شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

آدرشي شاعر اياز جاني

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر، ليکڪ، مقرر، استاد، اياز حسين جنهن ادبي دنيا ۾ اياز جاني جي نالي سان مشهوري ماڻي، سندس علمي، ادبي خدمتون اڻ وسرندڙ آهن جيڪي ادبي تاريخ ۾ هميشه لاءِ ياد رهنديون سندس نالي پويان تخلص طور لڳايل لفظ جاني وانگر هو واقع ۾ به ادبي دنيا جو جاني هو ڪڏهن به ادبي دنيا ۾ متضاد نه بنيو ادبي دنيا جي ڪجهه دوستن هن کي ته رنجايو پر هن ڪڏهن به ڪنهن کي نه رنجايو هن پنهنجي زندگي ادبي دنيا کي ارپي ادبي دنيا جو روشن ستارو بنيل رهيو سندس وصال بعد سندس شخصيت ۾ پاڻ وڌيڪ نکار آيو آهي. جن سندس جيئري قدر نه ڪيو انهن دوستن به سندس وصال تي روئي ڏنو جڏهن سندس شاعري مجموعو”دراوڙ دل جي تنهائي“ ڇپيو ته سندس خواهش هئي ته ان جي مهورت ڪراچي ۾ ٿئي پر ان کان اڳ آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادب واري شعبي پاران ڀٽائي ادبي هال آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪتاب جي مهورت 27 مارچ 2016ع تي ڪرائي وئي جنهن ۾ نه صرف لاڙڪاڻي ڊويزن پر ٻين علائقن جي اديبن شاعرن ادب دوستن سندس شاعري ۽ شخصيت تي ڳالهايو انهي پروگرام کيس دل جي تڪليف محسوس ٿي ته کيس مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتان مشهور ليکڪ عوام دوست لارڪاڻي جي سابق ڪمشنر اڪبر لغاري جي ڪوشش سان کيس لاڙڪاڻي مان جناح اسپتال ڪراچي ۾ منتقل ڪيو ويو.جتي سندس دل جي اينجيو پلاسٽي ڪري سندس حياتي بچائي وئي. سندس علاج جي حوالي سان ثقافت کاتو حڪومت سنڌ به پاڻ مرادو سندس مالي مدد ڪئي، ڊي جي ثقافت منظور قناسرو به سندس عيادت لاءِ پهتو. اسپتال مان گهر شفٽ ٿيڻ بعد چند ڏينهن گهر ۾ آرام ڪرڻ بعد ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود سخت گرمي جي باوجود سنڌ اندر ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سفر ڪيا ان ساڙيندڙ ماڻهو کي هوش مان ڪڍندڙ گرمي ۾ حضرت قلندر لال شهباز جي عرس مبارڪ جي ادبي ڪانفرنس ۽ شڪارپور ۾ مشاعري ۾ شرڪت کانسواءِ مختلف شهرن ۾ ادبي دنيا جي دوستن وٽ به ويو. 6 جون 2016ع تي لاڙڪاڻو ۾ کيس ساهه جي تڪليف ٿي ايمرجنسي ۾ کيس چانڊڪا اسپتال جي دل واري يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندن ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ ادبي دنيا جو جاني هميشه لاءِ هليو ويو اتي جتي ويندڙ وري نه موٽيا آهن سندس بي وقتي لاڏاڻي تي ادبي دنيا ۽ ساڃاهه وند دوستن ۾ ڏک جي لهر اڀري هنن حلقن سندس وفات کي ادبي دنيا لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو کيس گلشن حديد ڪراچي جي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. اياز جاني سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جو بانيڪارن مان هو سندن ڪوششن سان گلشن حديد برانچ جون سرگرميون مثالي رهيون پاڻ نه صرف آدرشي شاعر هو پر بهترين ڪهاڻيڪار مضمون نگار بهترين مقرر به هو پاڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا به لکيا سندس اهڙو مواد مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيو. سندس شاعري ۾ رومانس، عشق، سنڌ پرستي، انقلاب به شامل هو ته سماج جي ڪٽ کاڌل ريتن رسمن سماج جي نا انصافين خلاف بغاوت به شامل هُئي شاعري ۾ استعمال ڪيل ٻولي انتهائي پختي هئي سندس شاعري جو مجموعو سندس اتم ڪٿا آهي. جنهن ۾ زندگي جا سور درد به شامل آهن. سندس دوستن جي بي رخين ڏنل ڏکن زماني جي ستم کيس وڌيڪ حساس بنائي ڇڏيو ليڪن پاڻ زماني ۾ وفا ڪري ويو. عشق کيس شاعري جي ان منزل تي پهچايو پاڻ شاعري جي سمورين صنفن تي خوب نڀايو پر کيس غزل ۽ وائي تي ڪمال جي مهارت حاصل هئي. مختلف فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل ڪافيون ۽ وايون ٻڌندڙن جي اندر ۾ پيهي وڃن ٿيون سندس شاعري ٻڌندڙن کي سندن دلين جي ترجماني محسوس ٿئي ٿي بهترين شاعر جي اها ئي ڪماليت هوندي آهي. پاڻ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ دعوت ملندي شوق سان شريڪ ٿيندو هو کيس ادبي خدمتن جي اعتراف طور مختلف تنظيمن پاران لاتعداد ايوارڊ مليا جن ۾ بهترين شاعر طور حضرت قلندر لال شهباز ۽ سچل سرمست جي عرس ۾ سرڪاري طور ايوارڊ به شامل آهن. اياز جاني لاءِ سڀ دوست دعوا ڪندا هئا ته هو سڀن کان وڌيڪ منهنجو ويجهو دوست آهي اهو سندس شخصيت جو جادو هو اها سندس اخلاق پيار مخلصي هئي پاڻ سادو فقير منش ٻاجهاري ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو اياز حسين عرف اياز جاني 1967ع ۾ قربان ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو ننڍي هوندي کان سندس ادب سان شوق رهيو . ان جو سبب کيس ادبي ماحول ملڻ آهي پاڻ پرائمري تعليم ڪوٽڙي باڊهه ۽ نئون ديرو مان مئٽرڪ رتو ديرو هاءِ اسڪول مان ،شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان گريجوئيشن ڪئي. سندس شمار ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هو. پاڻ ادب ۾ شروعات ٻاراڻو ادب لکڻ کان ڪئي سندس ٻاراڻيون لکڻيون گل ڦل ۽ سرهاڻ رسالن ۾ شايع ٿيون بعد ۾ شاعري شروع ڪئي پاڻ ٻارن جي ادب کي وڌائيڻ ۽ ٻارن ۾ ادبي سماجي سرگرميون وڌائڻ لاءِ دوستن سان گڏجي ٻارڙن جي دنيا سنگت جو بنياد وڌو ان پليٽ فارم تان ٻارڙن لاءِ ڪيترائي پروگرام ڪرايا پاڻ مشهور رسالن ماهوار سارس ماهوار لهرون ماهوار همرچو جو ايڊيٽر به رهيو.