شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

علم ادب جو گهڻگهرو غلام اڪبر لغاري

جڏهن به سنڌ جي ادب دوست، عوام دوست آفيسرن جو ذڪر ايندو ته ان ۾ غلام اڪبر لغاري سرفهرست هوندو. سندن عوام دوستي، فرض شناسي جو پڙاڏو سڄي سنڌ ۾ گونجي ٿو. پاڻ هالا تعلقي جي ڳوٺ ٽالهو خان لغاري نزد ڀاڻوٺ ۾ هڪ غريب هاري جي گهر ۾ 63-11-30 تي جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ذهين ادب سان دلچسپي رکندڙ ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو، ننڍي هوندي کان ڪنهن غريب جي تڪليف برداشت نه ڪري سگهندو هو، گهران ملندڙ خرچي مان ڪڏهن ڪڏهن غريب شاگردن کي پين ڪاپيون وٺي ڏيندو هو، ننڍي هوندي کان ذهين، تعليم سان دلچسپي رکندڙ هو، غريب هئڻ جي باوجود رات ڏينهن محنت ڪري ڪميشن پاس ڪئي، هن پرائمري کان ڪميشن پاس ڪرڻ تائين تعليم ڪيئن حاصل ڪئي، ان لاءِ ڇا ڇا ڪيو، سندس والدين ڪيئن پيٽ تي پٿر رکيا، اها وري الڳ ڪهاڻي آهي.
پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ٽالهيو خان لغاري 6 کان 10 تائين ڳوٺ سعيد خان لغاري، مئٽرڪ A گريد ۾ پاس ڪيائون، فرسٽ ايئر انٽر سروري اسلاميه ڊگري ڪاليج هالا نوان مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن يعني M.A اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين، ان بعدکيس جونيئر اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو. ۽ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايو. 1989-1990ع ۾ ٻه دفعا سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري. 1992ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ٽريننگ مڪمل ڪري 1993ع ۾ مورو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 1994ع ۾ ريلوي مئجسٽريٽ حيدرآباد ۾ 95ع ۾ ايس ڊي ايم مٺي ٿيو، اتي مسڪين ٿرين جي باقاعدي خدمت ڪئي. 96ع ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر دادو 1997ع ۾ SDM ڊگهڙي، 98ع ۾ سيڪريٽري آر ٽي اي حيدرآباد، 99ع ۾ SDM ميرپورخاص، 2000ع ۾ سٽي مئجسٽريٽ ڪراچي سائوٿ، 2001ع ۾ ڊي او فنانس سانگهڙ ۽ ٽي ايم او ڪورنگي ڪراچي 2003ع ۾ ڊائريڪٽر ٽوئرزم، 2007ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، 2004ع ۾ اي ڊي او روينيو دادو، 2005ع ۾ ضلع ڄامشورو ۾ اي ڊي او روينيو طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ڄامشورو ۾ ر هڻ دوران رني ڪوٽ قلعي تي سيمينار ڪرايو. 2008ع کان 2010ع تائين ڊي سي او عمرڪوٽ رهڻ دوران عمرڪوٽ جي تاريخ ثقافت تي ٽن ڏينهن جو سيمينار ڪرايو، ضلع حڪومت پاران 3 ڪتاب “عمرڪوٽ ايامن کان”، “ڪوي عمرڪوٽ جا”، “مهراڻي جا مور” شايع ڪرايا. 2011ع ۾ ڊائريڪٽر فش هاربر اٿارٽي، ان بعد ڊائريڪٽر فيڊرل پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ طور به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر به رهيو آهي. جتي ماضي وانگر عوام جي خدمت ڪئي. سندس تصنيفن ۾ ٻين کانسواءِ تاريخ ادب جو مختصر جائزو، 92ع ۾ فلسفي جي مختصر تاريخ، 2003ع ۾ شايع ٿيا. سندس لاتعداد ادبي، تاريخي، تنقيد وارا مضمون ڪاوش ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. پاڻ بهترين ڪهاڻيڪار به آهي.