شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

مشهور سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي

آزادي واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ جيمس آباد ”هاڻوڪو ڪوٽ غلام محمد“ ويجهو ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ 1857ع ۾ هڪ وڏي زميندار جي گهر ۾ جنم ورتو، اهو دور اهو هو جڏهن انگريز سرڪار دوکي سان سنڌ ۾ پير ڄمائي سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ واسين کي غلام بڻائي ڇڏيو هو. پاڻ ڏهن سالن جي ڄمار جو ٿيو ته سندس والد جو انتقال ٿي ويو ۽ سندس ملڪيت قانون موجب ڪورٽ آف لارڊس جي سنڀال هيٺ آئي. پاڻ قرآن شريف گهر ۾ ئي پگهار تي رکيل مولوي وٽ پڙهيو. بعد ۾ کيس حيدرآباد جي اڪيڊمي هاءِ اسڪول ۾ موڪليو ويو. اتان کان سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو جتي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي علي ڳڙهه هليو ويو. جتي مئٽرڪ پاس ڪري ڳوٺ واپس اچي زمينداري ۽ راڄ سنڀالڻ لڳو.
هڪ دفعي پاڻ ٻاهران ريل گاڏي ۾ اچي ڳوٺ وڃڻ لاءِ شادي پلي ريلوي اسٽيشن تي لٿو پر ان وقت وڏي برسات پئي. جنهن ڪري ڳوٺ وڃڻ مشڪل هو ۽ پاڻ اتي ڊاڪ بنگلي ۾ رهي پيو.ڪجهه دير بعد روينيو کاتي جو ڪوٽار آيو ۽ چيو ته ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب اچي پيو ان ڪري بنگلو هاڻ جو هاڻ خالي ڪريو. ان تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي چيو ته برسات پئجي رهي آهي. ٻار ٻچا گڏ آهن. بنگلو وڏو آهي. اسان ته هڪ ڪمري ۾ آهيون اهڙو جواب انگريز آفيسر کي ڏکيو لڳو ۽ رئيس ڀرڳڙي خلاف سازشون شروع ڪيون ويون. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڏا وڏا ڊنگ زميندار، وڏيرا انگريز آفيسرن آڏو پير اگهاڙا ڪري ويهندا هئا ۽ اتي ڪنڌ جهڪائي غلام وانگر بيهندا هئا.
رئيس اهڙي صورتحال کي ڏسندي بئريسٽري پڙهڻ لاءِ لنڊن هليو ويو. جتي سندس ملاقات ان وقت هندستان جي آئين لاءِ جدوجهد ڪندڙ گوڪلي سان ٿي ۽ ان سان ملاقات، ڪچهرين مان هن گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. رئيس ڀرڳڙي اتان کان 1908ع ۾ بئريسٽري پاس ڪري واپس موٽي آيو ۽ انهي زماني ۾ منٽو مارلي اصلاحن جي ڪري جيڪا اسيمبلي چونڊي ان ۾ رئيس زميندارن ۽ جاگيردارن جي سيٽ تي چونڊجي بمبئي ليجيسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو.
سندس ڪوششن ۽ شاندار ڪردار جي ڪري سنڌ کي سياسي طور سنڌ ۽ هندستان کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو. ان زماني ۾ رئيس ڀرڳڙي حڪمرانن تائين آواز پهچائڻ لاءِ الامين اخبار شايع ڪئي ۽ پاڻ هڪ ٻي اخبار سنڌواسي جي مالي مدد به ڪئي ۽ پاڻ به الامين اخبار ۾ ان وقت جي سياسي صورتحال عوام سان گورن پاران ٿيندڙ ظلم ، زيادتين خلاف ۽ عوام ۾ شعور ڏيڻ لاءِ مضمون لکڻ شروع ڪيا.
