شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

انساني حقن ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ غلام مصطفيٰ سومرو ايڊوڪيٽ

شهدادپور جي سماجي دنيا ۾ غلام مصطفيٰ سومرو جو نالو اهميت رکي ٿو پاڻ امن پسند پارٽي جا چيئرمين پيشن تنظيم جا بانيڪار به آهن. سنڌ ۾ ٻوڏ بعد متاثرين کي امداد نه ملندي هجي ڪراچي ۾ امن امان جون حالتون خراب . نياڻين سان ظلم ٿيندا هجن. نهري پاڻي جي کوٽ هجي تعليمي ادارا يا سنڌ جا ٻيا مسئلا هجن پاڻ انهن لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي. 5 مئي 1980ع تي نور محمد سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ غلام مصطفيٰ سومرو ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم حاصل ڪئي غريب عوام جي خدمت طور ڪا سرڪاري نوڪري وٺڻ بجاءِ وڪيل ٿيڻ پسند ڪيو. 2007 ع ۾ مشهور وڪيل يوسف لغاري سان گڏ جونيئر جي حيثيت سان وڪالت ڪئي پاڻ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي هر قسم جا ڪيس وڙهي ٿو پر پاڻ ڪرمنل ڪيسن جو ماهر وڪيل آهي. پاڻ نه صرف شهدادپور پر ڪراچي، حيدرآباد، خيرپورميرس ۽ ٻين شهرن ۾ به غريب ماڻهن جا ڪيترائي ڪيس مفت ۾ وڙهيا آهن. پاڻ سياست جي شروعات شاگردي واري دور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي سان ڪئي پاڻ ان پارٽي جو سانگهڙ ضلع ۾ جنرل سيڪريٽري به رهيو بعد ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري پاران جوڙيل سنڌ دوست ڪائونسل فورم ۾ شامل ٿي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ۽ سنڌ وارن جي حقن ۽ انهن جي حاصلات لاءِ منظم انداز ۾ جاڳرتا مهم هلائي، 2011ع ۾ امن پسند پارٽي جو قيام آندو ۽ پاڻ ان جو چئرمين چونڊيو ويو. هن پارٽي جو مقصد سنڌ مان لسانيت ختم ڪري سڀ ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ ايڪتا پيدا ڪرڻ هو ۽ ان لاءِ.پاڻ سڄي سنڌ جا دورا ڪري تنظيم کي منظم ڪيو ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان ان حوالي سان ملاقاتون ڪيون نفرتون ختم ڪرڻ ۽ ايڪتا لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ميڙاڪا ڪرايا. پاڻ پاڪستان اميڊ سوشل سسٽم آرگنائيزيشن پيشن جو بائيڪار به آهي پاڻ ان آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان صحت، تعليم، انساني حقن تي ڪم ڪري پيو جاگرتا جا ڪيترائي پروگرام پڻ ڪرايا آهن ادب سان پڙهڻ جي حد تائين سندس دلچسپي رهي آهي شهداد پور ۾ مختلف تنظيمن، ادارن پاران ٿيندڙ شهر جي عوامي مسئلن کان وٺي مختلف اشوز تي ٿيندڙ ريلين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. پاڻ شهر ۾ ٿيندڙ ادبي ثقافتي پروگرامن جو سهڪاري به رهيو آهي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي هن وٽ اچن ٿا انساني همدردي تحت اهي حل ڪرائيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. موسيقي سان دلچسپي رکي ٿو سرمد سنڌي، صادق فقير، ممتاز لاشاري ۽ شاعرن ۾ شاهه لطيف، سچل سائين، استاد بخاري، شيخ اياز، پروين شاڪر، فيض احمد فيض ۽ ٻيا پسند اٿس کيس شيخ اياز جو “هي ڀون نه آئي ڀانءِ الا مان اڏري ويندو سانءِ” پسند آهي ادبي ڪتابن ۾ طارق عالم جو رهجي ويل منظر دلچسپي سان“ پڙهي ٿو. سندس آئيڊل مارڪس آهي. پاڻ باري ڪائونسل شهدادپور جي مختلف عهدن تي رهيو آهي پاڻ ڪيترن ئي سماجي علمي ادبي ثقافتي تنظيمن جو عهديدار سرپرست اعزازي ميمبر به آهي. نوجوانن کي سماج ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ليڪچر به ڪري ٿو.