک ۾ سڀني جي ڪم ايندڙ، بهترين صلاحڪار، سندس صلاحون ڏاڍيون ڀليون ۽ وقت جي ضرورت هونديون آهن.
پير بخش ڏيرو: بابل ڏيرو سڪندر ڏيرو جو ذڪر هن ڪتاب ۾ الڳ باب آهي.
سيد عبدالله شاهه عرف بخت شاهه: پاڻ انتهائي وڏي علمي، مذهبي شخصيت سيد قاسم علي شاه جو فرزند آهي. يار ويس، ڳوٺ جي بجلي جا ٿنڀا ڪرندا هجن يا ڪو ٻيو مسئلو هجي، سندس ننڊ ڦٽي پوندي آهي.
علامه محمد طيب شيخ: پاڻ زمينداربه آهي ته هاءِ اسڪول ۾ استاد به، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، مهمان نواز، يار ويس، اوطاق تي هر وقت دوستن جو وڏو حلقو ويٺل هوندو آهي. ذهين، والد لکاڏنو شيخ وانگر جنهن سان هڪ دفعو ملي ته ان کي پنهنجو ڪريو ڇڏي. پاڻ 3 شاديون ڪيون آهن.
استاد صالح هوت: پاڻ بهترين استاد ادب سان شوق رکندڙ مذهبي روحاني شخصيت، اصول پرست، اصولن تي سودي بازي نه ڪندڙ، اصولن کان هٽي ويندڙ سندس اوولاد هجي، مائٽ هجي يا يار سنگتي ان سان ڳنڍجي ويندو، رٽائرڊ ٿيڻ بعد ٽراسٽورٽر آهي.
عبدالله ملاح: ملدسي ۽ آسپاس جي ملاحن جي معزز شخصيت ۽ وڏو. غريب هئڻ جي باوجود مهمان نواز دل جو سخي.
علي ڏنو ڪنڀر: نوجوان سماجي ورڪر مختلف اين جي اوز ۾ ڪم ڪيو آهي، ذهين هردلعزيز يار ويس نوجوان آهي.
سپاهي محمد اسماعيل خاصخيلي: بهترين شاعر پوليس ۾ جمعدار آهي. سندس شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترن ئي فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي. تقريباً سنڌي اخبارن رسالن ۾ سندس شاعري شايع ٿئي ٿي، سڄي سنڌ جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. يار ويس ۽ سدابهار ماڻهو رهڻ کان پوءِ انتقال ڪري ويو.
منشي علي نواز ملاح: اصل ڳوٺ لال خان جلالاڻي جو، ڪافي عرصي کان ملدسي واسي ٿي ويو آهي، سدابهار شخصيت، راڄائتو ماڻهو، ملاحن جو وڏيرو به سڏبو آهي. محنتي يار ويس، مهمان نواز، قربائتو انسان آهي.
پروفيسر غلام شبير شيخ: ذهين نوجوان، پنهنجي مڙسي تي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پهرين تاريخي تعليمي اداري ۾ ليڪچرار ٿيو، پاڻ ٻيهر ڪميشن پاس ڪري ليڪچرار ٿيو آهي. ادب سان دلچسپي رکندڙ، اسلامي تاريخ تي عبور اٿس. ذهني طور ملو پر هاڻ لبرل ملو ٿي ويو آهي، ان ۾ سيد علي شاهه ليڪچرار جو هٿ آهي. جنهن جي ڪچهرين هن تي اثر ڪيو آهي. هاڻ هالا ۾ رهي ٿو.
ماما ولي محمد هوت: مشهور سگهڙ، عزادار، يار ويس، مهمان نواز، ڪچهرين جو ڪوڏيو. وڏيرو محمد موسيٰ ڏيرو کانپوءِ ملدسي ۾ ڪافي سگهڙ ڪچهريون ڪرايون آهن، کيس ڳوٺ وارا به ماما ولو سڏين.
علي بخش شيخ: ملو محمد حسن شيخ جو فرزند تعليم کاتي ۾ ڪلرڪ آهي، هر دلعزيز يار ويس راڄائتو انسان آهي.
حبيب الله خاصخيلي: هن جو ذڪر ڪتاب ۾ الڳ سان ڏنل آهي.
سيٺ عبدالرزاق خاصخيلي: مرحوم سيٺ گلڻ جو موڀي پٽ عزادار، يار ويس، مهمان نواز، تعميري سوچ رکندڙ، ٻين جي ڪم ايندڙ هر دلعزيز نوجوان.
غلام مصطفيٰ خاصخيلي عرف سهڻو: ننڍي هوندي کان سهڻو، اخلاق ادب جو به سهڻو آهي، ڪنهن کي به ڏي نه ٿو ته ڏکوئي به نه ٿو. ملدسي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر به رهيو آهي، سندس ڪوششن سان ملدسي اسڪول جو تعليمي معيار بهتر بڻيو آهي.
رمضان شيخ: ڀلو ماڻهو يارن جو يار غريب ٿي ڪري سڄي سنڌ ۾ رهائي وارو، ذهين، دوستي ۾ سر ڏيندڙ، پڪو ملون پر ايران عراق شام ۾ هڪ دوست جي معرفت زيارتون ڪرڻ بعد منجهس وڏي تبديلي آيل آهي. ڪنهن جي به دل نه ڏکوئيندڙ انسان آهي.
استاد محمد صديق خاصخيلي: مشهور علمي شخصيت، پ پ پ جو نظرياتي ڪارڪن، شهيد ڀٽو جو وڏو شيدائي، بهترين ليکڪ، پاڻ رٽائرڊ استاد آهي، سندس ڪوششن سان ملدسي ۾ ڪيتريون ئي تعليمي ڪانفرنسون به ٿيون. پاڻ سياسي صورتحال تي بهترين تجزيا به لکيا، پر شايع ڪرائڻ بجاءِ دوستن کي چانهه جي ڪپ يا ماني تي گهرائي ٻڌائيدو هو. هاڻ دوستن کي نه چانهه جي ڪپ تي نه ماني تي گهرائي ٿو.
سيٺ الله بچايو خاصخيلي: چاچو اولاد جي آخري فرزند پنهنجي محنت سان اڄ ملدسي جو وڏو سيٺ آهي. پر فقيراڻي طبيعت رکندڙ يار ويس، ڪنهن جي به دل نه ڏکوئيندڙ. ديني ۽ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکي ٿو.
حاجي خالد ملاح:ڪيترائي حج ڪري آيو آهي، ڪافي عرصو سعودي عرب ۾ روزگار لاءِ به رهيو، ملدسي ۾ سابق هوٽلائي به رهيو آهي، ملدسي پهريون بيٽري تي گرام فوني ۽ TV آڻيندڙ آهي. وڏو ڏاهو، پر مون کي ڊپ لڳندو آهي ته ايترو ڏاهو به نه ٿئي، جو لطيف سائين چواڻي ته ”الله ڏاهي ۾ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“.
مصري ملاح عرف شينهن ملاح: چاچو مولا بخش ملاح جو آخري پٽ وڏو يار ويس وڏي رهائي وارو، دوستي ۾ سر به ڏيڻ کان نه گهٻرائي،دلير مهمان نواز آهي. وڏي سهپ وارو سماجي ورڪر آهي.
مامون ملوڪ ملاح: منهنجي والده جو سوٽ، ذهين، پاڻ نه ڪنهن کي ڏي نه ڏکوئي، ڳالهين جو ڳهير، سگهڙ به آهي، نصيحتن ڀريا نڪتا به کيس هزارين ياد آهن. طبيعت جو سخت هڪ دفعو ڪنهن سان ڪاوڙجي ته پوءِ اهو ڪيڏو به مائٽ يا ويجهو دوست هجي ان کان منهن ڦيري ڇڏيندو.
فقير علي بخش ملاح: عزادار، لطيف جي مٽي ڀريندڙ اشراف يار ويس مهمان نواز آهي.
مسڪين ڪنڀر: محمد بخش عرف مسڪين ڪنڀر وڏي عمر جو پر اڃا به جوانن کان به طاقتور اڄ به محنت مزدوري ڪندڙ، پٽن آڏو هٿ ٽنگڻ بجاءِ پنهنجو ڪمائي پنهنجو کائي، پاڻ پٽن جي مدد ڪري ٿو، طاقتور جواني ۾ هڪ سوئر هن تي حملو ڪيو، ته ان کي ڏنڊي سان ماري وڌائين، چورن سان به مقابلا ڪيائين، کل ڀوڳ وارو ماڻهو آهي.
محمد صديق شيخ: پاڻ نوڪري سانگي ڪافي عرصي کان حيدرآباد رهي پيو، ليڪن ڳوٺ سان اهائي محبت پاڻ هر دلعزيز انسان آهي.
مير محمد خاصخيلي، بادل خاصخيلي ۽ محمد خاصخيلي: هي کمن خاصخيلي جا فرزند آهن، پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ مصروف يار ويس مهمان نواز آهن، ننڍي وڏي کي عزت ڏيندڙ.
عبدالحڪيم ملاح: ڀائو صديق ملاح جو پٽ عزادار، مهمان نواز، ڏک سک ۾ سڀني کي ڪم ايندڙ.
عطا الله ملاح: پاڻ مرحوم اسحاق ملاح جو پٽ اين جي اوز ۾ ڪم ڪري ٿو، ذهين يار ويس، سندس ڀاءُ فوجي فدا حسين ملاح به کل ڀوڳ وارو يار ويس نوجوان آهي، سڄي سنڌ گهمي ٿو.
فقير محمد عمراڻي عرف ڪارو عمراڻي: پراڻوڪامريڊ سائين جي ايم سيد جو عاشق، ماضي ۾ سندس تعاون سان قومي ڪچهريون ٿينديون هيون، هاڻ مون وانگر ملدسي ڇڏي شهدادپور اچي وسائي آهي ۽ هاڻ عمر جي تقاضه جي ڪري، هن ۾ اهو قومي جوش جذبو به نه رهيو آهي.
لال خان عمراڻي: پراڻو ڪامريڊ سنڌ پرست، پاڻ استاد آهي، سماجي ڪارڪن، يارن جو يار، مهمان نواز، هاڻ شهدادپور ۾ رهي ٿو. علي ڏنو عمراڻي، وڏو ڀوڳائي رڌ پچاءَ ۽ طهر سنت جو وڏو ڪاريگر، راڄن کي سونيون جهرڪيون ڏيکاريون، تازو وصال ڪري ويو.
غلام قادر شيرمحمد هوت ۽ عطا الله هوت: غلام قادر عرف شيرمحمد هوت نيوي جو رٽائرڊ آفيسر يار ويس، ڪراچي ۾ به ڳوٺ وارن کي ڏسندو هو ته ماڻهن کي وڏي عزت ڏيندو آهي، سندس ڀاءُ عطا الله هوت هردلعزيز نوجوان، يار ويس، کل مک. پاڻ اسپيشل ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار آهي، علم ادب سان دلچسپي رکي ٿو.
ٻيڙو فقير هوت:وڏو عزادار يار ويس، ڪڪڙ ٻڪرين ۽ سير تفريح جو شوقين آهي.
الطاف خاصخيلي: سيٺ الهه بچايو جو فرزند سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، دڪاندار ويلفيئر ايسوسيئيشن ملدسي جو عهديدار، يار ويس انسان آهي.
علي ڏنو ملاح: عبدالله ملاح جو فرزند آهي، پاڻ پي ٽي سي جي اسٽاف ۾ شامل آهي. يار ويس کل مک مهمان نواز آهي.
ممتاز ملاح : حاجي خالد ملاح جو پٽ پر والد کان مختلف ۽ تيز واٽر مئنجيمنٽ ۾ سب انجنيئر رهيو، هاڻ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي. ذهين يار ويس، ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ، ماضي ۾ عجيب غريب ملون رهيو، سندس ادب سان وڏو چاهه آهي.
ربڏنو واڍو خاصخيلي: والد وانگر بهترين واڍو، ذهين جيڪڏهن مالي حالتون صحيح هجنس ته ڪاٺ مان ڪئين ايجادون ڪري سگهي ٿو.
خميسو شيخ: مثالي هاري يار ويس انسان آهي.
هارون شيخ: ايريگيشن ۾ ملازم هو، يارن جو يار، ذهين مهمان نواز آهي.
محمد عثمان پپو ڪنڀر: وڏو عزادار، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، يار ويس ڪنهن جي تڪليف کي سهي نه سگهندڙ انسان آهي.
محمد ايوب خاصخيلي چاچي حامد خاصخيلي جو فرزند: مزدورن جو اڳواڻ سٺو ماڻهو آهي، ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ آهي.
جان محمد بروهي: يار ويس علائقي ۾ هر ماڻهو جي ڏک سک ۾ شامل رهندڙ دوستن جي ڪاڄن ۾ نڀائيندڙ، موسيقي جو شوقين آهي، پاڻ پ پ ڪارڪن ۽ مشهور سماجي ڪارڪن ۽ ذهين آهي.
ڪامريڊ اڪبر بروهي: مشهور سياسي شخصيت، هارين مزدورن لاءِ جدوجهد ڪندڙ هر ڪنهن کي سچ چوندڙ، خوش طبع شخصيت اوڙي پاڙي وارن دوستن کي ڏک سک ۾ ڪم اچڻ وارو، سندس ڪوششن سان هارين، مزدورن جي قومي ڏيهاڙن تي ننڍڙا پروگرام به ٿيندا آهن.
مامون محمد خاصخيلي مرحوم: پاڻ پٽيوالو جي نالي سان مشهور هو. يونين ڪائونسل جو پٽيوالو هو، سڄي علائقي وارا کيس مامون سڏين کل ڀوڳ ۽ وڏي سهپ وارو، پاڻ گذراي ويو.
محمد جمن خاصخيلي ولد انور خاصخيلي: بااخلاق سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندڙ نوجوان آهي، هر ننڍي وڏي جي عزت ڪري ٿو.
محمد جمن خاصخيلي ولد مامون محمد خاصخيلي: والد وانگر سدا بهار، کل مک يار ويس شخصيت آهي.
ملهار خاصخيلي: ملدسي جو پراڻو هوٽلائي، نه ڪنهن کي ڏي نه ڏکوئي، ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪئي آهي.
