شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

انمول شخصيت وينا شرنگي

ورهاڱي کانپوءِ نه چاهيندي روئيندڙ اکين سان سنڌ ڀومي کي مجبورن الوداع ڪري ڀارت ويندڙ سنڌي هندو سنڌ کي نه وساري سگهيا آهن ۽ هنن سنڌي ادب، فن، ثقافت، سنڌي ٻولي کي اتي به زندهه رکڻ ۽ ان جي واڌ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولين ۾ شامل ٿي ۽ سنڌي ادب، فن ، ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ نئين ٽهي کي جاڳرتا ڏيڻ لاءِ اتي ادارا قائم ڪيا، اڄ به لڏي ويل سنڌي هندن جون دليون سنڌ لاءِ ڌڙڪن ٿيون،سنڌي ادب فن ثقافت کي هندوستان ۾ زندهه رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙن ۾ وينا شرنگي به نمايان آهي، 16 جنوري 48ع تي شهدادڪوٽ ۾ مشهور سياسي، سماجي ۽ واپاري شخصيت گوپي ڪرشن جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ڏاڏو به مشهور سماج سڌارڪ هو،ا ن 1889ع ۾ اتي شيوالو مندر ٺهرايو جيڪو اڄ به قائم آهي. 1944ع ۾ وينا شرنگي جو والد ميونسپل ڪائونسل جو پريڊنٽ رهيو، سندس چاچو مهاراج رامي سنڌ جي قومي راند ملاکڙي کي وڌائيڻ لاءِ ڪوشسون ڪندڙن ۾ شامل آهي، جيڪو سال ۾ ڪيترائي ملاکڙا ڪرائيندو هو. هن ڪيترن ئي ملهه پهلوان جي سرپرستي ڪئي، پروفيسر عبدالستار بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌ جون سون ورنيون دليون ۾ لکيو آهي ته وينا شرنگي جي ڏاڏو جو نالو شهداد خان هو، شهدادڪوٽ سندس نالي سان منسوب آهي، ليڪن شهدادڪوٽ جا ليکڪ ان راءِ کي رد ڪن ٿا چون ٿا ته شهدادڪوٽ جنهن جو پهرين نالو شهدادپور هو، 1711ع تائين هي ننڍڙو ڳوٺ هو، ڪلهوڙن جي دور ۾ ترقي ڪري شهر ٿيو ۽ 1914ع ۾ هن جو نالو شهدادپور مان تبديل ڪري شهدادڪوٽ رکيو ويو ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ پهرين شهدادپور موجود هو، شهدادڪوٽ تي اهو نالو پوڻ هڪ تڪراري مسئلو بينل آهي، ٻيون به 4 ڌريون اهو شهر سندن ڏاڏو جي نالي پويان نالو مشهور ٿيڻ جي دعوا ڪن ٿيون. هڪ شهداد خان ڪلهوڙو، شهداد خان بروهي، شهداد خان سيوڙو، شهداد خان کهاوڙ جا پوئنر ليڪن اتان جو ليکڪ صحافي ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار مرحوم جي وري اها راءِ هئي ته هي شهر شهداد خان کهاوڙ جيڪو علائقي جو وڏو زميندار هو ان جي نالي سان هي شهر منصوب آهي، جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته وينا شرنگي جي خاندان سنڌ نه ڇڏي ۽ حالتن کي منهن ڏنو، 1970 کان اهڙو ماحول پيدا ٿيو، اهڙيون حالتون پيدا ٿيون جو وينا جو اڌ خاندان 1971ع ۾ نه چاهيندي سنڌ ڇڏي ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ رهائش اختيار ڪئي وينا شرنگي کي شاگردي واري دور کان ادب جو شوق هو، اسڪولن جي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ به ڪندي هئي، سندس آواز مٺڙو هئڻ ڪري اهڙن پروگرامن جي ڪمپيئرنگ هن کان ڪرائي ويندي هئي ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڇهين کان ڏهين درجي تائين ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي، ان بعد ريگيولر تعليم حاصل نه ڪري سگهي ۽ بي اي تائين پرائيويٽ طور امتحان ڏنو. 1971ع ۾ آل انڊيا ريڊيو سنڌي سروس شروع ڪئي ته هن اتي انائوسر طور انٽرويو ڏنو ۽ ته کيس انائونسر طور ملازمت ڏني وئي. 96ع ۾ ترقي ڪندي پروگرام پروڊيوسر مقرر ٿي ان سان گڏ هن ڪهاڻيون لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. پاڻ ڪيترائي اسٽيج ناٽڪ به پيش ڪيا، پان اتي سنڌي ٻولي ادب فن ثقافت کي نه صرف زندهه رکڻ پر اجاگر ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي، سماجي تنظيمن جي ميمبر ۽ عهديدار پڻ آهي، جڏهن ته سنڌي عورتن ۾ سنڌي ادب فن سماجي ڪمن جو شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ عورتن لاءِ مارئي تنظيم جو بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڻ شروع کان اڄ تائين جنرل سيڪريٽري آهي، مارئي تنظيم پاران ڪيترائي سيمينار ڪنوينشن ادبي ثقافتي پروگرام ڪندي رهي آهي، پاڻ خوبصورت جذبن واري شاعره به آهي ۽ شاعري جي هر صنف تي شاعري ڪئي آهي جڏهن سنڌ ۾ ايم آر ڊي ۽ ٻيون تحريڪون هلي رهيون هيون انهن ۾ سنڌ واسين تي جيڪي ظلم ٿي رهيا هئا اهي رپورٽون اخبارن کان کڻي سڄڻ توکي خبر ڪهڙي عنوان سان شروع ڪيل پروگرام ۾ هلايون. سندس اهڙي عمل سنڌ جي ساڃاهه وندن ۾ وڏي مڃتا ماڻي آهي، سنڌ مان ڀارت ويندڙ اديبن شاعرن صحافين کي لکين عزتون ڏيندي رهي آهي، آل انڊيا ريڊيو سروس تي سندس ڪمپيئرنگ وارا پروگرام 76ع کان جڏهن آئون 5 ڪلاس جو شاگرد هيس تڏهن کان ٻڌڻ شروع ڪيو. ۽ روزانو شوق سان ٻڌندو هئس، 1998ع کان پوءِ مصروفيتون وڌي وڃڻ ڪري پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌندو هيس، سندس رٽائرڊ ٿيڻ تائين صرف وينا شرنگي جي ڪري آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس خاص طور اهي پروگرام جن ۾ هو ڪمپيئر هئي اهي ٻڌندو هيس، پاڻ جڏهن سگا پاران ڪراچي ۾ ڪانفرنس ڪرائڻ بعد ٻاهرين ملڪن مان آيل سنڌين کي سنڌ ياترا ڪرائي وئي ۽ هي قافلو جڏهن لطيف سائين جي درگاهه ۽ هالا ۾ مخدوم نوح جي درگاهه تي پهتو ته مان هڪ صحافي جي حيثيت سان شامل هيس ان موقعي تي وينا شرنگي سان ملاقات ڪئي، کيس اجرڪ ، آفتاب عبرت ميگزين ۽ سنڌو ڊائجسٽ ۽ عبرت اخبار جون اهي ڪاپيون جن ۾ سچل ڪانفرنس جي ڪوريج هئي ڏنم ۽ کيس ٻڌايو ته اوهان جي جادو ڀرئي آواز ڪري آئون آل انڊيا ريڊيو تان سنڌي سروس جا پروگرام ٻڌندو رهيو آهيان جنهن تي کيس انتهائي خوشي ٿي بعد ۾ مون سندس ڀٽ شاهه، هالا دوري ۾ ڪڍيل يادگار تصويرون موڪلي ڏنيون، جڏهن به شاهه لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ادبي ڪانفرنس ۾ ڀارت مان سنڌي اديب شاعر شريڪ ٿيندا آهن ته ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جون اعزازي ڪاپيون ڏيڻ سان گڏ وينا شرنگي لاءِ به اعزازي ڪاپيون ڏيندو آهيان. 2010ع ۾ سندن خط مليو، جنهن ۾ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين تي تفصيل سان تبصرو ٿيل هو. اهو خط مون ميگزين ۾ ڇاپيو ۽ مهرباني طور کيس خط به لکيو وينا شرنگي جي خاندان جا ڪجهه فرد اڄ به شهدادڪوٽ ۾ رهن ٿا. پاڻ ڪافي دفعا سنڌ ۾ آئي آهي. ليڪن ساڻس ملاقاتون نه ٿي سگهيون، وينا شرنگي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ڪيئن وساريا ويڙهيچن. يادگيرون منهنجي پيشي جا گل ۽ خار ملازمت جا تجربا پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا،”سفرنامو“ زندگي هڪ ناٽڪ منهنجا معصوم سڄڻ ۽ ناول اجنتا جي مورت شعري مجموعو، گيسٽ ايڊيٽر مقالا اڌ کليون اکيون ”ڪهاڻيون“ڪڇان تان ڪافر غيرت بي غيرت ”ڪهاڻي“ بختاور ڪهاڻي، بدلو ”ڪهاڻي“ نيٺ سوچڻو پيو ڪهاڻي پڇتاءُ ڪهاڻي ڏاهيون ڏک ڏسن، ڪهاڻي وارث لاوارث ڪهاڻي آهه غريبا قهر خدائي ڪهاڻي رن ذاتيون ڪهاڻي، مهاتما گانڌي جي جيون جون ڪهاڻيون، بهشت جي بهار ڪهاڻي، ريکا جي ريکا ڪهاڻي بابو جي جيون مان آکاڻي ترجمو سنڌو جوت ”ايڊيٽ ڪيل شامل آهن “دعا آهي ته وينا شرنگي اڃا وڌيڪ سنڌي ثقافت لاءِ خدمتون سر انجام ڏي ۽ شل وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي.