شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

شاعر ۽ سماج سڌارڪ عنايت بروهي

نوجوان شاعر ۽ سماج سڌارڪ عنايت الله بروهي ڌرتي جو اهو حساس دل ۽ خوبصورت شاعر آهي جنهن رومانٽڪ شاعري سان گڏ سنڌ ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي شاعري ڪئي آهي. هن شاعري ۾ سماجي ناانصافين عورت سان ناروا سلوڪ، ظلم زيادتين جي عڪاسي ڪئي آهي. عنايت الله 26 فيبروري 1981ع تي ڳوٺ حاجي خدا بخش بروهي ۾ رحمت الله بروهي عرف مالهي بروهي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد بهترين مالهي هو. خوبصورت باغ لڳائڻ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مشهور هو. عنايت الله ننڍي هوندي کان حساس دل رهيو. ڇهين درجي ۾ پڙهڻ دوران هن کي ادبي ماحول ملڻ ڪري هن ڪهاڻين ۽ شاعري جا ڪتاب پڙهيا. پاڻ شاهه لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري جي شاعري پڙهي، کيس به شاعري جو شوق ٿيو ۽ پاڻ پهرين ٻاراڻو شعر. ”دل ٿي چوي اسڪول وڃان. بابو چوي هل گاهه تي هل“ لکيو ان بعد شاعري جي سڀني ئي صنفن تي لکيو آهي. باقاعده پختي شاعري 1997ع کان شروع ڪئي،پاڻ شاعري ۾ ، غزل، وائي، نظم، ڪافي، گيت، هائيڪا، ٽيڙو لکيا آهن. سندس شاعري ٻارن جي دنيا رسالو، عبرت ميگزين، ڪاوش، عوامي آواز ميگزين، سوڀ ميگزين، سالار، شام، هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي هن وقت تائين سندس شاعري جا ٻه خوبصورت مجموعا مرڪ نه تنهنجي ميري ٿئي ۽ رُڃ جو منظر شايع ٿي چڪا آهن سندس شاعري جو پهريون مجموعو محترم معشوق ڌاريجي سونهن اشاعت گهر قاضي احمد پاران ڇپرايو. سندس شاعري مشهور فنڪارن فوزيه سومرو، انور وسطڙو، رضا محمد بروهي، ساجد علي رند، خادم سيال،خادم ڪيريو، طفيل ڀنڀرو، محبوب مڱڻهار ۽ ٻين ڳائي آهي. عنايت الله مظلوم عوام غريب عوام جي درد ، ڌرتي، قوم ۽ معاشرتي براين، ناانصافين اقرار، پروري ميرٽ جي قتل، رشوت، تعليم جي تباهي تي تمام گهڻو لکيو آهي. سندس هڪ طويل نظم جيڪو صرف گپچاڻي واري علائقي پر سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ ٿيندڙ قومي ادبي پروگرامن ۾ پڙهيو وڃي ٿو.
رت جا رشتا آهن بگڙيل،
هر دوست جي دل آهي اجڙيل،
ڪيئن نه ڀلا ڪوئي باغي بڻجي،
ڪهڙن ڪهڙن قهرن تي ڀلا قلم کڻجي.
سرڪاري اسپتالن ۾ اڻلڀ دوائون،
تعليم کاتي ۾ رشوت جون هوائون،
بنا ڏوڪڙ جي نه ٿو ڪو ڪم ٿئي.
هتي رشوت جي باهه ٻري،
قانون انصاف جي هڪ نااميد،
ماڻهو ٿڪجي پيا روز دانهون ڪري،
ڪنهن ڪنهن کي وڃي گلي وٺجي،
ڪهڙن ڪهڙن قهرن تي ڀلا قلم کڻجي.
روز پيا هتي سنڌي وسنديون ڊاهين،
بي گهر مسڪين، پلازه پيا ٺاهين،
ايرادا انهن جا باهه ٿا ٻارين،
مسڪينن جو ڪيئن نه ٻيڙو ٻڏندو،
جاهل قاتل ٿا تخت ويهارين،
جنهنڪري ڪهڙي پار وڃجي،
ڪهڙن ڪهڙن قهرن تي قلم کڻجي.