ماستر اڪبر خاصخيلي: يار ويس، اوکي سوکي ۾ ڪم اچڻ وارو بهترين انسان آهي. مثالي استاد پڻ آهي.
لال محمد لالو خاصخيلي: هن همراهه هاڻ وڃي بلوچستان جا وڻ وسايا آهي، پهرين اٿل ۾ هاڻ لس ٻيلي ۾ رهي ٿو، هن لسٻيلو ضلعي ۾ ڪيلي جي پوکائي متعارف ڪرائي، سخي مهمان نواز، علائقي جا ماڻهو هن وٽان نه صرف لکين عزتون وٺيو اچن پر ڀاڙا ڪرايا به وٺيو اچن. جڏهن ته سندس ڀاءُ محمد موسيٰ خاصخيلي اهو به هاڻ ڪافي عرصي کان هن سان گڏ آهي، ملدسي وارن لاءِ هاڻ پرديسي آهن، الهه بخش ڏيرو ولد سومار فقير ڄائو ۽ وڏو ملدسي ۾ ٿيو، هاڻ ٽنڊو آدم رهي ٿو، پي آءِ اي ۾ آفيسر آهي. ڳوٺ وارن کي اڄ به لکين عزتون ڏي، سندس ننڍو ڀاءُ بابو ڏيرو به وڃي ٽنڊو آدم وسايو، پاڻ ٿورو روڊ طبيعت وارو آهي.
فيروز شيخ: چاچا لکاڏنو شيخ جو ٻيو نمبر پٽ يار ويس، سندس دوستن جو وسيع حلقو آهي، ڀلن ڪڪڙن، ٻڪرين، تترن جو شوقين، علائقي ۾ دوستن جي ٿيندڙ ڪاڄن کي سرهو ڪندڙ، سندس ننڍا ڀائر اياز شيخ ۽ رياض شيخ، جيڪو واپڊا ۾ آهي، بااخلاق يار ويس آهي.
خدا بخش ملاح ولد خميسو ملاح: دوستن جو وسيع حلقو رکندڙ، وڏن جي دوستن سان نڀائڻ جواني ۾ ڀلا ڪڪڙ به ڌاريندو هو.مهمان نواز، نوجواني ۾ ڪٻڊي جو بهترين رانديگر رهيو.
محمد هاشم ملاح: ڪاوڙ جو تيز پر ڪاوڙ جلد ختم ڪريو ڇڏي، نه ڪنهن کي ڏي نه ڏکوئي، سندس پٽ ارشاد ملاح وري والد کان مختلف ٿڌي دماغ سهپ وارو، جذبات کان پري، محنتي يار ويس، شمس الدين ملاح، عبدالجبار ملاح، رزاق ملاح ڊرائيور، عزيز ملاح، عظيم ملاح، عبدالله ملاح جا پٽ سٺي سوچ رکندڙ نوجوان آهي، سڀن جي ڪم اچڻ وارا يار ويس آهن.
حاجي عمراڻي: بهترين يار ويس کل مک شخصيت جو مالڪ آهي. ملدسي ڇڏي شهدادپور رهي ٿو، ماستر آهي.
ملدسي جي انتقال ڪري ويل انهن عورتن جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي جيڪي هيون ته عورتون پر مرد هيون. انهن ۾ حاجياڻي فاطمه ڏيرو جنهن جي ڳالهائڻ جو انداز مردانو، گهوڙي تي چڙهي پنهنجون زمينون گهمندي هئي، سخي به هئي، وڏي رُعب تاب دٻدٻي واري خاتون هئي، دلير به هئي، عوامي خدمت خاطر دائپو به ڪندي هئي، سندس مڙس جو نالو لقمان ڏيرو هو، کيس ڪوبه اولاد نه هو. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ سندس ذهني توازن بگڙي ويو، جنهن ڪري چيڙاڪ ٿي وئي، ڪڏهن ڪڏهن الٽيون سڌيون ڳالهيون ڪندي هئي.
مائي ڦاپل ملاح: چاچي عيدن ملاح جي زال هئي، سندس ڳوٺ لاکا هو، جنهن زماني ۾ علائقي ۾ ڊاڪٽر ئي نه هئا، تڏهن پيٽ جي سور،ڪاڪڙو لهڻ، گلي جون ڪليون سڄي پون، بخار ٿي پوي، چور بخار ٿئي الٽيون نه بيهن ته ان جو سنوڻ ساٺ ڪندي هئي، ته اهي تڪليفون ختم ٿي وينديون هيون، اهڙا مريض نه صرف ڳوٺ پر پوري علائقي جا هن وٽ ايندا هئا ۽ صحتياب ٿي ويندا هئا.
مائي زينب عرف ماني زينا خاصخيلي: ان وقت جي جهڙوڪ حڪيم به هئي، بيمارين جا سنوڻ ساٺ به ڪندي هئي، خاص طور ٻارڙن جي هر بيماري جون ستيون ڦڪيون ڪندي هئي، سندس هٿ ۾ وڏي شفا هوندي هئي، بيمارين جون ڦڪيون ڏيڻ وقت توڙي سنوڻ ساٺ ڪرڻ وقت چوندي هئي ته هٿ منهنجو ازن سس ڪريمان سان مائي ڪريما سندس سس هوندي هئي.مائي جيئري خاصخيلي: وڏيرو راڄ جي والده هئي نه صرف ملدسي پر آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي دائي هئي، ملدسي ۾ 50 سالن کان وڏي ڄمار جا ماڻهو تقريباً سندس ڄڻايل آهن. روايتي داين وانگر لالچڻ به نه هئي. مائي مريم ڪنڀار پاڻ محمد عمر شڪرانو فقير جي زال هئي، ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي غمي جي ڪم ڪار ۾ ائين وچ ۾ بيٺل هوندي هئي، جهڙو اهي ماڻهو سندس مائٽ هجن. ڏڌ پيئڻ جي شوقين، لطيف سائين سان سندس وڏي عقيدت هئي، ان دور ۾ سواريون نه هيون، پاڻ تقريباً هر جمعي هر سهائي سومار تي پيرين پنڌ مرشد جي مزار تي حاضر ڏيندي هئي، راڳ ٻڌندي هئي، پاڻ عزادار پڻ هئي. پاڻ ذهين ۽ هر دلعزيز عورت هئي.
ملدسي جون انتقال ڪري ويل مشهور شخصيتون
ملدسي جي انتقال ڪري ويل مشهور شخصيتن ۾ وارث ڏنو ڏيرو (اول)، دوئم محمد موسيٰ ڏيرو الڳ باب ۾ شامل آهي.
سليمان فقير ملاح: پنهنجي دور جو مشهور شاعر، پاڻ شاعري جي هر صنف تي لکيو. پاڻ صرف قرآن شريف پڙهيل هئا. جواني ۾ مزاجي عشق ڪيائين، جو روحاني عشق بنجي ويس، عشق کيس اري مان ڪڍي ڇڏيو ۽ اندر جا اڌما شاعري ذريعي ظاهر ڪرڻ لڳو. پاڻ لطيف جا عقيدمند هئا ۽ لطيف وانگر سڄي سنڌ پيرين پنڌ گهمي ڏٺي ۽ اتي جيڪي لوڪ داستان ٻڌا انهن تي به شاعري ڪئي ۽ لطيف جن سورمن ۽ سورمين کي به شاعري ۾ آندو آهي، سندس شاعري لکت ۾ نه اچي سگهي. سندس پٽ فقير مولا بخش ملاح کي تقريباً شاعري برزبان ياد هئي، بعد ۾ پاڻ اها شاعري ڪاپين تي به اتاري پر فقير صاحب جي وفات بعد اهي ڪاپيون به گم ٿي ويون.
حاجي محمود ملاح: سروري جماعت جو خليفو هو، سندن دعوت تي مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين فهيم، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيد الزمان جن اڪثر ايندا رهيا. وڏي اثر رسوخ وارو، اوطاقي، مهمان نواز، يار ويس، ڀلن گهوڙن جو شوقين هو.
احمد ملاح: هي حاجي محمود ملاح جو اڪيلو پٽ هو آهي، جيڪو والد جي نقش قدم تي هلندي اوطاق کي هلائيندو آيو ۽ والد جي دوستن سان نڀائڻ سان گڏ ڪيترائي سٺي حيثيت رکندڙ نوان دوست به ٺاهيا. دوستي ۾ سر ڏيڻ وارو 1994ع ۾ گذاري ويو. منهنجو سوٽ هو، هاڻ سندن اوطاق جون رونقون قائم دائم نه رهي سگهيون آهن.
سيد قاسم علي شاهه: جنهن جو ذڪر اسڪولن واري باب ۾ ڪري آيا آهيون، سندس ڪوششن سان ڪيتريون ملدسي جون نياڻيون ۽ ڇوڪرا پڙهيا، پاڻ غريب شاگردن جي مدد به ڪندو هو، پاڻ مذهبي شخصيت هئا، طبيعت جا انتهائي سخت پراصول پرست هئا، بعد ۾ ماستري تان استعفيٰ ڏئي پنهنجون خدمتون منصوره مدرسي حوالي ڪيون، جتي به ملدسي ۽ آسپاس جا ڪيترائي ڇوڪرا پڙهي نوڪرين تي پهتا. 1980ع ۾ وفات ڪري ويا، سندن آخري آرام گاهه به منصوره ۾ آهي.
سيد غوث محمد شاهه: بهترين استاد نازڪ نفيس، ادبي ڪتاب پاڻ به پڙهندا هئا، ٻين کي به پڙهي ٻڌائيندا هئا، خاص طور لوڪ ادب جا ڪتاب، ٻارن کي مفت ٽيوشن ڏيندا هئا، رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪريانه ۽ ڪپڙي جو دڪان هلايو، پاڻ مثالي استاد هو، 1998ع ۾ وفات ڪيائون.
