شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

خوبصورت جذبن وارو شاعر رمضان رمزي

9 مئي 1977ع تي شهدادپور، شاهپورچاڪر روڊ تي ڳوٺ ڊاڪٽر مجيد ڇٽو ۾ هڪ هاري محمد هارون ڇٽو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد رمضان رمزي خوبصورت جذبن وارو شاعر آهي، شاگردي دور ۾ لطيف سائين ۽ استاد بخاري کي پڙهي شاعري جو شوق ٿيس، سيد ماڪن شاهه رضوي ۽ حاجي خشڪ شاعري ۾ رهنمائي ڪئي، هن جي هالار، ڪوشش، شام اخبارن ۾ شاعري ڇپجي رهي آهي. سنڌي ادبي سنگت شهدادپور جو پريس سيڪريٽري به رهيو آهي. بهترين ڪمپيئر به آهي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ به شريڪ ٿيو آهي. رمضان فضل، عاشق نظاماڻي، فوزيه سومرو جا فنڪار، لطيف سائين، استاد بخاري، علي گل سانگي، علي گل رنگ، پسند جا شاعرسندا آئيڊل شخصيت ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو آهي.