شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

علم جي روشني پکيڙيندڙ غلام مصطفيٰ نظاماڻي ۽ ميڊم نورالنساءَ نظاماڻي

علم روشني آهي، علم سان سجاڳي اچي ٿي، علم بنا انسان اکين جي هوندي بي نور ”انڌي“ مثل آهي. علم جي لاءِ حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جي حديث آهي ته ”علم حاصل ڪريو پينگهي کان قبر تائين، پوءِ ڇو نه اوهان کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻو پوي.“ تاريخ گواهه آهي ته قومن جو عروج دارومدار تعليم تي آهي، ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو آهي ان سان جنگ ڪرڻ بجاءِ تعليم کسيو ته هو پاڻ تباهه ٿي ويندا. دنيا 21 صدي ۾ هلي رهي آهي. سڌريل ملڪن ۾ تعليمي معيار ۽ نظام کي بهتر کان بهتر بنايو پيو وڃي. تعليم ۾ وقت جي حساب سان جدت آندي پئي وڃي، ليڪن ماضي ۾ سنڌ جتي تعليمي ادارا تمام گهٽ هئا، انهن مان 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ تعليمي ادارا مخير حضرات پنهنجي خرچ تي هلائي رهيا هئا. سفري سهولتون نه هئڻ ڪري شاگرد وڏا ڪشالا ڪڍي سفر ڪري اتي علم جي اڃ ختم ڪرڻ لاءِ ويندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ تعليم جي وڏي بول بالا هئي، ماضي جا مدرسه ۽ اهي تعليمي ادارا ان جا گواهه آهن. ليڪن اڄ سنڌ جو تعليمي نظام ۽ معيار ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب ٿيندو وڃي. جڏهن ته هر ڳوٺ، واهڻ وستي ۾ پرائمري اسڪول آهن، وڏن ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. هر شهر ۾ ڪاليج آهي، سنڌ ۾ يونيورسٽين جو تعداد وڌندو رهي ٿو. عاليشان تعليمي ادارن جون بلڊنگون جديد ليب، ليڪن تعليمي معيار ۽ نظام ڏينهون ڏينهن خراب ۽ هاڻ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ بهترين تعليم هڪ خواب وانگر آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ 2 سيڪڙو اڃا به اهڙا تعليمي ادارا آهن جتي هيڊ ماستر علم دوست آهن. باقي تعليمي ادارن جو ڪم لهي ويو آهي، جنهن صوبي جي تعليمي ادارن جا استاد ويزا تي وڃن، گهر ويٺي پگهارون کڻن، هڪ تعليم جي بجيٽ نه هئڻ برابر، ٻيو ان ۾ ڪرپشن، سي ايم سي فنڊن ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن، آفيسر ڪميشن وٺندا هجن، جنهن صوبي ۾ هر دور ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي تعليم جي تعليمي نظام بهتر بنائڻ ۽ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي جا اعلان هوا ۾ اڏامي وڃن اتي بهتر تعليم جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ۽ اهڙيون شڪايتون مسلسل ميڊيا تي اچڻ جي باوجود ڪابه ڪارروائي نه ٿي ٿئي. 30 سال اڳ پرائيويٽ تعليمي ادارن جو تصور نه هو، پر جڏهن سرڪاري تعليمي ادارن جا حال هيڻا ٿيڻ لڳا ته سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو بنياد پيو، جيڪو تيزي سان وڌندو رهي ٿو، ڪي جي کان يونيورسٽين تائين پرائيويٽ تعليمي ادارا کوليل آهن، پرائيويٽ تعليمي ادارا قائم ڪندڙن ۾ 2 الڳ خيالن وارا آهن، هڪڙا اهي علم دوست ماڻهو آهن جيڪي گذرسفر سان گڏ خدمت سمجهن، هڪ طبقو اهو جيڪو صرف ۽ صرف ڪاروبار ۽ ڪاروباري طور تعليمي ادارا هلائي رهيا آهن. گذر سفر ۽ خدمت طور تعليمي ادارا هلائيندڙ طبقو تمام گهٽ نظر اچي رهيو آهي. خدمت ۽ گذرسفر واري سوچ ۽ جذبي تحت تعليمي ادارو هلائيندڙن ۾ ماضي ۾ قوم پرست سياست جو ڳڙهه رهندڙ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي جي نوجوان غلام مصطفيٰ نظاماڻي ۽ سندس جيون ساٿياڻي ميڊم نورالنساءَ نظاماڻي سهڻي ميهار جي شهر شهدادپور ۾ پيراگن اسڪول جي نالي سان هلائي رهيا آهن. هي زال مڙس زميندار ۽ بااثر خاندان سان تعلق رکن ٿا، هي چاهين ها ته وڏيون نوڪريون به وٺي پئي سگهيا، پر هنن خدمت ۽ گذر سفر واري جذبي تحت پيراگن اسڪول شهدادپور ۾ قائم ڪيو، بعد ۾ شاهپورچاڪر، ٽنڊو آدم ۾ به قائم ڪيو. سندن خواهش آهي ته اهڙا تعليمي ادارا سنڌ جي هر شهر ۾ قائم ڪن. هنن اسڪولن ۾ فلحال ڪي جي کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. هنن اسڪولن ۾ پڙهائي جو طريقه ڪار ٻين پرائيويٽ اسڪولن کان مختلف آهي. عام طور تي پرائيويٽ تعليمي ادارا گهٽ ۽ پوسٽ واري ماحول ۾ هلندا آهن ۽ راند روند لاءِ گرائونڊ نه ڪلاس هوادار پر پيراگن اسڪولن جي اها خاصيت آهي ته ڪلاس روم ويڪرا، هوادار، راند روند لاءِ ڪلاسن سامهون ننڍڙو گرائونڊ ۽ سئمنگ پول پڻ آهن. شهدادپور ۾ هي اسڪول ٽن عمارتن ۾ هلي رهيو آهي، ٻين اسڪولن جي اها روايت رهي آهي ته اڪثر تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي انگريزي سبق رٽايا وڃن ٿا، پر هتي ائين نه آهي هن اداري جو هر شاگرد هڪٻئي کان ذهين آهي، هتي هر شاگرد کي تقرير ڪرڻ جو فن سيکاريو وڃي ٿو، شاگردن کي ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکڻ، شاعري ڪرڻ، مضمون لکڻ به سيکاريا وڃن ٿا ۽ اهو شايد پهريون مثال آهي. ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪئي وڃي ٿي، 6 کان ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي صحافت سيکاري وڃي ٿي، جنهن ۾ خبر لکڻ، هئڊنگون ٺاهڻ، آرٽيڪل لکڻ شامل آهن. پيراگن اسڪولن ۾ وقت به وقت مختلف ڏهاڙا ملهايا وڃن ٿا، ڪڏهن رنگن جو ڏينهن، ڪڏهن والدين جو ڏينهن، ڪڏهن ثقافت جو ڏينهن، ان سان گڏ عيد ميلادالنبي صه، جشن آزادي جو ڏينهن، تعليم جو ڏينهن ۽ ٻيا ڏينهن ملهايا وڃن ٿا، جن جو مقصد ٻارن ۾ غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺرائڻ، کين تقريرون ڪرائڻ به شامل آهي. رنگن واري ڏينهن تي ٻار خود ماڊل ٺاهي اچن ٿا، جڏهن ته هتي مختلف عنوانن تي شاگردن ۾ تحريري مقابلا به ڪرايا وڃن ٿا. امتحان سٺي پوزيشن ۾ حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ۽ ڪپ ڏنا وڃن ٿا. هن اسڪول جو 3 ڪلاس ۽ ان کان مٿين ڪلاسن ۾ پڙهندڙ شاگرد هر موضوع تي پاڻ مرادو انگريزي، سنڌي، اردو ۾ تقريرون ڪن ٿا. جڏهن ته هر هفتي ۾ هڪ ڏينهن ٽيچرس کي تعليمي ماهرن کان پڙهائڻ جي ٽريننگ ڏياري وڃي ٿي. ان ۾ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين علائقن جي ناميارن ٽريننگ ڏيندڙن کي گهرايو وڃي ٿو. والدين سان وقت به وقت گڏجاڻيون ڪري انهن کان رايا ورتا وڃن ٿا، ٻارن کي معلوماتي دورا ڪرايا وڃن ٿا، جڏهن ته هتي ٽيچرس کي هن علائقي جي ٻين پرائيويٽ اسڪولن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون. شاگردن کان مناسب فيون ورتيون وڃن ٿيون. پيراگن اسڪولس جو اهو قانون آهي ته ٻارن کي عام ماسترن وانگر مارڻ، دڙڪا ڏيڻ بجاءِ پيار محبت سان سمجهايو وڃي، پڙهڻ ۾ گهٽ دلچسپي رکندڙ شاگردن جي لاءِ به اهڙو ماحول آهي جو اهڙن شاگردن ۾ خود به خود پڙهڻ جو رجحان وڌي ٿو. هتي ٻارن کي ڊرائينگ به سيکاري وڃي ٿي، شاگردن جا نصابي ڪتاب تعليم جي جديد تقاضائن موجب تيار ڪيل آهن. ٻين اسڪولن مان جن به پڙهائي ۾ جڏا شاگرد داخل ڪيا وڃن ٿا، انهن کي شروع کان پڙهائڻ بجاءِ انهي ڪلاس ۾ پڙهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هو ڪنهن اسڪول مان ڇڏي آيا آهن. ان لاءِ الڳ شعبو قائم ڪيل آهي، هتي والدين لاءِ جديد تعليم و تربيت جي متعلق ورڪشاپ ڪرايا وڃن ٿا. ٻارن جي نفسيات موجب ڪلاس روم سيٽ اپ بنايو ويو آهي، پيراگن اسڪولس جو اهو نعرو آهي ته تعليم جو مطلب صرف پڙهڻ، ياد ڪرڻ، امتحان وٺڻ نه آهي پر سٺي تعليم جو مقصد سکڻ آهي، غلام مصطفيٰ نظاماڻي، پيراگن اسڪولس جو ڊائريڪٽر آهي، سندس وني ميڊم نورالنساءَ نظاماڻي پرنسپل آهي، دعا آهي ته غلام مصطفيٰ نظاماڻي جو پيراگن اسڪولس جا ڪيمپس اسڪول سنڌ جي هر شهر ۾ قائم ٿين. دعا آهي ته غلام مصطفيٰ نظاماڻي جي سوچ جهڙا ٻيا به علم دوست ميدان ۾ اچن ۽ سڄي سنڌ ۾ پيراگن اسڪولس جحڙا اسڪول قائم ٿين، جن جو مقصد گذرسفر سان گڏ خدمت به هجي. غلام مصطفيٰ نظاماڻي ۽ سندس وني نور النساءَ نظاماڻي ادب دوست پڻ آهن.