شاگردي واري زماني کان کيس ادب، فن ۽ ثقافت سان گهري دلچسپي رهي آهي، شاگردي واري دو ر۾ اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، پاڻ اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ ڊراما نويس به رهيو. آمريڪن سينٽر ۾ ٽيوٽر طور ڀرتي ٿيڻ بعد هن اتي انگريزي ۾ ڊراما به ڪرايا. ڪچو ڦڪو ته شاگردي دور کان لکندو اچي ٿو پر باقاعده لکڻ 1988ع کان شروع ڪيو، هن وقت تائين مختلف موضوعن تي لاتعداد مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. پاڻ انگريزي اخبارن لاءِ به لکندو آهي، سندس ڪتاب انٽرنيشنل افيئرس جيڪو 11 دفعا وري وري شايع ٿيو آهي ۽ هٿو هٿ وڪرو ٿيو آهي، کيس شاعري سان پڙهڻ جي حد تائين شوق آهي، سندس گهر ۾ بهترين ڪتابن جي لائبريري آهي، پاڻ سرڪاري نوڪري ۾ اچڻ بعد مصروفيت وڌي وڃڻ جي باوجود لکڻ پڙهڻ لاءِ باقاعده وقت ڪڍي وٺي ٿو. تاريخي، اسلامي، فلسفي جي ڪتاب پڙهڻ سان وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو. موسيقي سان سندس لڳاءُ آهي، شايد پاڻ راڳ کي روح جي غذا سمجهي ٻڌي ٿو، پاڻ لطيف سائين جو عقيدتمند آهي، شاه جو راڳ عبادت سمجهي ٻڌي ٿو، پاڻ لطيف جي رسالي جو پارکو آهي، مصروفيتن مان وقت ڪڍي لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڏيڻ ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ حاضريون ڏيندو رهي ٿو ۽ شاهه سائين جي رسالي کي پنهنجي زندگي فن ۽ راڳ کي زندگي جو حصو سمجهي ٿو، پاڻ جنهن به عهدي تي رهيو آهي، عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، آفيس جا دروازا عوام لاءِ کليل رکيا آهن، ڪم ڪارين لاءِ ايندڙن کي تڪڙو انصاف ڏيندو رهيو آهي، پاڻ عوام جي خدمت کي افضل عبادت سمجهي ڪري ٿو، جتي رهيو آهي جنهن به عهدي تي رهيو آهي اتي سندس ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي، پاڻ کي ٺيٺ بيروڪريٽ سمجهڻ بجاءِ عوام جو خادم سمجهي ٿو. جتي رهيو آهي جنهن کاتي ۾ رهيو آهي اتي پاڻ ڪيترائي مثال ڇڏيا آهن ۽ جتي به رهي بدلي ٿيو آهي اتان جي عوام سندس بدلي روڪائڻ لاءِ ڪوشش ڪندي آهي، جتي رهيو آهي، عوام جي خدمت ڪرڻ ڪري عوام جي دلين تي راڄ ڪيو آهي.پاڻ ثقافت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري رهڻ دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، کيس انگريزي ادب ۾ برٽن رسد اردو ۾ محمد الياس، ڪرشن چندر، بيدي، سنڌي ادب ۾ آغا سليم، سراج ميمڻ، حيدر لغاري وڻندڙ آهن. پاڻ فقير منش سادو انسان آهي، ڪابه وڏائي نه اٿس سادو پهري، سادو کائي، کيس توري، ڀينڊي وڻنديون آهن، زندگي ۾ جنهن سان عشق ڪيو ان کي جيون ساٿي بنايو. دعا آهي ته غلام اڪبر لغاري وڌيڪ ترقي ڪري ۽ الله سائين کيس توفيق ڏي ته عوام جي خدمت وارو جذبو جاري رکي، سنڌ جي ادب فن ثقافت جي سرپرستي ڪري، غلام اڪبر لغاري بهار جهڙي خوشبو جهڙو انسان آهي.پنهنجي ڳوٺ ۾ جتي رهيو اتي ڪافي لائبريريون قائم ڪيون. پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيو آهي.