شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سنڌ جو امر آواز مائي ڀاڳي ۽ سندس خاندان ۾ راڳ جو تسلسل

لوڪ گيتن جي راڻي مائي ڀاڳي ٿر جي ڀٽن مان نڪري پوري سنڌ ۾ آواز جو جادو جاڳايو، پاڻ مٺي جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ غريب مڱڻهار وهنيو فقير جي گهر ۾ 1920ع ڌاري جنم وريو سندس والده جو نالو مائي ڪسي هو . بعد ۾ اتان لڏي نئون ڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيا. ننڍي هوندي کان ٿر ۾ ٿيندڙ شادين مرادين ۾ والده ۽ ٻين مائين سان ڳائيندي وڏي ٿي، ڳائڻ وڄائڻ سندس خاندان جو پيشو هو.انڪري موسيقي جي باقاعده ڪا تعليم نه ورتي پنهنجي خاندان جي عورتن کي ڳائيندو ڏسي اتان ڳائڻ سکيو، ويچاري شڪل جي ڪوجهي، ننڍڙو قد، سادي سٻاجهڙي پر جڏهن ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي ته سندس خوبصورت آواز ڪوئل جي ڪوڪ لڳندو هو. ٿرپارڪر ضلعي ۾ مٺي کان ننگرپارڪر ويندي ڀالوا ڳوٺ ۾ مارئي جو ميلو لڳندو آهي، جتي تقريبن 1963ع ۾ سرڪاري بنگلي تي آيل مهمانن جي دل وندرائڻ لاءِ مائي ڀاڳي کي ڳارايو ويو. جتي ريڊيو پاڪستان حيدرآبادجي ٽيم به پهتل هئي، ان محفل ۾ مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير کي بيحد پسند ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آيا، جتي غلام حسين شيخ 1966ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي متعارف ڪرايو . جتي مائي ڀاڳي جو پهريون گيت “تار منجهان ترندي اچي لهرن مان لڙهندي اچي، او دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري” ڳايو جيڪو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هوائن جي دوش تي پهريون دفعو سندس مٺڙو آواز ماڻهن جي ڪنن تي پيو ۽ اهو گيت بيحد مقبول ويو. ان بعد هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي لاتعداد لوڪ گيت رڪارڊ ڪرايا جن مان، کڙي نيم ڪي نيچي هو تو هيڪلي، مرلي واري من موهيو الا، سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي ، ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسي نور منهنجون تون پڄايون ۽ ٻيا لاتعداد گيت ڳايا مائي ڀاڳي سرتار واري هئي، ليڪن ريڊيو تي سندس گيت غلام حسين شيخ ۽ استاد فيروز گل محنت ۽ ترتيب سان ائين رڪارڊ ڪيا جو مشهور فنڪار سندس ڳايل گيت ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئا ۽ ڏسندي ڏسندي مائي ڀاڳي جو سڄي سنڌ ۾ ڌاڪو ڄمي ويو. هر پروگرامن ۾ سندس شرڪت کي يقيني بنايو ويندو هو، ڪيترن ئي پروگرامن جن ۾ ڪيترائي نالي وار فنڪار شريڪ ٿيندا هئا پر ٻڌندڙ مائي ڀاڳي کي ڳائڻ تان اٿڻ ئي نه ڏيندا هئا. فرمائشن مٿان فرمائش ڪئي ويندي هئي. سنڌ جي ماڻهن مائي ڀاڳي کي وڏي عزت ڏني، ماڻهن جو سندس آواز سان حد درجي جو عشق هو، مراد فقير سان گڏ ٿري لوڪ گيت چيري ميري رڪارڊ ڪرايو جنهن مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. سندس سنڌ جي صوفي بزرگن سان عقيدت هئي، پاڻ تقريبن سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ ٿيندڙ محفل موسيقي ۾ شريڪ ٿيندي هئي۽ پاڻ صوفي درويشن جي مزارن تي حاضري به ڀريندي رهندي هئي. کيس لطيف سائين ، قلندر لال شهباز، سمن سرڪار سان خاص عقيدت هئي. انهن درگاهن تي وڃي مٽيون به ڀريون ، ٻهارا به ڏنا، پاڪستان ٽيليويزن تي به سندس ڪلام رڪارڊ ٿيا، اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته مائي ڀاڳي لوڪ گيتن جي بهترين، شاعره به هئي سندس ڳايل ڪافي لوڪ گيت سندس ئي آهن. پاڻ لطيف سائين، سچل سرمست، بلي شاهه، حمل فقير، مصري شاهه، شيرل فقير، عباس شاهه، سيد عنايت رضوي ۽ ٻين صوفي شاعرن جو صوفيانه ڪلام ڳائيندي هئي مون کيس پهريون ڀيرو 1981ع ۾ لطيف سائين جي مزار تي ڏٺو جتي پاڻ عقيدت وچان ٻهاري ڏني مٽي ڀري ۽ اتي ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور منهنجون تو پڄايون ڳايو سندس ڳائيڻ تي درگاهه تي آيل زائرين مٿس نوٽن جي بارش ڪئي، اتي خوشي وچان کيس اکين مان ڳوڙها به ڳڙي آهيا، 82 ع لطيف سائين جي عرس مبارڪ تي ممتاز مرزا معرفت ساڻس تعارف ٿيو، مون اتي ساڻس مختصر انٽرويو به ڪيو، ايتري سادي جو جڏهن هن کان سوال ڪيو ته ننڍڙي شهر مان نڪري سڄي سنڌ ۾ شهرت جي بلندين تي پهچندي ڇا ٿا محسوس ڪريو؟ جي جواب ۾ چيو ته، الله جا احسان آهن ولين بزرگن درويشن جون دعائون آهن نه ته اسين مارو ماڻهو، هن اهو به چيو ته اسين مارو فقير ماڻهو ايڏي مشهوري نه ٿا چاهيون مائي ڀاڳي جي پسند جا فنڪار استاد ابراهيم ۽ استاد جمن هئا. پاڻ زندگي ۾ ڏوڪڙن کي اهميت ڏيڻ بجاءِ دل جان سان سنڌي موسيقي جي خدمت ڪئي فن جي آبياري ڪئي ان زماني ۾ ڪيسٽي دنيا جو عروج نه هو صرف مشهور فنڪارن جون ڪيسٽون ٿينديون هيون مائي ڀاڳي جي ڪيسٽ مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙيا شروع ۾ پاڻ سندس مائيٽ مراد فقير سان بعد ۾ پنهنجي پٽ ڪالو فقير ۽ نياڻي مائي سوني سان گڏ ڳائيندي رهي، زندگي جا آخري سال بيمار رهي ان جي باوجود پاڻ فن جي خدمت جاري رکي. لطيف سائين، قلندر شهباز، سچل سرمست ، سمن سائين جي عرس مبارڪن ۾ پاڻ کڻائي اتي وڃي عقيدت وچان فن جو مظاهرو ڪندي هئي. حميد آخوند کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، بيماري واري حالت ۾ حميد آخوند خود ۽ سندس سرندي وارن دوستن کان علاج لاءِ مدد وٺرائي ڏني اها جدا ڳالهه آهي ته حميد آخوند ان دور ۾ سيڪريٽري ثقافت هئڻ جي باوجود مائي ڀاڳي جي علاج لاءِ اعلانيل مالي امداد سندس وفات بعد ملي اهڙو عمل يقينًا مائي ڀاڳي سان مذاق برابر هو آخري سالن ۾ کيس حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي خواهش رهي حميد آخوند ان حوالي سان ڪوششون به ڪيون ۽ ان وقت جي گورنر کي راضي به ڪيو پر سندس حياتي وفا نه ڪئي ان کان اڳ دم ڌڻي حوالي ڪيو. هڪ دوست استاد فيروز گل جي حوالي سان ٻڌايو ته استاد فيروز گل ڀارت ويو ته اتي هن لتا منگيشڪر سان ملاقات ڪئي ۽ موسيقي جي حوالي سان ٿيل ڪچهري ۾ لتا جي فرمائش تي هڪ گيت ٻڌايو جيڪو مائي ڀاڳي جو ڳائيل هو، فيروز گل انهي ڌن ۾ انهي رنگ ۾ ڳايو ته لتا معلوم ڪيو ته اهو ڪهڙي فنڪار ڳايو آهي؟ استاد فيروز گل ٻڌايو ته اهو مائي ڀاڳي جو ڳايل آهي، ته لتا ان انداز کي ساراهيو ۽ چيو ڪاش مائي ڀاڳي زنده هجي ها ته آئون ساڻس ملاقات ڪري کيس ساراهيان ها...! مائي ڀاڳي حڪومت پاڪستان پاران تمغه حسن ڪارڪردگي شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ سميت لاتعداد ايوارڊ حاصل ڪيا سندس ڳائيل ڪيترائي گيت سنڌ جا مشهور فنڪار سندس انداز ۾ ڳائين ٿا ڪيترائي ٿري گيت ملڪ جا مشهور اردو ڳائيندڙ فنڪار ڳائين پيا، مائي ڀاڳي پنهنجي گيتن جون ڌنيون پاڻ تيار ڪندي هئي.سندس گيتن ۾ کڙي نيم ڪي نيچي هون هيڪلي، مرلي واري من موهيو الا، سمن سائين آئون گولي غلام تنهنجي در جي، ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور منهنجون تو پڄايون، ڀينر منهنجو ٻارڙوچو آيو ڪوهيارو آيو الا، جيجل منهنجي قسمت ڪنڌ نوايو لکيو لوهه قلم، ڄاريم ۾ ڄايس الا، مارا اڏڪا ڀمويا ۽ ٻين گيتن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، سندس ڪيترائي ڳايل گيت سڄي سنڌ ۾ شادين ۽ خوشين جي ٻين موقعن تي ڏاڍي چاهه سان ڳايا وڃن ٿا. ممتاز مرزا کيس پي ٽي وي تي وٺي ويو جتي عبدالڪريم بلوچ کيس متعارف ڪرايو ، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي لاتعداد گيت ريڪارڊ آهن جيڪي اڄ به اتي نشر ٿين ٿا. سندس آخري آرامگاهه نئون ڪوٽ ۾ درگاهه حضرت راضي شاهه جي قبرستان ۾ آهي.
زندگي جا آخري ڏينهن بيمار رهي بيماري جي باوجود فن کي جاري رکيو، پاڻ 7 جولاءِ 1986ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، ليڪن سندس امر گيت اڄ به گونجن ٿا اڄ به سنڌ جي عوام سندس فن جي مداح بنيل آهي سندس ڳائيل گيت عوام ۾ مقبول آهن اڄ به اعتبار ئي نه ٿو اچي ته ڪو پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي. سندس وصال بعد سندس فرزند ڪالو فقير جيڪو هر پروگرام ۾ ساڻس گڏ رهيو ۽ سندس نياڻي مائي سوني سندس انداز ۾ ڳايو سندس نياڻي به گذاري وئي، ڪالو فقير هاڻ بيمار رهي ٿو پوءِ به نڀائي پيو. ميڊم سسئي پليجو جي وزير ثقافت ٿيڻ دوران مائي ڀاڳي جي نئون ڪوٽ ۾ ورسي وڏي پيماني تي ملهائي وئي هئي.سندس انتقال کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر سنڌ واسي کيس وساري نه سگهيا آهن. هن وقت سندس خاندان ۾ ڪالو فقير مائي ڀاڳي جو پوٽو برڪت فقير مائي سوني جو فرزند رستم فقير ڏوهٽي مائي حليمان حيدري، مائي جيوڻي به ڳائين ٿا جڏهن ته برڪت فقير ڏاڏي جي رنگ کان هٽي ڪري الڳ رنگ ۾ ڳائي ٿو باقين سڀن جو رنگ مائي ڀاڳي وارو آهي.
