شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

پنهنجي دور جو ارڏو ڪردار ميهار ملاح

سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ارڏا ڪردار رهيا آهن جن ارڏايون ته ڪيون پر غريبن کي نه ستايو غريبن جي مدد ڪئي ۽ اهڙن ماڻهن ارڏي ڪردار جو هئڻ جي باوجود عام ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو. هو ارڏو ڪردار قانون جي نظر ۾ ته ڏوهاري هئا، پر عام ماڻهن ۾ هيرو جي ڪردار جهڙا هئا ۽ لطيف سائين به ڪجهه اهڙن ڪيترن ئي ڪردارن کي پنهنجي شاعري ۾ آڻي امر بنائي ڇڏيو. ملدسي جو ميهار ملاح به پنهنجي دور جو هڪ ارڏو ڪردار رهيو. پاڻ تقريبن 1899ع ۾ هڪ غريب هاري سرهو ملاح جي گهر ۾ ملدسي ۽ ڳوٺ لال خان جلالاڻي جي وچ ۾ پانڌي ملاح جي انب وٽ ملاحن جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان اباڻي ڪرت هارپو ڪندو هو. هڪ دفعي ڪنهن بااثر ماڻهو سان ڪنهن اصولي ڳالهه تي اٽڪي پيو ته ان کيس ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪرائي ڇڏيو. 3 مهينا جيل ۾ رهڻ دوران اتي ڏوهارين سان رهڻ ڪري آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڌاڙا هڻڻ ۽ چوريون ڪرڻ لڳو، پر هن غريبن بجاءِ شاهوڪار ماڻهن جون چوريون ڪيون ۽ ڌاڙا هنيا ۽ اتان سندس حصي ۾ جيڪو ايندو هو ان مان ڪجهه پاڻ رکندو هو باقي غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو. 1935ع ۾ پوليس کيس گرفتار ڪري چالان ڪيو. ڪورٽ 2 سال جي سزا ڏنس پاڻ نارا ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رهيو ان دور ۾ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه راشدي پاران انگريز سامراج خلاف ”وطن يا ڪفن“ تحريڪ عروج تي هئي ۽ انگريزن کي سنڌ ڌرتي تان تڙي ڪڍڻ لاءِ گوريلا جنگ ڪندڙ ڪيترائي حرن کي گرفتار ڪري سزائون ڏئي سينٽرل جيل موڪليو ويو. ميهار ملاح جون اتي جڏهن حرن سان اتي ڪچهريون ٿيون ته سندس ذهن تبديل ٿي ويو ۽ پاڻ پڪو پهه ڪيو ته آزاد ٿيڻ بعد هو به غازي ٿيندو ۽ انگريز سان مهاڏو اٽڪائيندو. پاڻ لطيف سائين جو مريد هو، پاڻ جيل ۾ قرآن شريف پڙهيو. سينٽرل جيل مان آزاد ٿيڻ بعد پاڻ پنهنجي ڳوٺ مان لڏو کڻي راوتياڻي ويجهو حر جماعت جي سونو خان چڪراڻي وارن وٽ وڃي رهيو ۽ حر جماعت جي ڪجهه دوستن جي معرفت هو وطن يا ڪفن تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڦوٽو چانگ سان مليو ۽ کيس ٻڌايو ته هو پير سائين جي جماعت جو ته نه آهي پر غازي ٿيڻ چاهي ٿو ۽ هن جيل ۾ سندس غازين سان ٿيل ملاقات جو احوال به ٻڌايو. ۽ اهڙي ريت ميهار ملاح پير سائين پاڳارو جو مريد نه هئڻ جي باوجود غازي بنجي ويو ۽ هن ڪيترن ئي غازين سان گڏ انگريز جي ملٽري، پوليس ٿاڻن تي حملا ڪيا ۽ انگريز جي جاسوسي ڪندڙ مقامي غدارن کي ماريو. ڪجهه عرصي کانپوءِ راوتياڻي ويجهو ويٺل سونو خان چاڪراڻي جيڪو ميهار ملاح جو پڳ مٽ يار هو، ان تي حر جماعت وارن پاران الزام لڳو ته هو غداري ڪري رهيو آهي غازين جي ٺڪاڻن بابت پوليس کي اطلاع ڏي ٿو. ۽ ڦوٽو چانگ وارن سونو خان چاڪراڻي کي ماري ڇڏيو. ميهار ملاح جي سونو چاڪراڻي سان دوستي هئڻ ڪري ميهار ملاح جو گهر سونو خان چاڪراڻي وارن جي گهر سان گڏ هو ان ڪري ميهار ملاح کي به شڪي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس حر تحريڪ کان ڌار ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته هو اتان لڏي وڃي ميهار ملاح جي گهرواري ادي جيئندي هڪ دفعي ٻڌايو ته سندس ور ميهار ملاح جي سونو خان چاڪراڻي سان دوستي ضرور هئي پر پاڻ سچائي سان وطن يا ڪفن تحريڪ ۾ ويڙهه وڙهي پر هن نئين صورتحال کيس منجهائي ڇڏيو. هن رحيم هنڱورو جي معرفت سردار سان رابطو ڪيو پر ميهار ملاح کي اجازت نه ملي ۽ پاڻ انگريز کي تڙي ڪڍڻ تائين حر تحريڪ وڙهڻ واري خواهش دل ۾ رکي پنهنجي دوست رحيم هنڱورو سان مليو پر ان به مجبوري ڏيکاري پاڻ اتان لڏي ڳوٺ لال خان جلالاڻي آيو ۽ پاڻ مايوس ٿي ڪجهه وقت خاموش رهڻ بعد پاڻ مرادو مسلمانن کي ستائيندڙ ۽ حرن جي جاسوسي ڪندڙ هندن جي گهرن، دڪانن ۾ ڌاڙا هنيا.
پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن رحيم هنڱورو پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ بجاءِ جدوجهد جاري رکڻ تي اختلاف ڪري پنهنجي ساٿين سان گڏ حر تحريڪ جو ڳڙهه رهندڙ مکي ٻيلو ڇڏي ويو ۽ پنهنجي منهن ساٿين سان گڏ گوريلا ويڙهه جاري رکي جيئن ته پاڪستان ٺهي ويو هو انگريز فوجون واپس ٿي ويون هيون، پر رحيم هنڱورو حرن تي ظلم ڪرائيندڙ ۽ انگريزن جي جاسوسي ڪندڙن کي نشانو بنائڻ لڳو. جڏهن پير سائين پاڳارو جڏهن ولايت کان واپس آيو ته پير صاحب کين هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر پاڻ اهو چئي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته قبله سائين ڪجهه وقت مهلت گهرجي ڪجهه حرن جا دشمن مارڻا آهن ان تي پير سائين مٿن ناراض ٿيا. سگهو ئي رحيم هنڱورو گرفتار ٿيو بعد ۾ سينٽرل جيل مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي بجلي جو شاٽ لڳڻ ڪري ديوار تان ڪري جڏو ٿي ويو ۽ مري ويو ليڪن اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته رحيم هنڱورو کي بعد ۾ ڦاهي ڏني وئي. ميهار ملاح رحيم هنڱورو جو ساٿي هو ۽ رحيم هنڱورو سان گڏ ڪاروايون ڪيون. جڏهن ته رحيم هنڱورو کي جيلن ۾ سندس جيل جي دوستن جيڪي کوسا هئا جيڪي نوري آباد واري علائقي جا هئا، انهن وٽ رهائيندو هو. رحيم هنڱورو جي گرفتاري بعد ميهار ملاح به گرفتار ٿيو ۽ ڏيڍ سال سينٽرل جيل ۾ رهيو جيل ۾ ٺٽو ضلع جي هڪ اهڙي قيدي سان ميهار ملاح جي ملاقات ٿي جيڪو لطيف جو پارکو هو. ان کان لطيف جي شاعري ٻڌي ۽ ان شاعري اهڙو ته اثر ڪيو جو جيل مان آزاد ٿيڻ بعد غلط ڪم ڇڏي مذهبي ماڻهو بنجي ويو. 5 وقت نماز هر وقت ذڪر الاهي، بعد ۾ پنهنجي ڳوٺ مان لڏي ملدسي ۾ مينگهواڙن پاران خالي ڪيل پاڙي ۾ سهري خميسو ملاح جي گهر ڀرسان رهائش اختيار ڪئي. پهرين مزودري ڪئي بعد ۾ حاجي فيض محمد ڪيريو جي زمين تي هارپو ڪيو. پاڻ صبح جو نماز بعد ذڪر الاهي ان بعد قرآن شريف جي تلاوت ۽ بعد ۾ لطيف جو رسالو پڙهندو هو. لطيف جي سر ڪيڏارو ۽ سر سامونڊي جا بيت ۽ وايون آلاپي روئي ڏيندو هو. جيستائين هلڻ جهڙو هو، ته هر سهائي سومار رات لطيف تي ويندو هو. درگاهه تي مٽي ڀريندو هو. راڳ ٻڌندي مٿس وجد طاري ٿي ويندو هو. ماضي ۾ سندس ڪردار ارڏو رهيو. جنهن ڪري وڏا ڏوهاري کيس پيرين پئي استاد چئي ملندا هئا. ته پاڻ کين شريفانه زندگي گذارڻ جي تنبيهه ڪندو هو. ملدسي يا آسپاس مان ڪنهن غريب جي چوري ٿيندي هئي ته فري ۾ واپس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. غريب هئڻ جي باوجود سخي هو. کيس اولاد نه هو. کيس هڪ نياڻي ٿي جيڪا 2 سالن جي ڄمار ۾ مري وئي پاڻ سهري جي ڀاءُ محمد فقير ملاح جو پٽ الهڏنو ملاح کي پٽ ڪري نپايو. جيڪو ڦوهه جواني ۾ ڪينسر ۾ مري ويو. ان بعد پنهنجي سالي عبدالله ملاح جو پٽ شمس الدين ملاح کي نپايو جو آخر تائين ساڻن گڏ رهيو ۽ پٽ ٿي نڀايو. پاڻ غريب هئڻ باوجود ڀلا اٺ گهوڙا رکيا. چوپايو مال جو به شوقين هو. سفيد رنگ جا ڪپڙا ململ جو پٽڪو، شوق سان پائيندو هو، سورهيه بادشاهه سندس آئيڊيل هو. ميهار ملاح 1996ع ۾ انتقال ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه گولو پير قبرستان ۾ گهر واري مائي جيندي جا کائونس پوءِ انتقال ڪيو ان جي قبر ۽ ميهار ملاح جون قبرون گڏ آهن