شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سماج سڌارڪ شاهده سمون

شاهده سمون سنڌ جي تاريخي قديم شهر ڪنري جي نه صرف سماج سڌارڪ خاتون آهي پر هڪ مثالي استاد به آهي. ڪنري جي تاريخ ۾ شايد هي پهرين عورت آهي جيڪا گهر کان ٻاهر نڪري رضاڪارانه طور سماجي خدمت ڪري ٿي عورتن ۾ سندن حقن بابت جاگرتا پيدا ڪري ٿي. عورتن جا مسئلا حل ڪرائيڻ، عورتن کي حق وٺرائي ڏيڻ عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف آواز اٿارڻ سان گڏ هر طرح سان جدوجهد ڪري ٿي. شاهده سمون ڪنري جي هڪ مذهبي خاندان ۾ هڪ مثالي استاد عبدالحق سمون جي گهر ۾ 26 سيپٽمبر 1969ع ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ذهين ، همدرد، حساس دل، ادب سان شوق رکندڙ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن خاص طور دبيٽ مقابلن ۽ ملهائيجندڙ مختلف ڏينهن تي به بهترين انداز ۾ تقرير ڪندي هئي ۽ ڪنري جي هن خاندان جي شايد پهرين عورت آهي جنهن ان دور ۾ جڏهن هن سماج ۾ نياڻين جي تعليم کي سٺو نه سمجهيو ويندو هو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي پوليٽيڪل سائنس پاس ڪيو. 1990ع ڌاري پرائمري استاد ٿي ۽ هن خاندان جي ان دور ۾ هي پهرين نياڻي هئي جيڪا سرڪاري نوڪري ۾ آئي سندس شادي مشهور صحافي ليکڪ محمد هاشم عرف عاجز سمون سان ٿي. جيڪو سماجي ورڪر به هو ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندو هو. جڏهن عورت فائونڊيشن عمر ڪوٽ ضلع ۾ ڪم شروع ڪيو ته شاهده سمون مڙس جي تعاون سان ان تنظيم جي پليٽ فارم تان رضاڪارانه طور ڪنري تعلقه ۾عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف ۽ سندن مسئلن حقن لاءِ رضاڪارنه طور ڪوششون ڪيون صبح جو اسڪول ٻنپهرن جو جتان موڪل بعد گهر ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ ڪنري شهر ۽ تعلقه جي ڳوٺن ۾ وڃي عورتن کي سندن حقن بابت شعور ڏيڻ شروع ڪيو جنهن جا بهترين نتيجا نڪتا. علائقي ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين، نارواسلوڪ ۾ ڪمي آڻي ظلم جو شڪار عورتن جي هن قانوني مدد ڪئي بعد ۾ هن سندس مڙس جي 2001ع ۾ ٺاهيل رورل وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان علائقي جي مسئلن عوام کي بنيادي سهوليتون ڏيارڻ، عورتن جي حقن عورتن جي صحت، نياڻي جي تعليم تي رضاڪارانه طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، مختلف تنظيمن کان تعلقه اندر پيئڻ جو صاف پاڻي لاءِ نلڪا لڳرائي ڏنا. عورتن کي صحت جون بهتر سهوليتون ڏياريون.صحت صفائي بابت جاگرتا ڏني. هن عورتن کي بلڊ گروپ چيڪ ڪرائي ڪارڊ سنڀالي رکڻ جي مهم هلائي ته جئين هنگامي حالتن ۾ عورتن کي بروقت رت لڳائي انهن جي زندگي بچائي سگهجي. ڪنري ۽ آسپاس ۾ ڪنهن غريب خاص طور ڪنهن عورت سان ظلم ٿئي ٿو ته شاهده سمون انهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي. ڪنري ۾ حولي نالي ڪولهي نياڻي سان جڏهن با اثر ماڻهن گينگ ريپ ڪري بعد ۾ ماريو ويو ۽ انهن جي