صوفي محمد صفر ابڙو
ڪجهه وقت کان ٻيڙو فقير جي مزار تي به آشرم قائم ڪيو اتي به ميلو متل هوندو هو، اتي به خيراتون ڪندو هو، شهدادپور واري آشرم تي چانهه جي سبيل ۽ لنگر عام هلندو هو، پاڻ خوش اخلاق، حليم طبيت، همدرد، ننڍي وڏي جي عزت ڪندو هو، ادب اخلاق جو گهوارو هو، صوفي ازم تي کيس عبور حاصل هو، صوفي ازم تي ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهائي ويندو هو، پاڻ سدائين انسانيت جي پرچارڪئي، طالبن، دوستن، عزيزن کي امن شانتي پيار محبت ڪنهن جي دل آزاري نه ڪرڻ انسانيت جي خدمت، حقوق العباد تي عمل ڪرڻ، جو درس ڏيند هو، ڪجهه سال پهرين عمري جي سعادت به حاصل ڪئي، سنڌ ۾ سندس وڏي تعداد ۾ طالب ۽ هزارين چاهيندڙ رهيا، جتي به ويندو هو، ماڻهن جي هجوم ۾ رهندو هو، ڳالهائڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ هو، جڏهن ڪنهن به موضوع تي ڳالهائيندو هو ته ويٺلن ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، سندس لفظ لفظ موتين داڻو هوندي هو، مختصر ۽ جامع ڳالهائيندو هو، انتهائي حساس دل ڪنهن جو ڏک سهي نه سگهندو هو ، سندس خواهش هئي ته شهدادپور شهر ۾ڪو اهڙو ڪو وڏو آشرم هجي جتي فقير فقراءِ پرديسي مسافر اچي ٿڪ ڀڃن رات جو آرام ڪن، سندن لاءِ لنگر، چانهه پاڻي جو انتظام هجي پر چاهيندي به مالي وسيلا نه هئڻ ڪري سندس خواهش پوري نه ٿي سگهي، پاڻ شاهه لطيف جي ڪلام جو پارکو هو، لاتعداد صوفي شاعرن جو ڪلام کيس ياد هوندو هو، پاڻ دل ۽ هٿ جو سخي هوندو هو، وڏو مهمان نواز هو، سئير سفر جو شوقين هو پنهنجي طالبن سان گڏ روحاني سفر به ڪيا، پاڻ 15 جنوري تي حضرت ٻيڙو فقيرو جي مزارتان شهدادپور واري آشرم تان آيو رات جو 8 وڳي گهر پهتو، ماني کائي کن پل لاءِ آرام لاءِ لٽيو ته دل جو دورو پوڻ ڪري سندس روح پرواز ڪري حقيقي ماڳ ڏانهن هميشه لاءِ روانو ٿي ويو ۽ پاڻ وڃي حقيقي مالڪ سان مليو، سندس وصال جو ٻڌي سڄي سنڌ مان سندس طالب ۽ هزارين چاهيندڙ ۽ شهدادپور واسي بابلي هائوس تي پهچي ويا، 16 جنوري تي جنازيءَ نماز پڙهڻ بعد جيئن سندس چهري تان ڪفن هٽايو ويو ته ان وقت سندس وصيت موجب مشهور صوفي فنڪار مانجهي فقير سنگ سان گڏ ساز کڻي صوفيانه راڳ ڳائڻ شروع ڪيو، مانجهي فقير جڏهن ”دنيا دور چل ڦل جو هڪڙا ايندا ٻيا ويندا، سچن جي پيار جا ميلا هميشه يار پيا لڳندا“ ڳايو ته اتي موجود هزارين ماڻهو پنهنجي نيڻن جا بند روڪي نه سگهيا، هر طرف روڄ راڙو شروع ٿي ويو هر طرف اوڇنگارن آهن. دانهن جو پڙاڏو هو هر طرف قيامت خيز منظر هو، هر ماڻهو ڏکيارو هو ڪيترائي ماڻهو بي حال بڻجي ويا، ڪيترائي سندس چاهيندڙ بي هوش ٿي ويا، سندس ٽيجهي تي به دعا کانپوءِ مانجهي فقير سنگ سان گڏ صوفي صفر فقير جي پسند جا صوفيانه ڪلام چئي ماحول سوڳوار بڻائي ڇڏيو، اسان کيس پنهنجي هٿن سان حضرت فتح محمد شاهه جي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪري آيا آهيون پر الائي ڇو يقين نٿو اچي ته ڪو صوفي محمد صفر ابڙو اسان کان وڇڙي ويو آهي، سندس وڇوڙي جو يقين نه ٿو اچي، اسان کي يقين آهي ته سندس روح اڄ به سندس آشرم تي ايندو هوندو ۽ اڄ به ٻيڙو فقير جي مزار تي به ويندو هوندو. اڄ به نه صرف سندس ڀائرن سليمان جي ابڙو، محمد رفيق ابڙو، بشير گل، ابڙو، فقير محمد جي ابڙو، مراد جي ابڙو، شوڪت حسين ابڙو فرزند غلام رسول ابڙو ۽ ٻيا سؤٽ ماسات ٻيا عزيز سوڳوار آهن پر سندس طالب سندس چاهيندڙ هزارين ماڻهو سوڳوار آهن يقين سندس آشرم به سوڳوار هوندا، ابڙا پاڙو سوڳوار هوندو.
صوفي صفر ابڙو جيءَ جيارو انسان هو، سندس وڇوڙو وڏو نقصان آهي ۽ يقين لطيف سائين جو هي شعر سندس چاهيندڙن جي دل جي ترجماني ڪندو.
نيڻ نهاري منهنجا روئي رت ٿيا،
جي هتان هوت وياسي اچن ته آجي ٿيا.
جڏهن به ابڙا پاڙو مان سندس آشرم وٽان گذر ٿيندو آهي ۽ سندس آشرم بند ٿيل ڏسندو آهيان ته اکين جا بند روڪي نه سگهندو آهيان نيڻن مان نير وهڻ لڳندو آهي، هن آشرم تي ساڻس ڪيترائي ڪلاڪ رهاڻيون ٿينديون هيون، ساڻس رهاڻ ڪري سڪون ملندو هو، سندس مرڪ سندس انداز سندس محبتون ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون، سندس آشرم وٽان جڏهن به گذر ٿئي ٿو ته لطيف سائين جو هي شعر ذهن تي تري اچي ٿو.
اڳڻ اهي ئي جت ۾ پسان جوءَ ۾،
اوطاقون اوٺين جون سو جهيم سڀوئي،
اکڙيون روئي ماڳ نهاري موٽيون.
اسان کي اميد آهي ته سندس آشرم ٻيهر آباد ٿيندو، جيڪي روايتون صوفي محمد صفر فقير ابڙو وڌيون اهي قائم رهنديون، ٻيڙو فقير جو ميلو به مچندو رهندو، صوفين جا ميلا به قائم رهندا، ان حوالي سان اميد ته سليمان جي ابڙو پنهنجي وڏي ڀاءُ جي روايتن کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندو ۽ آشرم تي صوفين جا ميلا، محبت جا ميلا، راڳ ويراڳ جون محفلون جاري رکندو.