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي سڀ کان پهرين تحريڪ جو آغاز رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچند راءِ ڪيو ۽ ان جو باقائده مطالبو 1913ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل آل انڊيا ڪانگريس ۾ ڪيو ويو. رئيس ڀرڳڙِ ڪانگريس جي ٿيندڙ ساليانه جلسن ۾ سنڌ مان وفد وٺي شريڪ ٿيندو هو. پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جو گهرو دوست هو. 1917ع ۾ ايني بيسنت انڊين نيشنل ڪانگريس کي سرگرم ڪيو ۽ پاڻ ان جي صدر ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي جنرل سيڪريٽري ڪيو ويو. هي تحريڪ صوفيانه تحريڪ هئي. سندس خلافت تحريڪ ۾ شآندار جدوجهد ڪردار جي ڪري کيس خلافت تحريڪ جو يڪراءُ سان صدر چونڊيو ويو. سندس سياسي بصيرت ۽ وڏي مدبر، دانشوريءَ جو اندازو سندس مارچ 1993ع ۾ مسلم ليگ جي لکنوءَ واري سالياني اجلاس ۾ سندس ڪيل تقرير مان لڳائي سگهجي ٿو. جتي پاڻ چيو ته ”ڪي ماڻهو مشرقي قومن جي ليگ جي خيال کي هڪ خواب ڪري ٿا سمجهن. پر مون جڏهن ايشيا آفريڪا تي يورپ جي ظلم ۽ ڏاڍ کي محسو ڪيو اڇي چمڙي وارن جو ڪارن ماڻهن سان ورتاءُ ڏٺو ۽ ڪن مغربي ملڪن ۾ مون کي رنگ ۽ نسل جي متڀيد جو تجربو ٿيو. تڏهن آئون چٽي طرح ڏسان ٿو ته اهو خواب جلد ئي حقيقت جو روپ وٺندو. ايشيا ايشائي ماڻهن لاءِ جو خيال پڻ پيدا ٿي چڪو آهي. هندستان جي جاءِ بلاشڪ انهي برداري ۾ آهي ۽ آئون محسوس ڪريان ٿو ته پنهنجي پکيڙ آبادي ۽ وسيلن جي ڪري هڪ ڏينهن انهن کي ان ۾ عزت واري جاءِ ملندي.
پاڻ سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪيون. ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان تمام گهڻو پوئتي پيل هئي. پاڻ مشهور ڪانگريس اڳواڻ فيروز مهتا سان گڏجي اسيمبلي ۾ رٿ رکي ته سنڌ جي وڏيرن کان هڪ آنو ٽئڪس ورتو وڃي ان رقم مان سنڌ ۾ تعليمي ادارا کوليا وڃن ته جيئن سنڌ به تعليم ماڻي باشعور ۽ سمجهه ڀري ٿي پوي ۽ ويهن صدي جي نون فڪرن ۽ آسائشن کان واقفيت ماڻي خوشحال ۽ آزاد ٿي سگهي. سندس اهڙي رٿ تي هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي پر ڀرڳڙي صاحب جي اهڙي ڪوششن تي ڪجهه وڏيرن پاڻي ڦيري ڇڏيو.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وڏيرن جي هارين کان ورتل بيگرن خلاف به رٿ پيش ڪري ڪميٽي جوڙائي وڏيرن جي ڇيڙن بيگرن کان جان ڇڏائي سنڌ ۾ اڪثريتي وڏيرن جو هن جديد دور ۾ به هارين، علائقي جي غريب عوام سان رويو ٺيڪ نه آهي. اڄ به اڪثريتي وڏيرن جي ڪردارن تي آڱريون کڄن ٿيون پر ماضي ۾ وڏيرا اڇي ڪاري جا مالڪ هئا. انگريز آفيسرن جون دعوتون ڪرڻ، انهن جي غلامي ڪرڻ ڪري هنن انگريز سرڪار کان نه صرف لقب ورتا پر جاگيرون ۽ ٻيون مراعتون ورتيون، ان ڪري سنڌ جي اڪثريتي عوام خاص طور ساڃاهه وند ڌريون وٽ تصور صحيح نه هو.
سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بابت لکي ٿو ته ”رئيس 20 صديءَ جي شروعات جو اهو مدير اڳواڻ هو جنهن پنهنجي آئيني سياسي جدوجهد ذريعي نه رڳو سنڌ کي سياسي طرح پوري هندستان سان ڳنڍي ڇڏيو پر پاڻ به هندستان جي سياست تي هڪ روشن ستارو ٿي اڀريو. سچ ته اهو آهي ته سنڌ جي داد رسي ڪرڻ لاءِ جڏهن ٻيو ڪو به نه هو تڏهن رڳو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي هو. اهو بهادر اصول پرست دور انديش مدبر ۽ آزاد خيال انسان جيڪو ڪڏهن سياست کي مذهب سان گڏ ڪرڻ پسند نه ڪندو هو. ان پنهنجي هڪ خط ۾ سيٺ عبدالله هارون کي نهايت صاف گوئي ۾ سمجهاڻي جي انداز ۾ مذهب ۽ سياست جي وچ ۾ واضح لڪير ڪڍندي لکيو هو ته ”سيلف گورنمينٽ حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو هجڻ گهرجي؟ منهنجي نظر ۾هڪ دنيوي سياسي مسئلو آهي تنهن ڪري ڪنهن مذهبي مسئلي کي ان ۾ شامل ڪرڻ موقعي پرستي ۽ اڻوڻندڙ حرڪت آهي.
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وڏو سخي، مهمان نواز هو، هارين کي اولاد وانگر سمجهندو هو، ڳوٺ ايندو هو ته هاري، علائقي جا عام ماڻهو ۽ دوستن جو ميڙو مچي ويندو هو، پاڻ مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي هارين سان به گڏ هيٺ پٽ تي ويهي رهاڻيون ڪندو هو.
16 سالا سياسي زندگي ۾ هن آزادي واري تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌ واسين جي حقن، مسئلن خاص طور تعيلم جي واڌاري لاءِ وڏيون شاندار ڪوششون ڪيون، پاڻ 19 مارچ 1924ع تي جواني ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جهڙو جرئتمند ۽ مدبر سياستدان پاڪستان جي آزادي وقت حياتي هجي ها ته ملڪ جو ورهاڱو ان عجيب انداز ۾ نه ٿئي ها. سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو سميت مختلف دانشورن ، سياستدانن، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بابت جيڪي آرٽيڪل لکيا آهن انهن چٽي طرح لکيو آهي ته جيڪڏهن رئيس ڀرڳڙي ملڪ جي ورهاڱي وقت زنده هجي ها ته هن ملڪ جو نقشو ڪجهه ٻيو هجي ها ۽ سنڌ جا هي حال نه هجن ها. سندس آخري آرامگاهه اباڻي ڳوٺ جي ڀرڳڙي قبرستان ۾ آهي. 2004ع ڌاري سائين جي ايم سيد جي فرزند سين امداد محمد شاهه سندس قبر ٽائيل سان خوبصورت انداز ۾ ٺهرائي. کيس 2 فرزند غلام رسول ڀرڳڙي ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي هئا جيڪي وصال ڪري ويا آهن جن جو اولاد موجود آهي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي بابت سنڌ جي تقريبن سڀن اديبن، دانشورن لکيو آهي سندس زندگي بابت ڪجهه ڪتاب ۾ ڇپيا آهن جن ۾ سابق سيڪريٽري ايريگيشن محمد هاشم لغاري جامع ڪتاب لکيو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته غلام محمد ڀرڳڙِي سميت تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪيترن ئي سنڌ جي سڄڻ شخصيتن کان نئون نسل اڻ واقف آهي.
ماخن-پيغام رسالو، جني گذاريم جن سي، آفتاب اخبار، نئين زندگي فاني جڳ- لافاني ماڻهپو مرتب، حميد سبزوئي