هتي بيلدار ٿو انجينئر سڏائي،
ٿريسنر جيان ٿو پئسو ڪمائي،
وڏن ڀوتارن سان ياري ملهائي،
مسڪينن جو پاڻي بند ڪرائي،
اهو وڻ رشوت جو ڪيئن وڍجي،
ڪهڙن ڪهڙن قهرن تي قلم کڻجي.
هتي پوليس لاءِ اهو مشهور آهي،
ڏوهي ڏوڪڙن تي جان ڇڏائي،
بي ڏوهي هتي ٿو سزائي کائي،
تئين ٿئي هتي جيئن وڏيرو چاهي،
ڪنهن سان وڃي هي سور سلجي،
ڪهڙن ڪهڙن قهرن تي قلم کڻجي.
مايوس عنايت پوءِ به نه آهي ٿيڻو،
سنعتيون سهي پوءِ به آهي جئڻو،
هر برائي خلاف آهي وڙهڻو،
همٿ جرئت سان حق آهي وٺڻو،
اڄ کان پوءِ پيرين ڪنهن کي نه آهي پوڻو،
ڪنهن کي سائين سائين نه آهي چوڻو،
چڙهي سولي پوءِ به سچ چئجي،
ڪهڙن ڪهڙن قهرن تي قلم کڻجي.
عنايت مٿي طويل نظم وانگر عورتن سان ٿينڊر ناروا سلوڪ، ڪارو ڪاري،وڏيرا شاهي، تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي، ڪرپشن، سنڌو درياهه جو پاڻي بند ڪرڻ، ڪالا باغ ڊيم، ڪراچي جي حالتن، چونڊيل عوامي نمائندن پاران عوام سان ڪيل ويساهه گهاتين سنڌ جي روڊن جي حالت ۽ ٻين اهڙن مسئلن تي به طويل نظم لکيا آهن. عنايت الله جي شاعري جي حوالي سان همٿ افزائي ڪندڙ ۾ معشوق ڌاريجو شامل آهن. پاڻ صحافي ۽ مضمون نگار به آهي، مختلف اشوز تي بهتر انداز ۾ لکيو آهي. پاڻ علائقي جو سماج سڌارڪ به آهي، علائقي جي عوامي مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي. ڪنهن غريب سان ڪو بااثر زيادتي ڪري ٿو ته عنايت مظلوم جو ساٿ ڏيندي ان کي انصاف ڏيارڻ تائين جدوجهد ڪري ٿو. بيگناهه ماڻهن کي تنگ ڪندڙ پوليس خلاف ٽڪر کاڌا آهن. غريبن مظلومن جي ساٿ ڏيڻ انهن جو ڀرجهلو ٿيڻ ڪري بااثر ماڻهن سان دشمنيون به پرايون آهن ڏکيا ڏينهن به ڏٺا آهن پر ڪڏهن به انهن جي دڙڪن کان ڊڄي پوئتي نه هٽيو آهي. غريبن مظلومن جو ساٿ ڏيڻ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ عين عبادت سمجهي ٿو. علائقي جا جيڪي ماڻهو ٻار نه ٿا پڙهائين انهن وٽ وڃي کين سمجهائي ٿو منٿ ميڙ ڪندو رهيو آهي ته پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪليو ان جا ڏاڍا بهتر نتيجا نڪتا آهن. علائقي جي ڪنهن به ماڻهو سان ڪهڙو به مسئلو هجي عنايت وٽ ايندو آهي ته اهو مسئلو حل ڪرائڻ تائين پاڻ سک جو ساهه نه کڻندو آهي. سندس ڪوشش سان ڪجهه بند پيل اسڪول به کليا، غريبن جي مدد ڪرڻ ڪري بااثر ماڻهن سان ٽڪر کائڻ ڪري سندس برادري هن کي برادري مان جهڙو ته ڪڍي ڇڏيو آهي. سندس زندگي جو احوال يادگيرين جا گلاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. جنهن ۾ سندس زندگي جو سفر جو خوبصورت انداز ۾ ذڪر ڪيل آهي.