ڪالو فقير: مائي ڀاڳي جو فرزند ڪالو فقير 1936ع ۾ جنم ورتو 21 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي، فقير عمر ڪوٽائي ۽ محمد سومار نبي سر واري کان راڳ سکيو پهريون اڪيلو ڳائيندو هو بعد ۾ پنهنجي والده سان گڏ ڳائيندو هو اسان کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن استاد محمد ابراهيم سان مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ ملهائيل شام ۾ برڪت فقير ”مان ٿر وڃان پاڪر وڃان آئون وڃان” اهڙي ته سوز سان ڳايو جو استاد ابراهيم روئي ڏنو ۽ پاڻ پروگرام ختم ٿيڻ بعد ڪالو فقير جي نرڙ تي چمي ڏني ان بعد استاد ابراهيم ڪالو فقير کي اڪيلو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروگرام وٺرائي ڏنو استاد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جي معرفت پي ٽي وي ڪراچي جي پروڊيوسر غلام حيدر شيخ کيس ٽي وي تي پروگرام ڏنو ڪالو فقير مائي ڀاڳي سان گڏ ٽي وي ۽ ريڊيو تي ته لاتعداد پروگرام ڪيا سندن آواز ۾ ڪيترائي لوڪ گيت رڪارڊ ٿيا، جڏهن ته ڪالو فقير جي آواز ۾ به ڪافي ڪلام رڪارڊ ٿيا ڪالو فقير لطيف سائين سچل سرمست خوش خير محمد، مصري شاهه امام عنايت شاهه رضوي، منٺار فقير، بيدل، بيڪس جي عارفانه ڪلامن کانسواءِ والده جا ڳائيل گيت به خوبصورت انداز ۾ ڳايا سندس عارفانه ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پي ٽي وي ڪراچي تي رڪارڊ ٿيا، ڪالو فقير هار مونيم به بهتر انداز سان وڄائيندڙ رهيو، سندس پسند جي فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، استاد جمن، استاد ابراهيم سينگار علي سليم مهدي حسن آهن سندس ڳائيل گيتن ۾ لطيف سائين جو ڪلام ”اجهو سج لٿو ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي“ خوش خير محمد جو ڪلام لڳو تاب حسن جو ”هڪڙي گهڙي“ ڏاڍا وڻن ٿا. پاڻ 2009ع ڌاري مٺي کان نئون ڪوٽ ايندي هڪ حادثي ۾ سندس دماغ تي ڌڪ لڳڻ ڪري سندس حافظو گهٽ ٿي وڃڻ جي باوجود ٻڌندڙن جي زور ڀرڻ تي ڳائي ٿو. سندس زندگي جون 2 خواهشون آهن هڪ ثقافت کاتي پاران کيس زنواري ڪرائي وڃي پيو کيس شاهه لطيف ايوارڊ ڏنو وڃي.
مائي سوني: مائي ڀاڳي جي نياڻي مائي سوني جنهن مائي ڀاڳي کان راڳ جي سکيا ورتي ان سان گڏ به ڳايو مائي ڀاڳي جي وفات بعد والده جي انداز ۾ ڳايو سندس آواز ۾ سر ۽ سوز سمائيل هو. ننڍي هوندي ماءُ کي ڳائيندي ڏسي ڳائيڻ سکيو 14 سالن جي ڄمار ۾ والده سان گڏ ۽ اڪيلي سر فنڪشنن ۾ ڳائيڻ شروع ڪيو 17 سالن جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي وئي. پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پي ٽي وي ڪراچي جي پروگرامن ۾ به والده سان گڏ ڳائيڻ کانسواءِ الڳ به ڳايو پاڻ سنڌ اندر ٿيندڙ ادبي ثقافتي پروگرامن، شادين ۾ ڳائيڻ کانسواءِ ثقافت کاتي پاران لطيف سائين قلندر لال شهباز، سچل سرمست جي عرس ۽ ٻين پروگرامن ۾ ڳايو جڏهن ته پنهنجي راڄ جي شادين ۾ به ڳائيندي هئي نئون ڪوٽ واري علائقي ۽ ملڪاڻي شريف جتي سندن اباڻو راڄ هو اتي ٿيندڙ شادين ۾ ڳائيندي هئي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ پاڻ مثاني ۾ پٿري، هاء بلڊپريشر ۽ شگر جي ڪري بيمار رهي ان هوندي به فن جي خدمت ڪئي بيماري جي هوندي به پروگرامن ۾ شريڪ ٿي ڳائيندي هئي پاڻ 72 سالن جي عمر ۾ 2014ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي.