سيد نور محمد شاهه: پاڻ مذهبي روحاني شخصيت ۽ عزادار هئا. غريب هئڻ جي باوجود مهمان نواز، غريبن جي مدد ڪندا هئا. 1969ع ۾ وفات ڪيائين.
رحمت الله قاضي ڏيرو: عالم قرآن جو حافظ تعويذن جو بادشاهه، علم نجوم، علم رمل نوري علم جو ماهر، سندس تعويذ منڊيءَ تي ٽڪ هوندا هئا.
ميهار ملاح: سندس ذڪر هن ڪتاب ۾ الڳ ڪيل آهي.
الهه بخش ملاح: منهنجو والد هو. سگهڙ، مهمان نواز، ڀلين مينهن جو شوقين، غريب هئڻ جي باوجود دل جو سخي، يار جو يار، 1989ع ڌاري گذاري ويو.
قادر بخش خاصخيلي: پاڻ استاد طبيب وارن جو ڏاڏو هو، وڏو سرندي نواز هو، يار ويس، مهمان نواز هو،
اولادي خاصخيلي: پاڻ قادر بخش خاصخيلي جو فرزند هو. پاڻ به والد وانگر سرندو وڄائڻ جو قابل، هو هاري پر دل جا سخي مهمان نواز هو.
محمد سومار فقير ڏيرو: نرالي شخصيت جو مالڪ نفيس، ننڍي وڏي سان ادب اخلاق سان ملندڙ صوفيانه راڳ جو شوقين حسن پرست ملدسي ۾ پهرين ٽيپ رڪارڊر پاڻ آندو. ڪچهرين جو ڪوڏيو، يار ويس، مهمان نواز، دوستي ۾ سر ڏيڻ وارو، علائقي ۾ ٿيندڙ ڪاڄن ۾ کيس سربراهه مقرر ڪيو ويندو هو، پنهنجا ماڻهو وٺي ڪاڄ سرها ڪندو هو. ڪاوڙ ۾ به مرڪندو هو، ٻين کي ڪم ايندي خوشي محسوس ڪندو هو.
کمن فقير: وڏو ڀوڳائي، راڄائتو، مزاحيه ڪچهرين جو بادشاهه. غريب هئڻ جي باوجود مهمان نواز، ڏکئي وقت ۾ دوستن جي ڪم اچڻ وارو هو.
لکاڏنو شيخ: پنهنجي مڙسي سان ماني مڇي وارو ٿيو پاڻ سيٺ سڏبو هو. وڏو داناءُ، فيصلن جو ماهر، ڏکيا فيصلا به جيڪي ٻين کان نه ٿيندا هئا، اهي مکڻ مان وار ڪڍڻ جي چوڻي مطابق ڪڍي ڇڏيندو هو. مهمان نواز، يار ويس، پوليس ۽ بااثر ماڻهن سان تعلقات هئس.
عيسو شيخ: مشهور پڪوڙائي سندس پڪوڙِا سڄي علائقي ۾ مشهور، چيڙاڪ به حد کان وڌيڪ، چڙي ته پڪوڙن جي تئي هيٺان ٻرندڙ بنڊي به وهائي ڪڍي. پاڻ گهورڙيو به هو.
محمد عمر شڪرانو فقير ڪنڀر: وڏو دلير، ٻاجهه ڀريو، مهمان نواز، نغارا وڄائڻ جو ماهر، وڏو عزادار، ڏک سک ۾ ٻين کي ڪم ايندڙ پاڻ 130 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
قاضي ڪنڀر: مشهور ڪنڀر، سندس ٺاهيل ٿانوَ سڄي علائقي ۾ مشهور هئا. ٻين علائقن وارا به هن وٽان ٺڪر جا ٿانو وٺڻ يندا هئا.
ڪمال عمراڻي: مشهور حجام، انهيءَ ڌنڌي ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو.
مامون غازي غلام محمد خاصخيلي: پاڻ يار ويس، سخي، دل جو کليل، مهمان نواز، سخاوت جي ڪري غازي سڏبو هو، فقير فقراءَ، موالي سوالين جو ڌڻ سندس پٺيان هلندو هو.
ملو محمد حسين شيخ: پاڻ ڳوٺ جو ملو هو، سدابهار شخصيت، هر عيد ۽ جمعي جي نماز ۾ جتوئي وارو خطبو پڙهندو هو.
سيٺ اميد علي خاصخيلي: محنت جدوجهد سان مڇي ماني وارو ٿيو، دڪان به هلايائين، اوطاق به هو.
حيدر هوت: زندهه دل هر دلعزيز مزاحيه طبيعت رکندڙ مذهبي ماڻهو هو، گهڻو وقت ڪراچي جي هڪ مسجد ۾ گذاريائين، بعد ۾ عربي ٽيچر ٿيو. يار ويس، ذهين انسان هو.
