سنڌي موسيقي جو بهادر ۽ بيباڪ ڪردار فقير عبدالغفور
جنرل ضياءُ جي دور جتي سنڌ جو نالو وٺڻ گناهه سمجهو ويندو هو اهڙا ڪلام جن ۾ سنڌ جو نالو ايندو هو ته اهڙن ڪلامن کي سرڪاري ايجنسيون انهن کي باغيانه سمجهندا هئا ان دور ۾ فقير عبدالغفور لطيف جي ميلي ۾ اسٽيج تي، سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار ڳايو ته اتي ويٺل آرمي آفيسرن ڳائڻ بند ڪرايو ۽ فقير صاحب کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايڪشن ورتو پر فقير صاحب ڊرامائي انداز ڀت ٽپي اتان نڪري ويو. جڏهن ته صدر ايوب جي دور ۾ اڻ سڌي طرح ان ڪلام تي بندش وڌي وئي پر فقير صاحب هر پروگرامن ۾ اها وائي ڳائيندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڀٽو صاحب حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري ڪري رهيو هو ته فقير عبدالغفور پوليس کان پاڻ بچائي ڀت ٽپي اندر گهڙيو ته پوليس سندس پويان لڳي ڀٽو صاحب اهو منظر ڏٺو فقير تي نظر پوندي پوليس کي روڪيائين پوءِ فقير کي پاڻ وٽ گهرايائين ۽ چيائين خبرون چارون پوءِ پهريون راڻو ٻڌاءِ فقير صاحب سازن کانسواءِ راڻو ڳائڻ شروع ڪيو، ڀٽو صاحب داد ڏيندي بعد ۾ خبرون ورتائين ته فقير ڏي خبر ڀت ٽپي آيو آهين؟ خير ته آهي؟ فقير چيو ته سرڪار گهر ڪونه اٿم، تڏهن ڀت ٽپي آيو آهيان. ذوالفقار علي ڀٽو کيس ميان غلام شاهه درگاهه لڳ هڪ پلاٽ ڏنو ۽ چيائين فقير وري راڻو ٻڌاءِ ۽ فقير وري راڻو ڳايو هڪ دفعي ذوالفقار علي ڀٽي، فقير عبدالغفور کان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي گهر المرتضى ۾ رات جو 2 وڳي گهر آڻي سج اڀري تائين ڳائڻ ٻڌو. ڀٽو صاحب هن کان راڻو ڳارايو فقير عبدالغفور لطيف سائين، سچل سرمست ، فقير محمد کٽياڻ، شيرل فقير سميت ڪيترن ئي صوفي شاعرن جو وڏي تعداد ۾ ڪلام ڳايو ۽ انهن ۾ فقير صاحب جا جيڪي ڪلام مشهور ٿيا انهن ۾ عمر مون نه وڻن تنهنجو ماڙيون مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن مدت ٿي ميهار يار ساهڙ، مالڪ توبهه تو در ٻارچا پوندي ٻاجهه عاشق ڏسڻ آيو محبوب گل سناسي سنڌڙي تي سير ڪير ته ڏيندو سهندو ڪير ميار آءٌ ڪاگا ڪر ڳالهه مون سان، سوئي ڪم ڪريجي جنهن جي وچ الله آپ بڻجي ڇيريان ڪهڙي ڇم ڇم لائي يار ويکو رنگ لايا وي هت نهين سو ڪٿ نهين، رخ رانجهن دا ڪعبا قبلا عشق ٻڌا احرام، سهڻي يار دي گهڙولي ڀر دي، هاڻ سک رمز وجود وچارڻ دي ناهي، حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي چلو ري سيان چرچان، وي آپ چمن ۾ آيا وي سک رمز ڪو وجود وڇارڻ دي ناهي، هاوڻ دري ٻاروچا پوندءِ ٻاجهه گهوم چرکڙا سائنيا دا، تيڏي ڪتڻ والي جيو، کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي پر جام سادل، ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا، جنهن دل پيتا عشق وَ جام سا دل مستو مست مدام، ڪنگلي والڙا يار سدا جڳ جيون سا ڏي ويڙهي آيا صبح شام، آءُ راڻا رهه رات تنهنجي چانگي کي چندن چاريان، اهي ڪلام اڄ جا مشهور فنڪار فقير صاحب جي انداز ۾ ڳائين ٿا.
پاڻ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ بيمار ٿي پيو. سول اسپتال حيدرآباد جي جنرل وارڊ ۾ 22 جولاءِ 1986ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس وصيت موجب کيس ميان غلام شاهه ڪلهوڙو واري مقبري وٽ در تي مٽيءَ ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو.