شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

خادم ِالعوام عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم سياسي دنيا جي قدآور شخصيت هو. سياست ذريعي سڄي ڄمار عوام جي خدمت لاءِ ارپيندڙ عبدالسلام ٿهيم جا سياسي مخالف به سندس ساراهه ڪن ٿا. انڪري جو هن صاف سٿري سياست ڪري هڪ مثال قائم ڪيو، عوام جي بي لوث خدمت جي ڪري عوام کيس خادم عوام جو لقب ڏنو ۽ پاڻ ان لقب جو ڀرم رکيو. هي جيءَ جيارو انسان 1 جنوري 1950ع تي مشهور سماجي شخصيت رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ جنم ورتو،سندس وڏا عربستان جا هئا، سندس خاندان جو وڏو طيب خان ٿهيم پهرين جيڪب آباد ضلعي ۾ رهائش پذير ٿيو بعد ۾ شهدادپور –سانگهڙ روڊ تي موجود لانڍي اسٽاپ ويجهو پنهنجي نالي سان ڳوٺ طيب ٿهيم آباد ڪيو، عبدالسلام ٿهيم پرائمري پنهنجي ڳوٺ ۾ سيڪنڊري ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ پاس ڪيو. گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. جتي شاگرد سياست به ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان کان ڌار ٿي پ پ جو بنياد وڌو ته پاڻ ان کان متاثر ٿي. پ پ ۾ شامل ٿيو، کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پ پ جو ميمبر شپ فارم ذوالفقار علي ڀٽو سامهون ڀريو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏي عملي سياست شروع ڪئي، جڏهن ڀٽو صاحب پهريون دفعو سانگهڙ وڃي رهيو هو ته ناشتو عبدالسلام ٿهيم جي ڀاءُ وٽ ڪيو. سانگهڙ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو تي قاتلانه حملي مهل عبد السلام ٿهيم نه صرف گڏ هو پر اڳيان هو پاڻ نه صرف تعلقه شهدادپور پر ضلعي سانگهڙ ۾ پ پ کي فعال ڪيو، کيس پ پ تعلقه جو صدر ڪيو ويو، بعد ۾ عبدالواحد بروهي کي پ پ تعلقه جو صدر ڪيو ويو، مرحوم عبدالواحد بروهي جي وفات بعد کيس ٻيهر تعلقه شهدادپور جو صدر بڻايو ويو. ان بعد ضلعي سانگهڙ جو ان بعد ڊويزن حيدرآباد جو صدر بعد ۾ پ پ سنڌ جو سيڪريٽري انفارميشن ٿيو، انهن عهدن تي سندس ڪارڪردگي قابل تعريف رهي. پ پ جي بنياد پوڻ کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ ساڻس گڏ رهيو، جنرل ضياءُ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائي سولي تي چاڙهيو ان ڏکيئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جا ڪيترائي اهم ساٿي کيس ڇڏي ويا. ڪيترا خاموش رهيا پر عبدالسلام ٿهيم ثابت قدم رهيو. هن پنهنجون سرگرميون جاري رکيون ۽ جنرل ضياءُ خلاف احتجاج به ڪيو، ان ڏوهه ۾ جنرل ضياءُ جي دور ۾ 7 سال ٿاڻن جي لاڪپ ۽ سب جيل ، ڊسٽرڪٽ جيل ۽ سينٽرل جيل ۾ رهيو.جتي مٿس شختيون ٿيون . ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو.1986ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سانگهڙ ضلعي اندر ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ عبدالسلام ٿهيم جي ڳوٺ طيب ٿهيم تي آرمي آپريشن ڪيو. جنهن ۾ سندس 2 ذاتي ملازم ۽ هڪ معصوم نياڻي شهيد ٿي ويا. سندس ڪيترائي عزيز مائيٽ زخمي ٿيا ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جنرل ضياءُ جي دور ۾ عبدالسلام ٿهيم تي جيل ۾ ٽارچر ڏنا ويا. مٿس زور ڏنو ويو ته پ پ ڇڏي ۽ معافي نامون لکي ڏي، ان جي عيوض کيس تصور کان وڌيڪ فائدو ڏيڻ نوازڻ جون آڇون ڪيون ويون پر پاڻ نه جهڪيو نه وڪيو اٽل رهيو. ڄام صادق علي خان جي دور ۾ پ پ جا نالي وارا ليڊر پاڻ کي فني خان ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا جانثار سڏائيندڙ وڏيرا ڄام جا جوهه جلال جي سٽ نه جهلي سگهيا ۽ ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ جا اعلان ڪيا پر سلام آهي عبدالسلام ٿهيم تي جيڪو پهاڙ وانگر مضبوط رهيو. ۽ پ پ ۾ ثابت قدم رهيو. 88ع ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ۽ کيس ايڪسائيز ٽئڪس جو وزير جو قلمدان ڏنو ويو پاڻ ان سوچ تحت بيرڪس واري سائيڊ تي آفيس ورتي ته سندس ووٽر ۽ عوام انٽري پاس وٺڻ جي تڪليف ڪرڻ بجاءِ آساني سان هن وٽ پهچي سگهي. 90ع وارين چونڊن ۾ ڏنڊي جي زور تي هارايو. 93ع ۾ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو عبدالسلام ٿهيم جهڙي وفادار ۽ پارٽي ۾ ثابت قدم رهندڙ کي وزير اعليٰ سنڌ بنائڻ پئي چاهيو پر گريجوئيٽ نه هئڻ ڪر ي وزير اعليٰ سنڌ نه ٿي سگهيو ۽ ۽ کيس تعليم کاتي وارو قلمدان ڏنو ويو ان بعد 2 چونڊن ۾ هارايو. 2008ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. 2009ع ۾ کيس ٽڪينيڪل ايجوڪيشن جو وزير بڻايو ويو. مرڻ تائين اهو قلمدان وٽس رهيو. 88- 93- 2009ع واري پ پ دور ۾ سڀني وزيرن کان وڌيڪ عوام ۾ مقبول رهيو. هن پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، هي واحد وزير هو جنهن جي آفيس ۾ ٻين وزيرن جي آفيسن کان وڌيڪ رش هوندي هئي ۽ آفيس ٽائيم کانپوءِ گهر ويندو هو ته اتي به عوام جا ميڙا لڳل هوندا هئا ان ڪري گهر ۾ به کيس آفيس قائم ڪرڻي پئي، آفيس مان ٿڪجي اچڻ جي باوجود گهر ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ اتي قائم ڪيل آفيس ۾ ويهي عوام جا مسئلا حل ڪندو هو، پاڻ آفيس ۾ رات دير تائين عوام سان ملندي سندن ڪمن ڪارين لاءِ ڪوشسون ڪندو هو. ٻين علائقن جا پ پ ورڪر ٿهيم صاحب ۾ وڌيڪ اميد رکي ڪم ڪارين لاءِ ايندا هئا پاڻ انهن جي اعتماد تي لهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پ پ مخالف پارٽين سان لاڳاپيل ماڻهو به وٽس ايندا هئا ته انهن کي ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو ته اوهان پ پ جا نه آهيون،ا وهان جا ڪم ڇو ڪريان پر پاڻ انهن ماڻهن کي به لکين عزتون ڏيندو هو، سندن ڪم ڪارين لاءِ ڪوششون ڪندو هو، پاڻ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو، عوام جي خدمت عين عبادت سمجهي ڪندو هو، ايم پي اي هاسٽل تي ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ تڪ جي ماڻهن کي رهائيندو هو. 3 دفعا وزير رهڻ دوران عوام جي بي لوث خدمت ڪئي، ٻين وزيرن ۾ جن ماڻهن جا ڪم هوندا هئا ته پاڻ ماڻهن جي انهن مسئلن ، ڪم ڪارين لاءِ گڏجي انهن وزيرن وٽ ويندو هو، ويهي ڪم ڪرائي پوءِ اٿندو هو. هن روايتي وزيرن وانگر مال نه ٺاهيو پر عزت ٺاهي عوام جون دعائون حاصل ڪيون، عوام دوست ڪردار ادا ڪري عوام جي دلين تي راڄ ڪيو. بي داغ ته رب سائين جي ذات آهي پر عبدالسلام ٿيهم جي سياسي، اقتداري زندگي بي داغ رهي پ پ مخالف دورن ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته سندس ڪرپشن، غير قانوني ڪم هٿ ڪري مٿس ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. پر مخالفن جي باوجود ڪوشش جي هن جو ڪوبه اهڙو غير قانوني عمل ۽ ڪرپشن ملي نه سگهي، ايترو بااصول جو غلط ڪم ڪرڻ ته پري پر سوچيو به نه. پاڻ بااصول انسان هئا. 3 دورن ۾ علائقي ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪم ڪرايا. 93ع ۾ تعليم جو زوير رهڻ دوران تڪ جو ڪو اهڙو ڳوٺ نه رهايو جتي اسڪول ۽ بلڊنگ نه ٺهرائي هجي، علائقي ۾ روڊ،ر ستا، بجلي، گئس، فون، واٽر سپلاءِ ، ڊرينيج اسڪيمون ۽ هزارين نوجوانن کي تعليم مطابق نوڪرين جا آرڊر ڏنا. شهدادپور جي پيئڻ جو پاڻي جيڪو زهريلو ٿي ويو آهي. پاڻ 50 ڪروڙ جي لاڳت سان شهدادپور کي صاف پاڻي ڏيڻ جي اسڪيم ڏياري ريلوي پل سندس خواهش هئي اها اسڪيم به منظور ڪرائي. راندين جو عظيم الشان اسٽيڊيم منظور ڪرايو. جيڪو سندس وفات بعد مڪمل ٿيو، پاڻ شهدادپور کي مثالي شهر بنائڻ ۽ انڊسٽريل زون قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. 