محمد عمر فقير ڏيرو: درويش فقير منش انسان، ڏکئي مهل سڀني کي ڪم اچڻ وارو، گهوڙن جو شوقين هو. چوپايو مال جو شوقين هو.
الهه بچايو شيخ: بهترين سگهڙ، يارن جو يار، پتي راند ۽ شترنج جو وڏو شوقين ۽ ماهر هو. ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو.
سيد بچل شاهه: اصل گمبٽ جو هو، سائين حسين شاه وارن جو مائٽ هو. وڏي دٻ دٻي وارو پوليس جمعدار هو. وردي پائڻ بجاءِ ملهه وانگر وڏا ڪپڙا پائي وڏو بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي هلندو هو. زمينداري به هيس، ملدسي ۾ عزاداري حسين جي روايت قائم ڪئي، اوائلي پڙن جي ڀرپور مالي مدد به ڪيائين، پهرين کان 10 محرم تي وڏيون خيرخيراتون ڪندو هو.
خميسو ملاح: منهنجو چاچو هو، روحاني شخصيت هو، سندس تعويذن ۽ ڦيڻن ۾ وڏو اثر هوندو هو. پرهيزگار بااخلاق هو.
سيد عالم شاهه: وڏو داناءُ، بهترين حڪيم، روحاني شخصيت هو، تعويذن جو ماهر، سندس مريد سڄي سنڌ ۾ هوندا هئا. پاڻ ذهين، مهمان نواز هئا، سيد لطف علي شاهه سندس فرزند آهي.
هارون خاصخيلي هوٽل وارو: ملدسي جو مشهور هوٽلائي فقير طبيعت وارو لطيف سائين جو عقيدتمند، يار ويس هو، مهمان نواز هو.
عبدالله شيخ: پاڻ ملدسي جو بهترين هوٽلائي ڪڪڙن جو شوقين، سندس چانهه مشهور هئي.
اوستو بهادر لوهار: ملدسي جو مشهور لوهار ڀلا ڏاٽا، ڪهاڙيون ٺاهيندڙ هو، شهدادپور جو هو، پر هن سڄي حياتي ملدسي ۾ گذاري ۽ هتي ئي وصال ڪيو ۽ ڳوٺ وارن سان نڀايو.
سليمان واڍو خاصخيلي: پاڻ سگهڙ يار ويس واڍڪي ڪم ۾ مشهور يار ويس مهمان، نواز ذهين هو.
دين محمد خاصخيلي عرف ملنگ: بهترين سگهڙ، وڏيرو محمد موسيٰ جو ساٿاري، ڪچهرين جو ڪوڏيو، يار ويس، لطيف سائين، سچل سائين، وڏيرو موسيٰ ڏيرو جي شاعري برزبان ياد هئس. سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچهرين ۾ ويندو هو. محمد ملاح فقير علي بخش خاصخيلي جو ذڪر عزاداري واري باب ۾ اچي چڪو آهي.
محمد اسحاق ملاح: يار ويس، مهمان نواز، محنتي ۽ صحبتي ماڻهو هو، جڏهن ته انتقال ڪري ويل ٻين شخصيتن ۾ عيدن ملاح، محمد صديق ملاح، محمد عمر هوت، ننگر هوت، محمد بخش هوت، مبارڪ هوت، الهه رکيو مهر، مولا بخش خاصخيلي، ابراهيم هوت، الهه بچايو ”بچو“ خاصخيلي، شهمير خاصخيلي، سرائي محمد سانوڻ خاصخيلي، ليمون هوت، الهه ورايو خاصخيلي ٻڍاڻي، يوسف فقير ڏيرو، پانڌي فقير ڏيرو، محمد پريل خاصخيلي، پانڌي خاصخيلي، اميد علي هوت، انور خاصخيلي، ڏتل هوت، محمد هوت، منٺار منو خاصخيلي، ڌڻي بخش خاصخيلي، صابن خاصخيلي، لکاڏنو خارباز خاصخيلي، پانڌي فقير ڏيرو، ارباب مهر، رسول بخش بروهي، محمد حجام، احسان فقير ڏيرو، ٽنڊو ڪنڀر، حيدر شاهه، قاسم ڪنڀر.
وڏيرو راڄ خاصخيلي: پنهنجي برادري جو وڏيرو، يار ويس، مهمان نواز هو.
سيٺ مصري خاصخيلي ولد امير علي خاصخيلي: نفيس، يار ويس، بعد ۾ مذهبي ماڻهو ٿي ويو، سماجي ڪارڪن هو.
