شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

لطيف سائين جو مشهور راڳي سيد غلام حيدر شاهه

سيد غلام حيدر شاهه لطيفي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مشهور راڳي شاعري جو پارکو هو. سخاوت ۽ مهمان نوازي ۾ والد پير محمد جڙيل شاهه جي نقش قدم تي هليو. مون کيس پهريون دفعو 1980ع ۾ درگاهه لطيف تي راڳ ڳائيندي ٻڌو ڇا ته سندس آواز ۾ سوز هو. ساڻس باقاعده نياز مندي وارا تعلقات 1993ع کان ان وقت ٿيا، جڏهن آئون ڀٽائي خاندان جي مشهور شخصيت سائين سيد مظهر علي نازڻ سائين جي معرفت ڀيڄ ڀٽائي ميگزين لاءِ اشتهار جي صورت ۾ سهڪار لاءِ وٽن پهتس ۽ پاڻ نه صرف ان عرس مبارڪ واري ايڊيشن پر جيستائين حياتي هئا سهڪار جاري رکيو. پهريون دفعو جڏهن ساڻس مليس ته پاڻ ڳوٺ معلوم ڪيو. جڏهن کيس ٻڌايم ته ملدسي جو ته پاڻ منهنجي وڏن جن مان تقريبن انتقال ڪري ويل هئا انهن جا نالا ورتا جن ۾ منهنجو نانو ، چاچا شامل هئا. پاڻ خوش ٿي چيو ته ابا انهن سان ته وڏن کان واسطا آهن پر وڏن جي وفات بعد اهي رابطا ختم ٿي ويا آهن. سٺو ٿيو جو ڪنهن نه ڪنهن بهاني آيو آهين، هاڻ اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. پاڻ جيڪا عزت پيار ڏنو ان سندس مداح ڪري ڇڏيو. ان بعد جڏهن به ڀٽ شاهه اچڻ ٿيندو هو ته وٽن حاضري ضرور ڀربي هئي.. جڏهن به وڃبو هو ته سندس اوطاق تي مريد ۽ شهر علائقي جو ماڻهن جو وڏو انگ موجود هوندو هو. پاڻ سخاوت جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ مشهور سيد محمد بخش عرف جڙيل شاهه جو فرزند هو. پاڻ لطيف سائين جي خاندان جو چشم چراغ هو. سيد غلام حيدر شاهه کي پيار مان گلڻ سائين به سڏيندا هئا. درگاهه جي اولهه طرف لڳو لڳ سندن حويلي آهي. ان جي لڳ سندن وڏو عاليشان بنگلو آهي. اتان گذريو هو ته دنبوري جي تار جو آواز ۽ سندس سريلي آواز جو ميلاپ بڻجي ماحول ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ڪندو هو. هن دور ۾ لطيف سائين جي مشهور راڳي سيد غلام شاهه کانپوءِ وڏي کان وڏو ڄاڻو سيد غلام حيدر شاهه کي مڃيو ويندو هو. شاهه سائين جي ڪلام جو پارکو ۽ راڳ جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ هو. اهو ئي سبب آهي ته لطيف جا ڪيترائي راڳي کانئس راڳ جي سکيا وٺندا هئا. پاڻ لطيف جو راڳ جديد انداز ۾ پيش ڪيو، پاڻ ڪلاسيڪل نيم ڪلاسيڪل موسيقي جي وڏي ڄاڻ رکندا هئا. پاڻ سازن تي بهترين انداز ۾ ڳائيندا به هئا. پاڻ هارمونيم به بهترين انداز ۾ وڄائيندا هئا. ڪنهن لطيف جي راڳي فقير کي لطيف سرڪار جي وائي سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته اهي سائين غلام حيدر شاهه وٽ ايندا هئا پاڻ ان کي سهڻي انداز ۾ ڄاڻ ڏيندا هئا. پاڻ لطيف جي هر بيت ، وائي جي معنى ڏاڍي سهڻي ۽ سادي نموني سمجهائيندا هئا. پاڻ لطيف سائين جي رسالي جا حافظ موسيقي جي هر راڳ جا ڄاڻو هئا. وٽن وقت جا ناميارا فنڪار حاضري تي ايندا هئا. خاص طور لطيف جي عرس تي اچي سندن بنگلي تي ڳائيندا هئا ۽ راڳ بابت ڄاڻ به حاصل ڪندا هئا. سينگار علي سليم جي ته غلام حيدر شاهه سان دلي، عقيدت هوندي هئي وقت به وقت وٽن حاضر ٿي راڳن تي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ فن جو مظاهرو به ڪندا هئا. راڳ ويراڳ ۽ ڀٽائي گهوٽ جو راڳ جهڙوڪ غلام حيدر شاهه جي روح جي غذا هو. فنڪارن ۾ استاد غلام علي، روشن آرا بيگم، استاد عبدالڪريم، پروين سلطانه، سلامت علي، لتا منگيشڪر، ملڪه ترنم نورجهان، سهراب فقير، عابده