مائيٽن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ سان گڏ ڏوڪڙ ڏنا ويا شاهده سمون ان خلاف ساٿين سان گڏ آواز اٿاريو جنهن بعد ڪيس به داخل ٿيو. جانچ به ٿي. شاهده سمون نه صرف ڪنري پر عمر ڪوٽ ضلع ۾ مختلف تنظيمن پاران عوامي مسئلن عورتن تي ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ به شريڪ ٿيندي رهي آهي غريب ماڻهن جي لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ مختلف دورن ۾ هن تي ڏکيا ڏينهن به آيا آهن کيس انتقامي ڪارواين تحت ڏوراهين علائقن ۾ بدلي ڪيو ويو کيس ڌمڪايو ويو پر غريب عوام خاص طور عورتن جي حقن لاءِ عورتن سان ٿيندڙ ظلم زيادتين خلاف خاموش رهڻ بجاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهي آهي شاهده سمون مثالي استاد به آهي پاڻ ڳوٺ ڪنري ميمڻ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستراڻي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي سندس اسڪول جي نياڻين جي تعليم جو معيار ڪنهن پرائيويٽ اسڪول کان گهٽ ناهي هيڊ ماستر ياڻي کان پهرين هڪ ٽيچر جي حيثيت سان به سندس ڪارڪردگي بهتر رهي آهي ٻارن کي پڙهائيڻ جو انداز بهترين رهيو آهي هن وقت هيڊ ماسترياڻي هئڻ جي باوجود پاڻ پهرين درجي کي خود پڙهائي ٿي. جڏهن ته جتي به رهي آهي اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرميون به جاري رکيون آهن ٻارن ۾ ٽيلنٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ٻارن جا پروگرام ڪرائيندي رهي آهي عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد جي اعتراف طور کيس هڪ اداري پاران اسلام آباد ۾ ڪيل پروگرام ۾ کيس گهراڻي سندس ڪم کي ساراهيو ويو ۽ ان پروگرام ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ايم اين اي سيد نفيسه شاهه سان رکيل هئا پر هو پروگرام ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. شاهده سمون جي سماجي خدمتن جي اعتراف طور عمرڪوٽ ۾ هڪ تنظيم پاران شهيد بختاور ايوارڊ، شاهه لطيف فائونڊيشن پاران لطيف ايوارڊ ڏنو ويو آهي. تعليم کاتي پاران به سندس خدمتن جي اعتراف طور بهترين ٽيچر ۽ بهترين هيڊ ماسترياڻي طور ڪيترائي سرٽيفڪيٽ مليا آهن. سندس جيون ساٿي جي وفات بعد گهر جو بار به هن تي آيو پر پاڻ حوصله همٿ سان ڪم جاري رکيو اچي، سندس خواهش آهي ته رٽائرڊ ٿيڻ بعد پاڻ ڪل وقت سماجي ڪارڪن طور ڪم ڪندي ۽ سندس مڙس جي ٺاهيل سماجي تنظيم کي فعال ڪري عوام جي بهتري عورتن جي حقن عورتن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي. شاهده سمون جو ننڍي هوندي کان ادب سان شوق رهيو آهي شاعري سان جنون جي حد تائين دلچسپي رهي آهي هن شاهه لطيف، سچل سائين، استاد بخاري، شيخ اياز، تمام گهڻو پڙهيو آهي پاڻ لطيف سائين جي شاعري تي تحقيقي ڪم به ڪري رهي آهي موسيقي سان به سندس دلچسپي رهي آهي عابده پروين. استاد جمن، استاد ابراهيم، مائي ڀاڳي، شفيع فقير، صادق فقير، جي گيتن کي پسند ڪري ٿي پاڻ هن وقت به ڪيترن ئي سماجي تنظيمن ۾ اسڪول ٽائم کان پوءِ رضاڪارانه طور ڪم ڪري ٿي.