سيد نثار حسين شاهه لطيفي
1993ع کان مون لطيف سائين جي ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي مئگزين شايع ڪرڻ شروع ڪيم جيڪو اڄ ڏينهن تائين شايع ٿئي ٿو ۽ عرس مبارڪ ۾ زائرين ۾مفت ورهائڻ سان گڏ ملڪ جي مشهور سياستدان ، بيرو ڪريٽ ، تقريبن سنڌ جي درگاهن جي سجاده نشين ، مشهور لائبريرين ، ڀارت ، آمريڪا ، سعودي عريبه ، دبئي عراق، ڪويت سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ سنڌ ڄاون جيڪي لطيف سائين سان عقيدت رکن ٿا ، انهن کي اعزازي ڪاپيون ٽپال جو خرچ به پاڻ ڪري موڪليندو رهان ٿو ، جڏهن 1993ع ۾ پهريون شمارو شايع ڪرڻ کان اڳ مرحوم اڪبر ساند ،” ڀٽ شاهه، جو صحافي“ سان گڏ ان وقت جي سجاده نشين سيد غلام شبير شاهه جن کان اجازت ۽ دعا وٺڻ لاءِ سندس بنگلي تي ساڻن ملاقات ڪئي ۽ کين عرض ڪيو ته اسان لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين نالي سان رسالو شايع ڪريون ٿا جيڪو عرس مبارڪ ۾ مفت ورهايو ويندو، پاڻ ان تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي ميگزين جي ضرورت به آهي، سندن دعائن سان ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جون هاڻ هزارين ڪاپيون شايع ٿين ٿيون، ڪڏهن ته سئو صفحن کان وڌيڪ صفحا شايع ٿين ٿا، ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جو اڄ پنهنجو منفرد مقام آهي، ان زماني ۾ هر سال ميگزين جي پهرين ڪاپي لطيف سائين جي زري مبارڪ ۾ وجھندا هئاسين، ٻي ڪاپي سائين غلام شبير شاهه جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئاسين، موٽ ۾ پاڻ دعا ڪندا هئا، سيد نثار حسين شاهه جيڪو ان وقت درگاهه لطيف سائين جو وليعهد هو، ان سان پهرين ملاقات 1995ع ۾ سائين غلام شبير شاهه وٽ ٿي ان ڏينهن لطيف جي عرس مبارڪ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن سجاده نشين جي حال وسيلا جي دعا وارو ڏينهن هو، مريدن ۽ عقيدت مندن جي رش هئي ان ڪري ڪچهري نه ٿي سگھي، 2000ع ۾ مون لطيف سائين جي جشن ولادت تي ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جو خصوصي ايڊيشن شايع ڪيو، انهن ڏينهن ۾ هاڻ وانگر ڪو پرروگرام نه ٿيندو هو بس خير خيرات ۽ ذڪر فڪر ٿيندو هو، جشن ولادت جي شايع ٿيندڙ ميگزين جڏهن سائين غلام شبير شاهه جن کي ڏيڻ لاءِ وٽن حاضر ٿيس ته سائين نثار حسين شاهه به ويٺل هئا، کين به ميگزين ڏنو ته پاڻ بابا مهرباني چئي معلوم ڪيو ته اوهان ڪير آهيو، کين ٻڌايم ته نور سنڌي آهيان ته پاڻ ٻيهر ڀاڪر پائي پيار سان مليو ۽ چيو ته اوهان لطيف سائين جي ڪلام پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيو، ان موقعي تي سائين غلام شبير شاهه سائين سيد نثار حسين شاهه کي منهنجو وڌيڪ تعارف ڪرايو ته ابا نور سنڌي جا ڏاڏاڻا سروري جماعت جا مريد ۽ ناناڻا پنهنجا مريد آهن، نور لطيف جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان ملاقات بعد سيد نثار حسين شاهه سائين سان تفصيلي ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون، خاص طور لطيف جي عرس مبارڪ تي، سهائي سومار ۽ عيدن تي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪراچي ۾ رهندا هئا، جتي ايڪسورٽ جو ڪاروبار ڪندا هئا، ۽ اولاد کي تعليم ڏياريندا هئا، پاڻ ڀٽ شاهه ۾ خاص موقعن تي نظر ايندا هئا، پاڻ والد صاحب سيد غلام شبير شاهه جي وصال بعد درگاهه جي سجاده نشين ٿيڻ بعد ڪراچي کي خيرآباد چئي هميشه جي لاءِ ڀٽ شاهه اچي ويا، پاڻ 11 سال لطيف سائين جي درگاهه جا سجاده نشين رهيا، ان دوران والد صاحب جي ٺاهيل شاهه لطيف فائونڊيشن جيڪا 1962ع ۾ رجسٽرڊ به ٿي هئي پر سائين غلام شبير شاهه جي طبيعت ناساز رهڻ ڪري سرگرم نه ٿي سگھي، سيد نثار حسين شاهه شاهه لطيف فائونڊيشن کي سرگرم ڪيو، لطيف سائين جي جشن ولادت تي درگاهه تي شاندار پروگرام ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن کي سڄي ملڪ خاص طور سنڌ ۾ فعال ڪيو، تعلقي، يوسي، ڳوٺ سطح تي يونٽ قائم ڪيا ويا، مختلف ضلعن ۾ شاهه لطيف فائونڊيشن پاران جشن لطيف ڪرايا ، شاهه لطيف بابت ويب سائيٽ ٺاهي وئي ۽ دنيا ۾ شاهه لطيف جو ڪلام، پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شاهه لطيف فائونڊيشن جا يونٽ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته لطيفي جماعت جو به بنياد وڌو ويو، سندن خواهش هئي ۽ پاڻ هر طرح سان ڪوشش ڪندا رهيا ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جشن لطيف ڪرائي لطيف سائين جو ڪلام پيغام پکيڙيو وڃي، سندن ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جي حوالي سان شاندار سهڪار رهيو، پاڻ مريدن کان اشتهار به وٺرائي ڏيندا هئا، سيد نثار حسين شاهه لطيف سائين جو پهريون سجاده نشين هو جنهن هر جمعي تي ٻهارو کڻي درگاهه تي ٻهارو ڏنو ۽ چيو ته آئون سجاده نشين پنهنجي جاءِ تي پر هن در جو ٻهاري دار به آهيان، سيد نثار حسين شاهه 20 جون 1947ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو، پرائمري تعليم حيدرآباد ۾ مرحوم استاد آغا تاج محمد کان حاصل ڪئي، سيڪينڊري تعليم نوابشاهه جي ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ استاد خواجه صاحب کان حاصل ڪئي، گريجوئيٽ نيشنل ڪاليج ڪراچي مان ڪيائون، کين لطيف جي رسالي تي عبور هو، کين لطيف سائين جو شعر الله ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن ڏاڍو وڻندو هئو، سندن ادب سان به دلچسپي رهي خاص طور تي تاريخ، نفسيات ۽ شريعت جي موضوع وارا ڪتاب مطالعي هيٺ رهيا، کين ڪتابن ۾ لطيف سائين جو رسالو ۽ نهج ال بلاغه بيحد پسند هئا جن جو بار بار مطالعو ڪندا هئا، کين فلمن ۾ گمراهه، جان ادا ۽ اوتار فلمون پسند هيون، کين سنڌ جي اديبن ۾ مرزا قليچ بيگ، دين محمد وفائي، نسيم هجازي، حميد سنڌي، جمال ابڙو، نسيم کرل، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه پسند هئا، کين لطيف سائين کانپوءِ احمد فراز جي شاعري به وڻندي هئي، کين ڪوڙن، ظالم ۽ منافق ماڻهن کان نفرت هئي، کين سفيد رنگ، گھوڙي سواري ۽ سريلي موسيقي وڻندي هئي، کين سنڌي فنڪارن ۾ محمد جمن، محمد يوسف، عابده پروين، ڍول فقير، فقير امير بخش، مائي ڀاڳي، استاد سلامت علي خان، مهدي حسن ۽ استاد غلام علي خان به پسند هئا، پاڻ فقير منش حساس طبيعت، ڪنهن جي دل نه آزارڻ وارا هئا، هر موضوع