پروين، استاد عاشق علي خان، انهن فنڪارن جي آڊيو ڪيسٽن جو وڏو تعداد وٽن هوندو هو. اڪيلائي ۾ انهن پسند جي فنڪارن جون ڪيسٽون ٻڌاندا هئا. جڏهن جديد دور آيو ٽي وي چينل کليا سندن اوطاق ۾ ٽي وي به هئي پر پاڻ ريڊيو شوق سان ٻڌندا هئا. جيستائين سيد صالح محمد شاهه حياتي هو ايستائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان فتح خان جي ڪچهري شوق سان ٻڌندو هو. کين لطيف سائين کانپوءِ پسند جو شاعر مولانه رومي هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ لطيف جو راڳ ڳائيندي ۽ شعر چوندي روئي ڏيندا هئا. پاڻ وڏا زميندار هزارين مريد وڏي تعداد ۾ ملازم هوندي به فقير منش، سادا انسان هئا، پاڻ زندگي سادگي سان گذاري اڪثر لطيفي رنگ بلو ۽ ڪاري رنگ جا ڪپڙا پائيندا هئا. پاڻ صاف گوءِ منهن تي سچ چوڻ وارا، نيت جا صاف انسان هئا. سندن وندر ۾ فقراءِ فنڪارن سان ڪچهريون هوندي هئي. پاڻ وڏا مهمان نواز، سخي غريب جي مدد ڪندڙ پر ظاهري دنيا داري ۽ نمود نمائش جا قائل نه هوندا هئا. سندن اوطاق تي لنگر هلندو هو، لطيف جي عرس جا 3 ڏينهن لنگر عام هلندو هو، شطرنج راند جا شوقين ۽ ماهر هوندا هئا. کين هن راند ۾ شڪست ڏيڻ مشڪل هوندو هو، غلام حيدر شاهه جي آواز ۾ مختلف ڪمپنين پاران شاهه سائين جي راڳ جون ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون رڪارڊ ٿيون، جيڪي عوام ۾ مقبول ويون ۽ وڪرو جا رڪارڊ قائم ڪيا، پاڻ غير سياسي ماڻهو هو ليڪن سندن تعلق خانداني طور مخدوم آف هالا مخدوم طالب المولى سان سندن قريبي تعلقات هئا، سندس آئيدل شاهه لطيف سندن والد پير محمد جڙيل شاهه پسند جي شخصيتن ۾ مخدوم غلام حيدر صديقي و قريشي، سائين جي ايم سيد، سيد غلام رسول شاهه جيلاني، ڄام ڪانڀو خان، سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ (اول)، سيد ميران محمد شاهه، سيد غلام شاهه، سيد غلام حيدر شاهه، شاهه ڪريم بلڙي وارو، عبدالستار پيرزادو، حاجي جان محمد مري، سندس چاچو ولي محمد شاهه، پسنديده اديبن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي هو، سندن ادب سان به گهري دلچسپي رهي. تاريخ، فلسفي، اسلامي ڪتاب به سندن مطالعي ۾ رهيا. تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته پاڻ شاعري به ڪندا هئا. تاريخ جي کين وڏي ڄاڻ هئي. فقير فقراءَ لاءِ هڪ وڏو هال ٺهرايو، جتي ٻه ٽي هزار ماڻهو هڪ ئي وقت ويهي سگهن ٿا. هڪ دفعي کائن معلوم ڪيم ته سائين زندگي ۾ عشق گهڻا ڪيا، پاڻ مرڪندي چيو ته زندگي ۾ جنهن سان عشق ڪيو ان کي جيون ساٿي بنايو، پر مرحيات ساٿ ڇڏي حقيقي مالڪ ڏانهن هلي وئي، مون کي سدائين ڳلن ۽ ڪلهي تي ٿڦڪي ڏئي دعا ڪندا هئا ته تون ڀيڄ ڀٽائي ميگزين ذريعي لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي ۽ ميگزين ميلي ۾ مفت ورهائڻ اهو ننڍڙو ڪم ناهي، جيڪو ڪم وقت جون حڪومتون ادارا نه ڪري سگهيا آهن،ا هو ڪم تو جهڙو غريب ماڻهو ڪري رهيو آهي پاڻ اڪثر چوندا هئا ته اتر سنڌ ۾ اسان جي مريدن ڏانهن به اشتهار لاءِ وڃ تو کي خط ۽ پنهنجو ملازم گڏي ڏيان ٿو ته ۽ ڀاڙو خرچ به ڏيان ٿو پر چاهيندي به ڪجهه مجبورين ڪري سندن خواهش تي نه وڃي سگهيس، سيد غلام حيدر شاهه جن وٽ ڪچهري ڳالهه ٻولهه جو وڏو ڏانءُ هو ڪچهري ۾ ويٺل جي اٿڻ تي دل نه چوندي هئي. اڻ واقف سان به اهڙو شفقت سان ملندو هو جهڙو پراڻو واقف ڪار هجي، پاڻ ڪربلا جي شهيدن جو وڏو عزادار هو. پاڻ ڪيتريون ئي مجسلون ڪرايون. ڏهن ڏينهن ۾ خير خيراتون لنگر نياز دل کولي ڪندو هو