شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙميڊم شهناز رانجهاڻي

شهناز رانجهاڻي نوشهروفيروز ضلعي جي مشهور سماج سڌارڪ خاتون آهي، جيڪا عورتن جي حقن، انسانيت جي ڀلائي بهتري لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. پاڻ علائقي جي عورتن ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي. پاڻ آل پاڪستان ليڊي هيلٿ ورڪر ويلفيئر ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سدائين ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي. پاڻ مومل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان عورتن جي مسئلن کان وٺي عام ماڻهن جي ڀلائي تائين ڪم ڪري رهي آهي. پاڻ غريب نواز سماجي تنظيم ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر آهي، شهناز 11 اپريل 1977ع ۾ ڀريا سٽي ويجهو ڳوٺ منگهو ۾ وڏي اوطاقي هر دلعزيز شخصيت علي محمد رانجهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين ڀريا سٽي ۾ فرسٽ ايئر انٽر کان بي اي نوشهروفيروز مان تعليم حاصل ڪئي، ايم اي سوشالاجي شاهه لطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪئي بعد ۾ انهي يونيورسٽي مان ايل بي بي ڪئي. 2004ع ۾ عورتن جي حقن، حل طلب مسئلا حل ڪرڻ عورتن سان غير امتيازي سلوڪ خلاف پنهنجي ڀيڻ شهر بانو رانجهاڻي سان گڏ مومل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو قيام آندو، ان پليٽ فارم تان سنڌ جي عورتن خاص طور نوشهروفيروز ۾ ظلم جو شڪار عورتن جي مدد ڪندي رهي آهي. پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت غريب عورتن، غريب شاگردياڻين جي وس آهر مدد ڪندي رهي آهي. ڀريا سٽي ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي والدين سان ملاقاتون ڪري نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ جو شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. غريب نواز سماجي تنظيم جنهن جو روح روان عبدالحق ڀرٽ آهي. ان تنظيم پاران وقت به وقت غريب ماڻهن کي راشن، سلائي مشينون، بجلي وارا پکا ۽ ٻيو سامان ڏيڻ روڪ رقمون ڏيڻ جون تقريبون شهناز جي اڳواڻي ۾ ٿر ۾ ڏڪاريل علائقي ۾ راشن ورهائڻ ۽ ميڊيڪل ڪئمپس لڳايون ويون. شهناز رانجهاڻي نوشهروفيروز ۾ مهراڻ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال به رهي آهي، پاڻ ذاتي طور مخير حضرات جي سهڪار سان غريب شاگردياڻين جي فين ۾ مدد ڪندي رهي آهي. جڏهن ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 1996ع ۾ عورتن کي بنيادي صحت جون سهوليتون ڏيڻ لاءِ نيشنل پروگرام فار دي فيميل پلاننگ اينڊ پرائمري هيلٿ ڪيئر قائم ٿيو ته پاڻ ان ۾ عورتن جي خدمت واري جذبي تحت 96ع ۾ شامل ٿي 97ع ۾ کان ان کاتي ۾ سپروائيزر آهي. 3 سال ان کاتي ۾ نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي به رهي، وچ ۾ هڪ وفاقي اداري پاران اسلام آباد ۾ هڪ کاتي ۾ 16 هين گريڊ جي نوڪري جي آفر به ٿي پر پاڻ سنڌ ۾ اهو به ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام ۾ رهي عوام جي خدمت واري جذبي تحت رهڻ پسند ڪيو. کيس هڪ بااثر عزيز اها به آفر ڏني ته وڪالت شروع ڪر ي جج واري امتحان ۾ ويهه تون ذهين آهين، اهو امتحان پاس ڪري ويندي پر پاڻ انڪار ڪيو، پاڻ 97ع ۾ نوشهروفيروز ضلعي ليول تي ليڊي هيلٿ ورڪرن جي مسئلن جي حل لاءِ آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪر ايسوسيئشن ٺاهي بعد ۾ ان تنظيم کي پاڪستان ليول تي سرگرم ڪيو ۽ کيس تنظيم جو سرپرست مقرر ڪيو ويو. اهو کاتو صوبن کي منتقل ڪرڻ بعد پاڻ آل پاڪستان ليڊي هيلٿ ورڪر ايوسسئيشن سنڌ جي جنرل سيڪريٽري چونڊي ۽ اڄ تائين انهي عهدي تي ڪم ڪري رهي آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ڪنفرم ڪرڻ کان وٺي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ تائين وقت به وقت جدوجهد ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو آهي. شاگردي دور ۾ شهناز رانجهاڻي ڪهاڻيون به لکيون شاعري به ڪئي، مختلف اشوز تي آرٽيڪل به لکيا پاڻ بهترين ڪمپيئر به آهي، مختلف اشوز تي مختلف ٽي وي چينلن جي مارننگ شو ۾ کيس مهمان طور گهرايو ويندو آهي پاڻ بهترين مقرر به آهي، ڪمپيئرنگ ۽ تقرير ڪرڻ جو هن ۾ وڏو ڏاءُ آهي. هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ ادبي ثقافتي، سياسي، تعليمي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي آهي، شهناز جي خاندان ۾ عورتون پردي جون پابند آهن ۽ بنا ڪم جي گهر کان نڪرڻ عيب سمجهن هو پر شهناز اهي ريتون ٽوڙي ڪٽ کاڌل سماج سان بغاوت ڪري سماج جي ريتن رسمن جي پرواهه نه ڪندي سماج ۾ سماج سڌارڪ خاتون طور بهترين ڪردار ادا ڪري پاڻ مڃايو آهي. پاڻ هڪ ئي وقت سماجي تنظيم ليڊي هيلٿ ورڪر تنظيم ۾ ڪم ڪري نوڪري پابندي سان ڪرڻ جي باوجود ٿڪجي ويهڻ بجاءِ عورتن جي حقن، مسئلن جي حل لاءِ سندن ڀرپور مدد ڪندي رهي آهي. پاڻ هر دلعزيز فقير منش خاتون آهي، سندس آواز مرداڻو دٻ دٻي وارو ته همٿ به مرداڻي آهي، پاڻ غريب ماڻهن جن جا ڪم ڪاريون مختلف آفيسن ۾ ڦاسن ٿا انهن سان گڏجي انهن آفيسن ۾ وڃي انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، پاڻ عورتن ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي. پاڻ هڪ 3 ماهي ليڊي هيلٿ ورڪر پبليڪشن شايع ڪندي رهي ٿي، کيس سماجي خدمتن توڙي ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام ۾ مثالي ڪارڪردگي تي لاتعداد ايوارڊ مليا آهن.