جان محمد خاصخيلي: ملدسي جو هردلعزيزسماجي ڪارڪن بجلي جي ڪم جو ڄاڻو، تعليم يافته پاڻ گئس کاتي ۾ سب انجنيئر هئا، هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا. قادر بخش خاصخيلي ولد استاد طيب خاصخيلي جنهن ننڍي عمر ۾ دوستن جو وڏو حلقو ٺاهيو، پاڻ هڪ ٽي وي چئنل جو سنڌ لاءِ بيورو چيف هو. ڳوٺ وارن تي ساهه ڇڏيندو هو. 2016ع ۾ وصال ڪري ويو.
ڇٽو هوت: پوليس پيري جو بهترين پيري يار ويس هو.
خيرو سومرو ۽ سندس پٽ مصري سومرو: جيڪي چاڪي به سڏبا هئا، پي پٽ ڀلا انسان وڏا ڀوڳائي هئا. ملدسي ۾ برف ۽ ٿڌي جو پهريون دڪان هنن جو هو.
محمد عرس سومرو: پاڻ ملدسي جو بهترين درزي هو، ماين مردن جا ڪپڙا سبندو هو، سڄي ڳوٺ جي گهرن ۾ بنا سڏجي به هليو يندو هو.
شير محمد مهر: ملدسي جو وڏو سيٺ وڏو دڪاندار، آخري وقت ۾ عشق ڪيائين، جنهن اري مان ڪڍي ڇڏيس بعد ۾ عشق ۾ ناڪام ويو ۽ دنياداري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين، سڄي سنڌ جي درگاهن تي ويندو هو. ۽ پڙ چوري ڪري انهن مان خيرخيراتون ڪندو. آخر ۾ شير شاهه سڏائيندو هو. ٽنڊو محمد خان ۾ سندس مزار آهي، جيڪا شير محمد شاهه جي مزار سڏجي ٿي.
سيد عثمان شاهه: پنهنجي وقت جو ريڊيو ٺاهڻ جو ماهر، ادبي ذوق رکندڙ، بادشاهن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ، دڪانداري به ڪيائين. فقير صيفل خاصخيلي، الهه بخش پرين خاصخيلي، ڏاڏو گلڻ خاصخيلي ولد مرحوم سيٺ اميد علي خاصخيلي، ملدسي ۾ پهريون ٽريڪٽر ان آندو، مرحوم محنتي يار ويس ذهين زندهه رل شخصيت هو.
محمد ابراهيم شيخ: پاڻ ملو محمد حسن شيخ جو موڀي پٽ هو. پ پ جو جيالو هو، دڪاندار به هو، يار ويس انسان، مهل تي ڪم اچڻ وارو، پ پ پ ۾ سندس جدوجهد قابل تعريف هئي.
الهه رکيو ڪنڀر عرف منشي: پاڻ ڏيرا اسٽيٽ جو منشي هو. ذهين سهپ رکندڙ، ڪنهن جي دل آزاري نه ڪندڙ کل مک انسان هو.
شيرمحمد شيرل عمراڻي: پنهنجي وقت جو بهترين حجام، ديني ۽ کل ڀوڳ وارو انسان هو، تعليم کاتي ۾ ملازم هو سندس فرزند به سندس نقش قدم تي هلن ٿا، ڪنڊو فقير خاصخيلي، فقير منش مشهور عامل، مٿي جي سور، وڇون، نانگ بلا کائڻ جي جهاڙ جو عامل، پيٽ ۽ مٿي جي سور جا ڦيڻا رکڻ، بيمارين جا تعويذ لکڻ ۾ وڏي مشهوري رکندو هو. تعويذن لاءِ پري پري کان ماڻهو هن وٽ ايندا هئا.
الهجڙيو ملاح : يارن جو يار سڄي سنڌ ۾ دوستن جو وڏو حلقو رکندڙ هو. نانگ بلائون پاليندو هو. ٻين کي ان لاءِ تعويذ به ڏيندو هو.
حاجي عثمان شيخ: مذهبي شخصيت، محنتي هاري، حديثن ۽ اسلامي ڪتاب کڻي بازار ۾ هوٽلن، دڪانن تي وڃي ويٺلن کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ کين الله ۽ الله جي رسول جي انهن ڏسيل ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ چوندو هو.
ملدستي جي انتقال ڪري ويل شخصيتن ۾ عارب خاصخيلي، عبدالغفور ملاح، صادق ملاح قاسم ملاح، ڏاڏو عارب ملاح ۽ ٻيون شخصيتون شامل آهن. دل ته اهو چيو ته انتقال ڪري ويل سڀني شخصيتن تي ٻه ٻه سٽون لکان پر اهو ممڪن نه آهي. ڪوشش هوندي ته ملدسي تي هڪ الڳ ڪتاب لکجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته انتقال ڪري ويل شخصيتن مان ڪي رهجي ويا هجن ان لاءِ سندن وارثن کان اڳواٽ معذرت ڪريون ٿا. جڏهن ته حال حيات جن مشهور ماڻهن جو ذڪر نه ڪري سگهيو آهيان، انهن کان به معذرت.