شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

روحاني شخصيت فقير عبدالحڪيم هنڱورو

شهدادپور ويجهو ڳوٺ سومر فقير هنڱورو ۾ درگاهه حضرت سومر فقير هنڱورو ۾ روشني جو مينار آهي، جتي روزانو وڏي تعداد ۾ عقيدتمند حاضري ڏيڻ اچن ٿا، ڪيترائي حاجتمند به حاضريون ڏين ٿا.
حضرت سومر فقير جي نياڻي مان 1938ع ۾ فقير عبدالحڪيم هنڱورو پئدا ٿيو، سندس والد جو نالو مير محمد هنڱورو هو، فقير عبدالحڪيم هنڱورو ننڍي هوندي کان ذهين، همدرد، سخي، فقير منش شخصيت جو مالڪ رهيو. گهٽ ڳالهائڻ، ننڍي وڏي جي عزت ڪرڻ وارو ، 5 ئي وقت نماز، تهجد، قرآن شريف ۽ هر وقت درود پاڪ پڙهندو هو ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين پڙهندو رهيو، ننڍي هوندي کان پنهنجي ناني حضرت سومر فقير جي صحبت ۾ رهيو، جنهن جي نگراني ۾ کيس قرآن شريف، شريعت، طريقت، حرفت جون منزلون طئي ڪيون، ننڍي هوندي کان فقيري طبيعت وارو هو، پر والد جي اسرار تي هڪ بئنڪ ۾ نوڪري ورتي پر سندس دل نه لڳي ۽ سندس نانا حضرت سومر فقير هنڱورو کي به اها ڳالهه نه وڻي ۽ کيس اها نوڪري ڇڏي اچڻ جو چيو ۽ چيو ته ڪو وقت ايندو جو بئنڪن جي آفيسرن سان گڏ ٻين کاتن جا آفيسر ۽ مشهور شخصيتن سان گڏ عام ماڻهو تو وٽ حاضر ٿيندا ۽ تو کان مال، ملڪيت ۽ سندن حاجتون پوريون ٿيڻ لاءِ دعائون گهرائڻ ايندا.
اها دعا اهڙي قبول پئي جو فقير عبدالحڪيم ڪماليت جي درجي تي پهتو ۽ بئنڪ جا آفيسر ٻين کاتن جا آفيسر توڙي عام ماڻهن جو وٽن دعائن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو هجوم هوندو هو، هڪ دفعي فقير عبدالحڪيم هنڱورو جي والد ڪنهن ڳالهه تان کيس دڙڪا ڏنا ته حضرت سومر فقير هنڱورو ناراض ٿيو ۽ مير محمد هنڱورو کي چيو ته هن سان اهڙو رويو اختيار نه ڪريو هن جو دل جان سان عزت احترام ڪريو، ڇاڪاڻ ته هن وٽان راڄ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا،21 نومبر 1955ع تي حضرت سومر فقير جو وصال ٿيو ته ان جي پڳ جو وزن مٿس پيو. پاڻ مرشد حضرت پير صاحب پاڳارو جي عشق، عقيدت، محبت جي رنگ ۾ رنڱيل هئا.پاڻ شروع ۾ يونين ڪائونسل ملدسي جا چيئرمين به رهيا، سياست سان دلچسپي نه هئي،پاڻ پي اين پي لانگ مارچ ۾ پير صاحب پاڳارو جي نظربندي خلاف راولپنڊي ۾ احتجاج ۾شريڪ ٿيندي ساٿين سميت گرفتار ٿيا ۽ کين ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ 12 ڏينهن رکيو ويو، جڏهن راجا ظفرالحق ساڻس جيل ۾ ملڻ آيو ته ان بعد فقير کي خطرناڪ قيدي قرار ڏئي اتان ڪڍي ميانوالي جيل ۾ آڻي سندس ساٿين سان گڏ ڦاسي گهاٽ ۾ رکيو ويو، پاڻ اتي به هميشه وانگر عبادت جاري رکي ۽ جيل جو سپريڊنٽ کانئس ايترو ته متاثر ٿيو ۽ چيائين ته فقير صاحب حڪم ڪريو ڇا گهرجي، پاڻ قرآن شريف گهريو، جيل سپريڊنٽ فقير صاحب کي رات ڏينهن عبادت ۽ ذڪر الاهي ۾ ڏسي کيس عزت احترام سان آفيس ۾ گهرايو ۽ چيو ته اوهان ته روحاني شخصيت آهيو پوءِ سياست ۾ ڪيئن؟ هن لانگ مارچ ۾ ڇو حصو ورتو؟ ان تي فقير صاحب چيو ته اسان جا امام حضرت پير سائين پاڳارو آهن، ان کي نظربند ڪيو وڃي ۽ اسين ٻاهر رهون، اهو اسان لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي، اتي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو رهيا ۽ پاڻ هڪ ڏينهن اڳ ساٿين کي ٻڌايو ته سڀاڻي سڀ آزاد ٿينداسين ۽ واقعي ۾ اهو سچ ثابت ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن فقير صاحب ساٿين سميت آزاد ٿيو، پاڻ ڳوٺ ۽ علائقي جي ٻارن لاءِ جامعه راشديه جي برانچ مدرسه صبغته الفيض نالي ديني مدرسو قائم ڪيو.