شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سماجي ورڪر محمد رفيق ٽالپر

محمد رفيق ٽالپر جون تعلقه شهدادپور ۾ سماجي خدمتون قابل تعريف آهن. ننڍي هوندي کان کيس غريبن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رهيو ۽ بعد ۾ سماجي ڪمن کي منظم انداز ۾ ڪرڻ لاءِ 1993ع ۾ وليجرس ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت ڪري ٿو پاڻ تنظيم جي پليٽ فارم تان صحت تعليم ڪمپيوٽر تعليم جي حوالي سان جاگرتا ڏي ٿو تنظيم جي پليٽ فارم تان غريبن کي ننڍا ڪاروبار به کولرائي ڏنا آهن. علائقي ۾ برسات جون تباهيون هجن يا ڪي قدرتي ٻيون آفتون هنگامي بنيادن تي متاثرين جي مدد ڪري ٿو ڳوٺن ۾ پئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ نلڪا ڏنا آهن. ڳوٺن ۾ صفائي، صاف پاڻي، تعليم جي اهميت بابت ڪيترائي پروگرام ڪرايا آهن. جنهن جو نتيجو بهتر نڪتو آهي پاڻ علائقي ۾ جن اسڪولن ۾ ٻارن جو تعداد گهٽ آهي ته والدين وٽ وڃي انهن کي تعليم بابت گڏجاڻيون ڪري کين منٿ ميڙ ڪري ٿو جنهن جا پڻ بهتر نتيجا نڪتا آهن 2006ع ۾ پاڻ شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪمپيوٽر جي تعليم ڏيڻ لاءِ رهبر ڪمپيوٽر اڪيڊمي قائم ڪئي جتي تمام گهٽ في جنهن ۾ جاءِ مسواڙ بجلي جو بل ۽ ٽريننگ ڏيندڙ استاد جي پگهار جو مسئلو حل ٿي وڃي گهٽ في ۽ ڪمپيوٽر جي بهترين تعليم ڏيڻ جي ڪري ڪيترن ئي غريب شاگردن کي فائدو ٿيو آهي. هن اڪيڊمي مان سوين شاگرد شاگردياڻين ڪمپيوٽر جي تعليم پرائي آهي جڏهن ته 25 سيڪڙو غريب ٻارن کي فري ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي ٿي 2011ع واري برساتي ٻوڏ ۾ رفيق ٽالپر جو ڀرپور ڪردار رهيو. پاڻ مختلف ڊونر ادارن سان ملاقاتون ڪري متاثرين لاءِ راشن روزگار لاءِ ريڙها کانسواءِ سج جي روشني تي چارج ٿيندڙ ٽارچون. مزدوري جو سامان ڏنو پاڻ مختلف تنظيمن سان گڏجي شهدادپور ۽ مختلف ڳوٺن ۾ عورتن جي حقن مسئلن بابت ڪيترائي سيمينار ڪرايا آهن محمد رفيق ٽالپر غريب ماڻهن ۾ بچت ڪرڻ ۽ بچت لاءِ اڪائونٽ کولرائيڻ جي سجاڳي ڏيڻ لاءِ علائقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ ماڻهن جا عام مسئلا حل ڪرائيڻ لاءِ به سندس شاندار ڪردار رهيو آهي ڳوٺن جي مسئلن جي حل لاءِ تنظيم توڙي ذاتي طور ڀرپور ڪوششون ڪندو رهيو آهي سندس اهڙي ڪوششن سان ڪيترن ئي ڳوٺن کي گئس روڊ فرش بنديون گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ناليون مليون آهن. زبون حال اسڪولن جي بلڊنگن جي مرمت ٿي آهي نه صرف اهو پر هن ڳوٺن جي ماڻهن کي سندن حقن بابت شعور ڏنو آهي. اوهان پنهنجا مسئلا حل ڪرائيڻ لاءِ هن انداز سان ڪوششون ڪيون سندس ڪوششن سان ڪيترائي بند پيل اسڪول کليا آهن. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي محمد رفيق ٽالپر جو ادب صوفيانه راڳ سان به دلچسپي رهي آهي. هر موضوع جا ڪتاب مطالعي ۾ رهيا اٿس. سندس آئيڊل شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد آهي پاڻ سماجي خدمتون افضل عبادت سمجهي ڪري ٿو.