تي مفڪرانه انداز ۾ ڳالهائيندا هئا، پاڻ سنڌ صحافي سنگت جا تا حيات اعزازي ميمبر پڻ هئا، سنڌ صحافي سنگت جي هر نئين باڊي لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد وٽن حاضر ٿي دعا وٺندي هئي، لطيف سائين جي عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن لطيف سائين جو ويس اوڍي درگاهه ته دعا گھرڻ مهل پنهنجي والد جي ياد ۾ روئي ڏيندا هئا، سجاده نشين ٿيڻ بعد تقريبن هر سهائي سومار تي وٽن حاضري ضرور ڪندو هئس، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا هئا ٻه سال جشن ولادت لطيف سائين جي پروگرامن ۾ ڪن مجبورين ڪري شريڪ نه ٿي سگھيس ته پاڻ ميار ڏني ۽ ناراض ٿيا، کين ڪجھه صحافين کان شڪايتون رهنديون هيون، ان جي شڪايت مونسان ڪندا هئا، شاهه لطيف فائونڊيشن جي ٻيهر سرگرمين واري شروعات توڙي لطيف سائين جو جشن ولادت بابت مون نا چيز سان مشورا ڪندا هئا، جڏهن به وٽن حاضري ٿيندي هئي ته پاڻ پيار ٻاٻوهه سان مرڪي ڀاڪر پائي ملندا هئا، زندگي جا آخري چند سال سندن طبيعت ناساز رهي، پاڻ پٽ تي ويهي نه سگھندا هئا، ڊاڪٽرن جي مشوري موجب کٽ تي ويهندا ۽ آرام ڪندا هئا، پاڻ حاضري تي ايندڙن کي اهو چوندا هئا. ته يار معاف ڪجئو پٽ تي ويهي نه ٿو سگھان، پاڻ وسيع دل سچ چوڻ وارا غريبن جا هڏ ڏوکي هئا، وصال کان چند ماهه اڳ پاڻ سخت بيمار هئا، ليڪن دل جي ڏڍ تي ويٺا هوندا هئا، 271 هين عرس مبارڪ تي پهريون دفعو طبيعت جي ناسازي ڪري دعا واري تقريب ۾ ويل چيئر تي آيا، پاڻ 29 ڊسمبر 2014ع تي صبح جو 5 وڳي ڌاري دل بيهي وڃڻ ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا،
سندن وصال جي خبر مختلف ٽي وي چينل تي بريڪ ٿيڻ بعد سڄي سنڌ مان لطيف سائين جا مريد، عقيدت مند ۽ واسطيدار ماڻهو ڀٽ شاهه پهتا، جتي شام جو 5 وڳي ڌاري سندن مڙهه ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ لاءِ کنيو ويو، سندن آخري سفر ۾ انسانن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هو، هر طرف روڄ راڙو هو، هڪ طرف قرآن شريف جي تلاوت، ته ٻي طرف مولائي مرثيه چئي رهيا هئا، لطيف جا ذاڪري فقير ذڪر ڪري رهيا هئا، لطيف جا راڳي لطيف جا ڏکوئيندڙ شعر چئي رهيا هئا، هندو گيتا پڙهي رهيا هئا، جنازي نماز بعد ڪجھه دير لاءِ کين آخري ديدار لاءِ رکيو ويو اهو منظر ڪيڏو نه ڏکائيندڙ هو، هر پاسي سڏڪا، آهون ۽ داهون هيون، آخري ديدار بعد سندن جسد خاڪي کي حضرت شاهه حبيب جي سيراندي کان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، سندن وصال بعد درگاهه شاهه لطيف جي سجاده نشين جو بار سندن ولي عهد سيد وقار حسين شاهه لطيفي تي اچي ويو ، سيد نثار حسين شاهه لطيفي جي نرالي شخصيت هئي، سندس وصال بعد وڏو خال پئدا ٿي ويو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي به ٿو سگھجي، ساڻن ڪئين يادون وابسته آهن انهن ساروڻين جو ذڪر ڪبو ته هڪ الڳ ڪتاب جڙي ويندو، ڪوشش ڪندس انهن ساروڻين تي به هڪ الڳ ڪتاب لکان، هي مختصر مضمون لکڻ وقت ساڻن ملاقاتن، سندن شخصيت ۽ ڪيل ڪچهرين جون يادون فلم وانگر ذهن جي پردي تي هلي رهيون آهن، اهي يادون ايندي نيڻن جا بند اٿلي ٿا پون.