ان جي شاندار ڪاميابي بعد سڪندريه اورينٽل ڪاليج قائم ڪيو، جڏهن ان ۾ ٻين علائقن جا شاگرد پڙهڻ آيا ته انهن جي رهائش لاءِ شاندار هاسٽل ٺهرائي مدرسه توڙي ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن کي نه صرف مفت ۾ تعليم ملي ٿي پر انهن شاگردن جي هر طرح سان مدد ڪئي وڃي ٿي، هاسٽل ۾ رهندڙن جي ماني جو انتظام پڻ ڪيو ويو، بعد ۾ پاڻ ڪاليج ۾ شاندار لائبريري به قائم ڪئي جتي اسلامي، تاريخي، ادبي ڪتابن ۾ وڏو ذخيرو ڪيل آهي. 21 نومبر 1955ع تي حضرت سومر فقير جي وصال ٿيو ته پاڻ دنيوي ڪم ڪارين کان ڪناراڪش ٿي ويو، گهڻو وقت مسجد شريف ۽ حضرت سومر فقير جي مزار تي گذارڻ لڳو، پاڻ حضرت سومر فقير جي مزار ۽ زري مبارڪ به جوڙائي، محمد خان جوڻيجو جي دور ۾کيس وڏي تعداد ۾ نوڪرين جا آرڊر مليا جيڪي بنا سفارش جي غريبن جي اولاد کي ڏنا، انهن مان ڪافي اعليٰ عهدن تي فائز آهن، پاڻ خلق خدا جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪندا هئا، پاڻ باڪردار ۽ بااخلاق هر ڪنهن جي عزت ڪرڻ وارو، هر ماڻهو سان اٿي وڏي پاٻوهه سان ڀاڪر پائي ملندو هو، هر وقت باوضو رهندو هو، شخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، ڪو به سوالي خالي نه ويو، پاڻ هميشه مهمانن سان گڏ ماني کائيندا هئا، انتهائي سادگي پسند هئا، هميشه اڇو پٽڪو يا اڇي ٽوپي پائيندا هئا، پاڻ وڏي سهپ وارا بربار هئا، ڪنهن جي دل نه ڏکائي، درگذر ڪرڻ وارا، حياءَ شرم جا پيڪر، رحم دل، سچار، ڪوڙ سان نفرت ڪرڻ وارا هئا، پاڻ اڪثر چوندا هئا ته جيڪو رحم نه ٿو کائي ان تي رحم نه ڪيو ويندو، تعليم سان گڏ تربيت ضروري آهي، پرهيزگار ماڻهوئي معاشري لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، 5 وقت نماز ٻه وقت ذڪر ۽ تلاوت قرآن شريف کي پنهنجي معمولات ۾ شامل ڪيو، استادن جو احترام ۽ ننڍڙن ٻارڙن سان پيار ۽ شفقت رکو،پاڙي وارن سان سهڻو سلوڪ رکو، دوکو ڏيندڙ ماڻهو سان دوستي نه رکو ۽ هميشه سٺن باڪردار ۽ علم وارن سان گڏ رهو، سخاوت سان الله سائين برڪت عطا فرمائيندو آهي، ان ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪريو، ٻارن کي دنياوي ۽ ديني تعليم تمام ضروري آهي.دين جي ڄاڻ کانسواءِ انسان اڌورو آهي، آهستي ۽ ٿورو بامقصد ڳالهائڻ جي پاڻ ۾ عادت وجهو، پاڻ ڪافي دفعا حج ۽ عمره جي سعادت حاصل ڪئي، پاڻ سچو عاشق رسول صه وڏو مفتي پرهيزگار، دانا، درويش نياز نوڙت وارو هو، سندس دعائن جو ايترو اثر جو ڪيترائي سندس دعائن سان رڱجي ويا، پاڻ ضلع عشر زڪوات سانگهڙ جا چيئرمين بيت المال سانگهڙ جا چيئرمين به رهيا، پاڻ 7 شعبان 1429ع مطابق 10 آگسٽ 2008ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا کين حضرت سومر فقيرجي آخري آرامگاهه ڀرسان سپرد خاڪ ڪيو ويو، سندن پڳ جو وزن سندن وڏو فرزند انجنيئر عبدالباسط هنڱورو تي آيو جيڪو فقير عبدالحڪيم هنڱورو جوئي ئي تسلسل آهي، هن ۾ والد واريون خوبيون موجود آهن، پاڻ والد جي سڀن سلسلن کي احسن انداز ۾ هلائي رهيو آهي کين اهو شرف حاصل آهي ته پاڻ پير سائين پاڳارو شاهه مردان شاهه ثاني جي ڪيترن سالن تائين حاضري ۾ رهيا پاڻ يوسي سومر فقير جا چئرمين به رهيا آهن وڏين خوبين حقوق العباد تي عمل پيرا آهن ادب سان گهري دلچسپي رکن ٿا.