انگريزن خلاف وطن يا ڪفن تحريڪ جو مرڪز رهندڙگڙنگ بنگلو
جڏهن 27 رجب تي پير ڳوٺ ۾ زيارت لاءِ ايندر لکين مريدن کي زيارت ڪرائڻ بعد چيو ته اسين اوهان مان اهي شخص طلب ڪري رهيا آهيون، جيڪي پنهنجو سر اسان لاءِ وقف ڪن. جڏهن به آواز ڏيون ته بنا هٻڪ لبيڪ چئي پنهنجو سر پنهنجي هٿن سان لاهي اسان جي آڏو رکن. اسين اهو سر زوري نه ٿا گهرون مرشدي رعب سان نه ٿا گهرون هڪ يار، دوست بلڪ ٻيجل وانگر طلب ڪريون ٿا، جيڪو به اوهان مان راءِ ڏياچ بنجي، اسين انهن کي غازي سڏينداسون، انهن غازين کي پنهنجو مال، اولاد، ڪاروبار، خواهشون ختم ڪري اشاري تي سر ڪپڻ ۾ دير نه ڪندا، غازي بنجڻ لاءِ نه مريد جو شرط آهي، نه قوم نه مذهب نه عورت نه مرد جو، صرف بالغ هجي، اوهان 40 ڏينهن سوچيو، اسين 7 شوال تي سانگهڙ واري گڙنگ بنگلي تي منزل انداز ٿينداسين، جنهن کي غازي بنجڻو هجي اهو اتي اچي نالو لکرائي، زور جبر نه آهي، چاليهن ڏينهن بعد هن تاريخي گڙنگ بنگلي تي پاڻ پهرين زيارت ڪرايائون، ان بعد غازين کي پيش ٿيڻ جو حڪم مليو، غازين پاران نالا لکرائڻ بعد سورهيه بادشاهه غازين کي خطاب ڪندي چيو ته ”اوهان تي رحمتون هجن جو اوهان بنا ڪنهن پڇڻ جي پنهنجا سر پيش ڪيا، هاڻ اوهان کي کليل طرح ٻڌائجي ٿو ته اهو سر ڏيڻ جو سڏ ڇو ۽ ڇالاءِ آهي. انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ آزادي سان رهڻ هن جو حق آهي، اهو حق فطرت سان ائين گڏيل آهي، جيئن رڳن ۾ رت ڦڦڙن ۾ ساهه ۽ دماغ ۾ هوش، اهو حق هن کان جيڪو به کسي ٿو سو کيس مارڻ کان به وڏو ظلم ڪري ٿو ۽ انهي ظالم کي ختم ڪرڻ هر هڪ آزاد فطرت انسان جو پهريون فرض آهي، جيڪو به شخص انهي فرض کي نه ٿو سڃاڻي، انهيءَ فرض جي ادائيگيءَ واسطي جدوجهد نه ٿو ڪري سو زنده نه آهي، بلڪ هڪ لاش آهي، پر لاش کان به بدتر آهي، ڇو ته لاش جي بدبوءِ کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ته هن کي دفن ڪبو آهي، يا ساڙبو آهي، پر هي بدو ته پنهنجي بدبو هر هنڌ پکيڙيندو رهي ٿو. ٻين کي غلامي جي سلهه ۾ گرفتار ڪندو رهي ٿو. عزيزو! اسان جو پيارو وطن آزاد هو، هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو هو، هر طرح سان آزاد هو، ليڪن اوچتو ستن سمنڊن کان آيل جن کي پنهنجي ملڪن ۾ غنڊا سڏيو ويندو هو، سي سامونڊي سورمن جو روپ وٺي سڄي دنيا سان گڏ اسان جي ملڪ ۾ به آيا، هنن جون قومون ڌار ڌار هيون، پر ڌنڌو سڀن جو ساڳيو، يعني غلام بنائڻ، اهي پاڻ ۾ وڙهندي آخرڪار هنن مان هڪ قوم وڃي بچي، جنهن کي انگريز سڏيو وڃي ٿو. هي طرح طرح جي فريبن سان اسان جي هن ننڍي کنڊ هندستان جي ڌار ڌار ملڪن جي بادشاهن کي اول دوست بنائي پوءِ انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرائي کين زيردست بنائيندا ويا، اسان جو ملڪ سنڌ به هميشه کان هڪ آزاد ملڪ هو، هنن پهرين ان تي سکن کان قبضو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان جي شير جهڙي دل رکندڙ ساٿي مجاهد اعظم سيد احمد شاهه شهيد، مولانا اسماعيل رح جي اڳواڻي ۾ انهن کي اڳواٽ ئي روڪيو ۽ سندن برو حشر ڪيو، جنهن ڪري اسان جو ملڪ انهن وحشي ظالمن جي وڪڙ کان بچي ويو، پر چالاڪ انگريز هتي جي حاڪمن مير صاحبن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ خيرپور ميرس جي ميرن کي پنهنجن سان غداري ڪري وطن فروشي لاءِ تيار ڪري ڇڏيو، جن انگريز وٽ وطن وڪڻي ڇڏيو، ليڪن اسان جي وڏن اهو وڪرو ڪڏهن به تسليم نه ڪيو ۽ انهي رياست اندر اسان جي ديهه ڪنگري جو ٽڪرو انهن وطن وڪڻندڙن جي تسلط کان هميشه آزاد رهيو آهي، اسان جي بهادر بادشاهن ٽالپرن سان هنن ڌوڪيبازي سان اوچتو جنگ ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي وطن پرست سنڌي غيرتمند، شيرن جن ۾ اسان جا مريد به ڪافي هئا، سر جي بازي لڳائي وڙهيا ۽ سنڌ تان سر ڏنو، ان ريت انگريزن جي زيردست طاقت هن ملڪ تي قبضو ڄمايو، پر وقت بوقت اسان جا سنڌي شير انهي فرنگي غلامي مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا آهن ۽ شاهه لطيف جي هن شعر جي مصداق پئي رهيا آهن ته:
پاڻهي ايندم هوت، پر آءُ، به اڳڀري ٿيان،
متان چويم خان بلوچ، ته هن ڪهيڻي مان ڪين ٿيو.
الحمد لله اڄ اهو وقت قريب اچي ويو آهي، جو اسين، اسان کي غلام بنائيندڙ انگريزن جي حڪمراني تي هڪ ڀيرو وار ڪريون، سندن پير هن زمين تان اکيڙي ڇڏيون ۽ ٻيو ته دل دماغ کي غلامي جي زنجيرن مان آزاد ڪريون ڇو ته انگريز به هن عظيم عالمگير جنگ ۾ غلطان آهي، ان ڪري هندستان جي سڀني ملڪن ۽ دنيا جي سندن ٻين ملڪن ۾ به آزادي جي جنگ جي لهر ڊوڙي وئي آهي. انهيءَ موقعي تي مان به چاهيان ٿو ته سنڌ به پاڻ ملهائي ۽ سندن غلامي جون زنجيرون ڪٽڻ لاءِ ڪي سرفروش سورهيه وڌي اڳتي اچن. انهن ئي سرفروشن جو نالو اسان غازي رکيو آهي ۽ انهن جو اهو ئي فرض ٿيندو ته جڏهن به کين وطن جي آزادي جي جنگ لاءِ سڏ ٿئي تڏهن هڪدم اهو نعرو لڳائي اچي حاضر ٿين ته ”وطن يا ڪفن“. مگر ان جي معنيٰ اها ڪانهي ته اسين ڪو کين هڪدم انگريزن سان ڳلي پوڻ جو حڪم ٿا ڏيون، بلڪ اهو وطن جي آزادي جو جهاد اسين مناسب موقعي تي مناسب طرز سان شروع ڪنداسين. تيستائين هر هڪ غازي لاءِ مناسب آهي ته هو هر طرح جو جنگي فن وڃي سکي، روزانه پريڊ ڪرڻ لازمي سمجهي ۽ پڻ تلوار بندوق پستول مشين گن دستي بم ۽ ٻيا سڀ موجود هٿيار هلائڻ سکي ۽ جيڪي غازي نه آهن تن کي به سيکارين، ڇو ته اهو به امڪان آهي ته انگريزن کي جرمني جي لڙائن جهڙي اهڙي ته شڪست اچي جو هو هن ملڪ جو انتظام سنڀالي نه سگهن. غنڊا گردي ۽ افراتفري جو دور اچي وڃي ته اهڙي وقت ۾ هر ڪنهن شخص کي پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو. تڏهن اها تعليم تربيت کين نهايت ڪارآمد ٿيندي. اسين عورتن کي به اهو حڪم ٿا ڪريون ته هو ڪاچ جون چوڙيون ڀڃي ڇڏين، ڪنهن به صورت موجوده زماني لاءِ موزون نه آهن، بلڪ هو به مردن وانگر ساڳيءَ طرح جنگي فن جي تربيت حاصل ڪن ته وقت سر پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري سگهن. سورهيه بادشاهه پاران ”وطن يا ڪفن“ آزادي جي جنگ جي اعلان بعد جلد سائين جي ايم سيد جيڪو ان وقت سنڌ ۾ مسلم ليگ جو ان وقت روح روان هو پاڻ مسلم ليگ جو هڪ وفد وٺي گڙنگ بنگلي تي اچي پير صبغت الله راشدي سان ملاقات ڪيائين، سائين جي ايم سيد پير صاحب کي چيو ته اوهان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، پير صاحب مرڪي چيو ڇا لاءِ؟
سائين جي ايم سيد چيو ته وطن آزاد ڪرائجي، ان تي پير صاحب ٽهڪ ڏئي چيو ته مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟ شاهه صاحب مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمڌو هو، پر شايد اوهان سياست جي ابجد مان به واقف نه آهيو. سائين جي ايم سيد پير صاحب سان بي تڪلف هو، هن مرڪي چيو ته اوهين شايد مختلف جيلن ۾ رهي مختلف سياسي قيدين سان ملي سڄي سياست ازبر ڪري ويا آهيو، پير صاحب چيو ته اسين سياست جي ازبري جي دعويٰ ته ڪانه ٿا ڪريون پر جيڪا جماعت سڀ ڪجهه انگريزن جي مشورن سان ڪري جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا، سيٺيون هجن سا به ڪري آزادي جي دعويٰ ته پوءِ ڍاڪئون ئي پڪو! سورهيه بادشاهه جي ايم سيد کي ڪا به موٽ نه ڏني. وطن يا ڪفن جي اعلان بعد ڪانگريس اڳواڻ ڀارت مان هتي گڙنگ بنگلي تي پهتا ۽ ڪوشش ڪئي ته پير سائين کي گوريلا جنگ تان هٿ کڻايون، ليڪن پاڻ دليلن سان انهن کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
آزادي جي جنگ جو مرڪز بنيل گڙنگ بنگلي تي انگريز حڪومت بمبارمنٽ ڪرائي ان کي کنڊر بنائي ڇڏيو، اهو حملو ايئر مارشل اصغر خان ڪيو هو، پاڪستان ٺهڻ بعد آزادي واري تحريڪ جي حوالي سان جن ماڳ مڪانن جي اهميت رهي ان کي سرڪاري طور محفوظ ڪيو ويو، ليڪن گڙنگ بنگلي کي نظر انداز ڪيو ويو، انصاف ۽ اخلاق جي تقاضه ته اها آهي ته پاڪستان ٺهڻ بعد گڙنگ بنگلي کي تاريخي ورثو قرار ڏئي ساڳئي انداز ۾ ٺهرايو وڃي ها. عمارت ۽ ٻاهرين گيٽ وارا اهي هنڌ جيڪي گهٽ تباهه ٿيا، انهن جي مرمت ڪرائي وڃي ها ۽ گڙنگ بنگلي ۾ آرٽ گيلري ٺاهي اتي سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ جي شهيدن ۽ غازين جن مان جن جا به فوٽو هٿ اچن ها اهي وڏا ڪرائي ۽ حر تحريڪ جون خيالي تصويرون ٺاهي لڳايون وڃن ها ۽ حر گوريلا جنگ ۾ انگريزن خلاف حرن جا جيڪي هٿيار استعمال ٿيا هئا، اهي هٿ ڪري اتي ميوزم ٺاهي رکيا وڃن ها، ليڪن هن ملڪ جي حڪمرانن مان ڪهڙي اميد رکجي، هتي ته پاڪستان ٺهڻ بعد به آزادي جي جنگ وڙهندڙ حرن مٿان انگريز سامراج جا داخل ڪيس بغاوت جا ڪيس هلندا رهيا ۽ حرن لاءِ ٺاهيل لوڙهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به ڪافي وقت تائين حرن ۽ سندن گهر وارن کي رکيو ويو.
گڙنگ بنگلي ۾ اهي جايون جن کي گهٽ نقصان پهتو، انهن جي مرمت جيڪي جايون مڪمل طور تباهه ٿي ويون، اهي ساڳي طرز تي نئين سر فقير محمد اسماعيل مهر، سومر فقير مهر سنگت ۽ حر جماعت جي ڪجهه ٻين ڌرين سانگهڙ جي اڳوڻي ڊي سي او غلام حيدر مڱريو جي سهڪار سان ٺهرايو ويو آهي، گڙنگ بنگلي تي هر سال 4 فيبروري تي جشن تاج پوشي ٿيندي آهي، جڏهن ته تاريخي ماڳ مڪانن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد هتي گڙنگ بنگلو ڏسڻ اچن ٿا.