شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ قائم سولنگي

ڪي گُل بيابانن ۾ ڦٽندا آهن ۽ بعضي اتي ئي گونچ ۽ پنکڙيون ڇاڻي ڇڏين، پر ڪي گُل پنهنجي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان آسپاس جي ماحول کي معطر ڪري ڇڏين ٿا، سنڌ جي سرزمين مردم خيز رهي آهي، هتي ڪيئن رتن ۽ هيرا پيدا ٿيا، جن مان ڪي ڏٺاسين، ڪن سان جنم گذارڻ جي ڪوشش ڪئي سين، هونئن به شخصيتون تاريخ جا پير ٿينديون آهن، هن ورقن ۾ گهڻ رخي شخصيت، فقير صفت ۽ جهانديد انسان”قائم سولنگيءَ“ جو ذڪر ڪندس، جنهن جي زندگي ٻين لاءِ ٿڌي ڇانو مثل رهي آهي، جيڪو تاريخ جاگرافي، لطيف شناسي، قديم آثارن توڙي ٿر ۽ ميرپورخاص جي تاريخي ماڳن ۽ ثقافت تي هڪ اٿارٽي آهي.
جيئن جرمني ۾ سماج سڌارڪ“مارڻن لُوٿر” هالينڊ ۾ “آراسمس ” ۽ فرانس ۾ مجاهد خاتون“ جون آف آرڪ جي سماجي ۽ علمي خدمتن تي کين خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو،ائين ڊگهي عرصي کان مسلسل ميرپورخاص، عمرڪوٽ ضلعن ۽ ڏاکڻي ٿر ۾ بي لوث ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کيس مختلف ڪميونٽيز جا ساڃاهه وند آديش ۽ جَسُ ڏيندا رهيا آهن.ايم آر ڊي تحريڪ وقت جمهوريت لاءِ هلچل هجي، پٺتي پيل طبقن جي انساني حقن جي ڳالهه هجي.سنڌ ۾ ڪڏهن ڌاڙيل فيڪٽر ان لاءِ قائم سولنگي قلم ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.اهڙو ليکاري جنهن ادب جي مختلف صنفن ۽ موضوعن تي مضمون، مقالا ۽ اخباري ڪالم لکيا هجن، سندس نه رڳو پنهنجا تحرير ڪيل ڪتاب” سامايل سوچ“ پل پل پچارون ۽ پري پين پرو“ ڇپيل آهن، ليڪن ٻين ليکڪن ۽ شاعرن جا مجموعا ڇپائڻ ۾ مرتب ۽ معاون رهيو آهي.جيئن ”سمن جي سوچ“ آشائن جا ديپ، يار خاطر، ڌاڙيل ڪئمپ، ٽنڊوالهيار جو سياستڪار”ڀورل شاهه“ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۽ زرعي ريسرچ کاتي پاران ميرپورخاص ۾ مينگو فيسٽول لاءِ سووينئر ڇپائڻ وغيره شامل آهن.
تعليمي رڪارڊ موجب قائم سولنگيءَ جو جنم 5 فيبروري 1958ع ۾ ڳوٺ سچيڏنو ورياهه، ديهه ماراني وايا ٽنڊوآدم هڪ پورهيت ڀليڏنو سولنگي جي گهر ۾ ٿيو، سندس ٻانگ جو نالو محمد حسين رکيو ويو جو پوءِ اڳتي هلي ادبي، سماجي ۽ صحافتي کيتر ۾ تخلص قائم سان مشهور ٿي ويو، پاڻ پرائمري پنج درجا ۽ ساڳئي ڳوٺ جي مدرسي ۾ مفتي فقير منٺار خاصخيلي وٽ قرآن شريف ۽ فارسي به پڙهيو، جڏهن ته اٺين ڪلاس تائين گورنمينٽ شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊوآدم ۽ مئٽرڪ پروانشلائيزڊ هاءِ اسڪول (جيئندو هاليپوٽا وايا حيدرآباد) مان 1976 ۾ پاس ڪري انٽر تائين سٽي ڪاليج حيدرآباد ۽ بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فلسفي جي سبجيڪٽ ۾ ايم اي پاس ڪئي، بحيثيت پوزيشن هولڊر کيس ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ ٻن سالن لاءِ اعزازي ليڪچرار لاءِ آفر ٿي جتي پاڻ ”نفسيات “ جو سبجيڪٽ پڙهايائين.اهڙي طرح هن ايل ايل بي جي ڊگري به حاصل ڪئي. پاڻ ڳوٺ جو پهريون ٻار هو جنهن انگريزي تعليم حاصل ڪئي.هيءُ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ۾ لطيف آباد ۽ پوءِ ميرپورخاص ۾ سينيئر ڪلارڪ رهيو ۽ بعد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۾ ايڪسپورٽ ٽيڪس شعبي ۾ انسپيڪٽر رهيو، ساڳي طرح پاڻ 98-1997 ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيو.سولنگي صاحب اعزازي طور بيورو آف ڪيرا ڪيولم ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور به هڪ سال خدمتون سرانجام ڏيندو رهو.جنهن کي پوءِ خيرباد چئي، آل پاڪستان فيڊريشن آف ليبر ڪراچيءَ جي وفد سان ايران جي شهر تهران ۾ منعقد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري مقالو پڙهيائين ۽ واپسيءَ تي اٽڪل ٻه سال ڪراچي ۾ ئي رهيو ۽ ڪڏهن ٽيليوزن سينٽر تي پروگرام ڪچهري پارکو ۽ کٽڻهار ۾ حصو وٺندي نظر ايندو هو.
قائم سولنگي ڪجهه عرصو صحافتي سٿ ۾ به رهيو، 1987ع ۾ هفتيوار اخبار”تعمير“ ميرپورخاص 1990 ۾ اخبار”عالم“ عمرڪوٽ ۽ 1993ع ۾ اخبار عوامي هلچل ڪوٽڙيءَ جو اعزاز ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ گڏوگڏ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇا ڏٺم ڇا ٻڌم، عبرت اخبار ۾ ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙيون“ روزانه مهراڻ ۾ پچار ۽ سنڌ نيوز ۾ سيلانيءَ جي ڊائري عنوان سان ڪالم به لکندو هو ۽ وقت بوقت سندس لکڻيون روزاني آفتاب حيدرآباد ۽ اردو اخبار جنگ ڪراچي جي مڊويڪ ميگزين ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون هيون.ان کانسواءِ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ محقق معمور يوسفاڻي ۽ شاعر ولي سروريءَ سان ادبي قافلي ۾ رهڻ ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ عمر ڪوٽيءَ سان ٻانهن ٻيلي رهي ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ ڪلچرل ايسوسيئيشن جي ميوزم لاءِ ثقافتي نشانيون سهيڙن ۾ هٿ ونڊائڻ ۾ برک زميندار ۽ محقق عبدالله ورياهه جي”پي ايڇ ڊي“ لاءِ ٿيسز بعنوان سنڌ ۾ رائج قديم سڪا لاءِ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گڏجي سفر ڪرڻ ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ، ڀٽ شاهه لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ منعقد ادبي ڪانفرنس ۾شرڪت ۽ ڪڏهن مقالو پڙهڻ، جيڪي ثقافت کاتي پاران ڇپايل ڪتابن ۾ موجود آهن، قائم سولنگيءَ اوائلي ڏينهن ۾ شاعريءَ تي به طبع آزمائي ڪئي ۽ شعرن ۾ پروفيسر محبوب”سروري“ کان اصلاح به وٺندو هو، هاڻ شايد وٽانئس شاعري وارو پکي اڏامي ويو آهي.ميرپورخاص جي مشهور لائبريري يوسفيه جنهن ۾ اٽڪل 42 هزار ڪتاب موجود چيا وڃن ٿا. جي سرواڻ ڊاڪٽر يوسف ميمڻ جو هڪ تقريب ۾ برملا چيل جملو ته” هن لائبريريءَ کي يادگار بڻائڻ ۾ محترم قائم سولنگي جو ساٿ رهيو، ويتر سندس وسيع مطالعي ۽ مشاهدي ماڻڻ جي ڪري هن جو شمار علمي اڪابرن تصوف ۽ سماجيات جي ڄاڻن ۾ ٿيڻ لڳو. اهو ئي سبب آهي جو کيس اسلام آباد ۾ اهل قلم ڪانفرنس هجي يا مشاهير علماءَ ڪانفرنس ۾ بحيثيت اديب ۽ محقق جي مدعو ڪيو ويندو آهي.ساڳي طرح هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 86-1985ع دوران پروگرام سگهڙين سٿ، محفل شب، وحدت واري وائيءَ ۽ روح رهاڻ لاءِ اسڪرپٽ به لکيا، مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو عهديدار رهي ادبي ميڙاڪا، مشاعرا ڪوٺائڻ، ثقافتي نمائشون ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ به سندس مشغلا رهيا آهن. اهو ئي سب جو کيس مڃتا طور سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ به ملندا رهيا.هينئر به پاڻ عمرڪوٽ جي ”گلوبل“ ويلفيئر فائونڊيشن سان لاڳاپيل آهي، تازو سنڌ ثقافت کاتي جي تجويز سان ميرپورخاص ۾ آرڪيالاجي جي سوسائٽي جوڙي تاريخي ماڳن، ميوزم ۽ لائبريرين جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ ڪميٽي ۾ کيس به ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي.جنهن جو چيئرمين ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن آهي.محمد حسين عرف قائم سولنگيءَ جي اها ڳالهه به قابل ستائش آهي ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ناهي رهيو ۽ هو هميشه غير متنازعه رهيو آهي، البته ڪڏهن پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ته بعضي فنڪشنل مسلم ليگ توڙي مذهبي پارٽين جي جلسن ۾ اسٽيج سيڪريٽري طور ڪمپيئرنگ ڪندي نظر آيو، هن خود دار طبيعت رکندڙ يگاني انسان ڪيترن موقعن تي ڪي سڻڀيون لالچون قبول ڪرڻ بجاءِ حال مست رهڻ کي پسند ڪيوآهي. قائم سولنگي جيڪو سنڌي مارواڙي، سرائيڪي، اردو ، ٿري، ڍاٽڪي ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي ٿو، شجري ۾ سندس ڏاڏو ميرل سولنگي، پڙڏاڏو تڳيو سولنگي ۽ پنجين پيڙهيءَ ۾ بُولو سولنڪي جو نالو ملي ٿو.
قائم سولنگي سان منهنجو پيار جو ناتو 1982ع کان رهيو آهي پاڻ محسن جهڙي عزت ڪري ٿو سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي ادبي ثقافتي پروگرامن ۾ به گڏ ويندا رهيا آهيون. اسان جو هي دوست حسن پرست آهي. ڳالهائڻ جو وڏو ڏانءُ اٿس. پهرين ملاقات شهدادپور ۾ ئي ٿي جيڪا دوستي ۾ بدلجي وئي.