برڪت فقير: برڪت فقير مائي ڀاڳي جي فرزند ۽ مشهور راڳي ڪالو فقير جي گهر ۾ 1976ع ۾ جنم ورتو، ڏاڏي ۽ والد کي ڳائيندي ڏسي کيس ڳائيڻ جو شوق ٿيو ۽ پاڻ پنهنجي والد کانسواءِ استاد جمن سينگار علي سليم، استاد حسين فقير کان راڳ جي تربيت ورتي 15 سالن جي عمر ۾ پي ٽي وي ڪراچي تي ٻارڙن جي پروگرامن روشن تارا ۾ ٻاراڻو گيت ڳايو، کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نصير مرزا متعارف ڪرايو ۽ اتي سندس پهرين ڪافي زمان شاهه جي رڪارڊ ٿي. برڪت فقير جو انداز مائي ڀاڳي ۽ والد ڪالو فقير کان مختلف آهي. فن جي دنيا ۾ هن جو پنهنجو الڳ رنگ آهي. برڪت فقير مسلسل رياضت ڪرڻ ڪري اڄ فن جي بلندين تي پهتل آهي. هن جي سڃاڻپ مائي ڀاڳي يا ڪالو فقير نه آهي، هن فن جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ آهي برڪت فقير جي ڳائيل گيت غزل ڪافين جي چونڊ هئڻ ڪري پاڻ هر طبقي ۾ وڏي مقبوليت رکي ٿو سندس ڳائيڻ جو انداز منفرد ۽ وڻندڙ آهي ان جو سبب شايد اهو آهي ته سندس راڳ جا استاد راڳ جي دنيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. پاڻ غزل وڌيڪ ڳائي ٿو جڏهن غزل ڳائي ٿو ته ٻڌندڙن ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. پاڻ شاهه لطيف، سچل سرمست، استاد بخاري، شيخ اياز، پروين شاڪر، فيض احمد، بلي شاهه، چيزل شاهه، رکيل شاهه، منٺار فقير، محمد فقير کٽياڻ، احمد فراز، امر ساهڙ، سائينداد رند، احمد سولنگي، نسرين الطاف قريشي، اياز گل، ادل سومرو، راشد مورائي ، معصوم بخاري ۽ ٻين لاتعداد شاعرن جي شاعري ريڊيو ٽي وي ۽ محفلن ۾ ڳائيندو رهيو آهي.سندس پي ٽي وي ڪراچي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان وٺي تقريبًا سنڌي چينلن ۽ ايف ايم ريڊيو تي لاتعداد گيت رڪارڊ ٿيل آهن. پي ٽي وي ڪراچي جي مشهور پروگرامن اوطاق، رس رهاڻ ۽ ٻين پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو آهي سنڌي ٽي وي چينلن تي ايندڙ ڪافي ڊرامن جي ٽائيٽل سانگ ۾ سندس رڪارڊ ٿيل گيت هلايا وڃن ٿا. جن مان ”ڏک جي نه پڄاڻي آ هر شخص ڪهاڻي آ“ وڏي مقبوليت ماڻي آهي. پاڻ مختلف سنڌي ٽي وي چينلز جي لائيو پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. لطيف سائين، قلندر لال شهباز، سچل سرمست ماروي جي ميلن جي محفل موسيقي کانسواءِ ثقافتي کاتي پاران مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ تقريبن پروگرامن، لاهور ثقافتي ميلي ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. برڪت فقير جو ڳائيل هر گيت وڏي مشهوري ماڻي آهي پر اياز گل جي گيت ”تيز هوا ۾ تنهنجو آنچل ٿو اڏري“ راشد مورائي جي ”جنهن باغ ۾ ڪنڊا ڪين هجن گلڙن جي حفاظت ڪير ڪري“ نسرين الطاف قريشي جو ”انهي ويل پيارا اسان جي هجون ها ته ڳوڙها اوهان جا اگهون ها“ ڏاڍا مقبول ٿيا آهن، اهي گيت مختلف سنڌي ٽي وي چينلن ۽ ريڊيو حيدرآباد ۽ مختلف ايف ايم ريڊيو تي نشر ٿيندا رهن ٿا. برڪت فقير جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ اندر ٿيندڙ سرڪاري ۽ ادبي ثقافتي تنظيمن جي پروگرامن ۽ خوشي جي ڪاڄن ۾ سندس شرڪت کي يقيني بنايو ويندو آهي برڪت فقير زندگي ۾ ڏوڪڙن سان ياري رکڻ بجاءِ سدائين فن جي آبياري ڪئي آهي، سندس پسند جي فنڪارن ۾ استاد جمن، استاد ابراهيم، سينگار علي سليم، لتا منگيشڪر، مهدي حسن آهن، سندس فن جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ سندس فرزند رحمان فقير به والد کان فن جي سکيا وٺي پيو سندس آواز خوبصورت آهي .
حليمان حيدري: حليمان حيدري مائي ڀاڳي جي نياڻي مائي رحيمان جي نياڻي آهي. پاڻ 1982ع ۾ مٺي شهر ۾ حجامڪو ڪم ڪندڙ عمر فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان پنهنجي ناني مائي ڀاڳي ماسي مائي سوني، مامي ڪالو فقير کي ڳائيندي ڏسي هن کي به ڳائيڻ جو شوق ٿيو ۽ ننڍي ڄمار ۾ هنن کان راڳ سکيو ۽ پاڻ 2000ع کان باقائيده ڳائي ٿي. پاڻ مختلف اردو جي ڪيترن ئي نجي ٽي وي چينلن جي صبح وارن لائيو پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. انهن چينلن پاران مائي ڀاڳي جي ورسي جي پروگرامن ۾ به مائي حليمان پنهنجي ناني مائي ڀاڳي جي ڳائيل گيت انهي انداز ۾ ڳايا آهن جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ فنڪشنز ۾ به مائي حليمان حيدري مائي ڀاڳي جا ڳائيل گيت ۽ ڪيترائي نوان گيت ڳائي ٻڌندڙن کان داد حاصل ڪيو آهي پاڻ عابده پروين جا ڳائيل گيت ”ڏيو مبارڪ علي مرتضيٰ ڪون“. ۽ ڌمالون سٺي انداز ۾ ڳايون آهن کيس سندس ڳائيل گيتن مان ”مارا اڏڪا ڀمويا“ سڪ اندر ۾ هجي شال هميشه مان اباڻن وڃان“ جوڳي هڻي ڏي ڍارو، تارن مان ترندي اچي ڏاڍا وڻن ٿا. حليمان حيدري جو آواز ڏاڍو وڻندڙ دل کي موهيندڙ آهي. سندس ولين سان وڏي عقيدت آهي نئون ڪوٽ ۾ درگاهه راضي شاهه تي وقت به وقت حاضريون ڏيندي رهي آهي. سندس پسند جي فنڪارن ۾ استاد غلام علي، مهدي حسن، ميڊم نورجهان، عابده پروين، شامل آهن پاڻ مولائي بندي ۽ مشهور نوحا خوان به آهن ڪربلا جي شهيد جي ڏک ۾ پاڻ محرم الحرام جي ڏهن ڏينهن کانسواءِ به عام ڏينهن تي گهڻو ڪري ڪارا ڪپڙا پائيندي آهي پاڻ نئون ڪوٽ شهر ۽ ٻين شهرن جي امام بارگاهن ۾ عاشوره ۾ نوحه خواني ڪندي آهي سندس آواز ۾ ڏاڍو درد ۽ سوز سمايل آهي سندس خواهش آهي ته زنواري ڪري.
رستم فقير: مائي سوني جو فرزند ۽ حليمان حيدري جو جيون ساٿي آهي پاڻ 1971ع ۾ جنم ورتو 6 ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو راڳ والده کان سکيو بهترين ڍولڪ نواز به آهي. والده مائي سوني سان گڏ ڍولڪ وڄائيندو هو مائي سوني سان گڏ گيت به ڳائيندو هو سندس آواز سٺو آهي. پاڻ پنهنجي زال مائي حليمان حيدري سان گڏ ڍولڪ به وڄائيندو آهي ته ڳائيندو به آهي. خاص طور چيري ميرو حليمان حيدري سان گڏ ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڳائي ٿو.
جيوڻي مائي: مائي سوني جي نياڻي جيوڻي مائي عارب فقير جي گهر ۾ 1968ع ۾ جنم ورتو ۽ 5 درجي تائين تعليم حاصل ڪري سگهي. 1988ع کان ڳائي ٿي ناني مائي ڀاڳي والده سوني مائي کي ڳائيندو ڏسي ڳائڻ جو شوق ٿيو راڳ ناني ۽ والده کان سکيو. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ايف ايم ريڊيو تي به فن جو مظاهرو ڪيو آهي. پاڻ ناني والده جي ڳائيل گيتن کانسواءِ ڪيترائي نوان گيت به ڳايا آهن علائقي جي شادين ۾ به ڳائي ٿي سندس انداز ناني ۽ والده جهڙو آهي.