2011ع ۾ برساتن اڌ سنڌ ٻوڙي ڇڏي ان ۾ عبدالسلام ٿهيم جو تڪ به ٻڏي ويو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن ڏينهن ۾ سندس طبعيت ناساز هئي گردن جي تڪليف، شگر ، ساهه جي تڪليف ۽ ٻيون بيماريون هيون.ڊاڪٽر آرام جو مشورو ڏيندا هئا پر پاڻ تڪ جي عوام تي آيل قدرتي مصيبت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو. طبعيت جي ناسازي جي پرواهه نه ڪندي تڪ جي ٻڏل هر شهر هر ڳوٺ ۾ پهتو، جتي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍرائي ڪئمپن ۾ آندو، بنا فرق جي متاثرين جي هر طرح سان مدد ڪئي. امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ۽ اين جي اوز سان به رابطو ڪيو. پ پ جي يو سي ليول تي گڏجاڻيون ڪيون، انتظاميا سان رابطي ۾ رهيو. جڏهن ته کيس ضلعي جي رليف ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ته هن پنهنجي تڪ سان گڏ ضلعي ليول تي متاثرين جي مدد لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪيون وزير اعليٰ کي دورو ڪرائي ضلعي سانگهڙ کي متاثر علائقو قرار ڏياريو. مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ بيمار ٿي پيو ۽ اسپتال داخل ٿيو، ٻه ٽي ڏينهن علاج ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود اسپتال ۾ رهيا علاج ڪرائڻ بجاءِ واپس شهدادپور پهتو ۽ رليف واري ڪم ۾ لڳي ويو، چيلهه جيڏي پاڻي ۾ گهڙي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هو. ان ٻوڏ ۾ شهدادپور کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ليڪن پاڻ بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ ٿهيم هائوس تي ڊاڪٽر گهرائي طبي امداد وٺڻ بعد وري دورا ڪندو هو ۽ سندس طبعيت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي. بار بار نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ٿيڻ بعد وري نڪري ايندو هو، عوام جي محبت ۾ صحت جو خيال نه ڪيو ۽ انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي 22 اپريل 2012ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، اسپتال ۾ موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ جتي موت نظر ايندو آهي ته سڀ وسري ويندو آهي پر هن موت کي اکين سان ڏسڻ جي باوجود کيس تڪ جي عوام سان محبت رهي، پاڻ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پريشان هو هر وقت کيس متاثرين جي اون رهندي هئي ڳالهائڻ جهڙو ٿيڻ شرط فون تي ٻوڏ متاثرين جي ڄاڻ احوال معلوم ڪندو هو ۽ انتظاميا کي هدايتون ڏندو رهيو، جڏهن ته روزانه ڊائلاسس تي ويندو هو تڏهن به عوام جي خدمت جاري رکي تڪ لاءِ ڏنل ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان فون تي سيڪريٽرين ۽ ٻين سان رابطو جاري رکيو. آفيس عملي کي اسپتال ۾ گهرائي ضروري فائيلن تي صحيحون ڪندو هو، پاڻ سانگهڙ ضلعي جو ننڍڙو ذوالفقار علي ڀٽو هو سندس وصال بعد علائقي جي عوام جهڙو سياسي يتيم ٿي وئي آهي. سندس عوام ۾ مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس آخري سفر ۾ هزارين ماڻهو روئي رهيا هئا. سندس خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهي، دعا آهي ته سندس موڀي پٽ شاهد خان ٿهيم، ڀاءُ عبدالرحمان خان ٿهيم سندس نقش قدم تي هلن، عوام جي بي لوث خدمت ڪن. عبدالسلام ٿهيم وري پيدا نه ٿيندو. غريب ميرن ڦاٽل ڪپڙن وارن کي به ڀاڪر پائي ملندو هو، دوستن جو دوست، غريبن جو يار هو، زندهه دل انسان هو، سندس آخري آرام گاهه، درگاهه حضرت حسن بخش شاهه جي مزار جي احاطي ۾ والد جي پيرن ۾ آهي. جتي پاڻ مڻين مٽي هيٺ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي آهي.