شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سنڌي ادب جو روشن ستارو ”ڪيرت ٻاٻاڻي“

سنڌي ٻولي جو مشهور اديب، شاعر، صحافي، نقاد ڀارت ۾ سنڌيت ۽ ثقافت کي قائم رکڻ، سنڌي ٻولي کي مان مرتبو ڏياريندڙ شري ڪيرت ٻاٻاڻي 7 مئي2015 خميس ڏينهن صبح جو اسان کي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، شري ڪيرت ٻاٻاڻي جنهن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي هو، پاڻ نواب شاهه ضلعي جي تعلقه سڪرنڊ جي تاريخي قديمي ڳوٺ موريو لاکو ۾ 3جنوري 1922ع تي هڪ واپاري سيٺ جي گهر ۾ جنم ورتو، پهريان 2 درجا مسجد جي ملان وٽ مسجد ۾ پڙهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي اڃان 4 سالن جو هو ته سندس والد ديهانت ڪري ويو ۽ سندس پالنا سندس چاچا والد وانگر ڪئي، اڃان 10 سالن جو هو ته ڪن چورن سندس ٻن چاچن جيڪي اوطاق تي ستل هئا، انهن کي بي دردي سان قتل ڪري دوڪان مان سامان کڻي ويا باقين بچيل سامان کي باهه ڏئي ويا، هن دل ڏاريندڙ واقعي هن ڳوٺ جي هندن ۾ وڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو ۽ هو هتان لڏي مختلف هنڌن تي وڃي رهيا، شري ڪيرت ٻاٻاڻي جو خاندان پهرين صابو راهو ۾ جتي ڪيرت جا ناناڻا رهندا هئا بعد ۾ نواب شاهه وڃي رهيا، هُو پرائمري صابو راهو ۾ پڙهيو مئٽرڪ تائين گورنمينٽ ايڇ ايم خواجه هاءَ اسڪول ۾ حاصل ڪئي، باقي تعليم بي اي، ايل ايل بي تائين ڪراچي ۾حاصل ڪئي، هي جڏهن 3 درجي ۾ پڙهندو هو ته سندس استاد گوچي رام ٿاواني جيڪو قومي ۽ روشن خيالن جو هو، سندس ليڪچرن، ڳالهين کان متاثر ٿي پاڻ ڪانگريس جي ويجهو هليو ويو، نواب شاهه ۾ شاگردي واري زماني ۾ هن انگريز کي هن ڌرتي تان تڙي ڪڍڻ واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، قومي ڀاونا ۾ هن ساٿين سان گڏ کاڌي جو ڪپڙو ڪلهن تي کڻي وڪرو ڪيو ۽ بيمار غريب ماڻهن کي دوائون وٺي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هن فارويب اسٽوڊنٽس يونين به ٺاهي، ۽ ان نالي سان هڪ ماهوار خبر نامون هٿ سان لکي شاگردن ۾ ورهائي انهن ۾ قومي جاگرتا پيداڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 1942ع ۾ انگريز هندستان ڇڏي وڃو تحريڪ ۾ ڀرپور حصور ورتو نواب شاهه هاءَ اسڪول مان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو جلوس ڪڍرايو، جڏهن جلوس وچ شهر ۾ پهتو ته کين اطلاع مليو ته پوليس اوهان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اچي پئي ۽ پوءَ سڀ اتان نڪري ويا شري ڪيرت هڪ دوست جي گهر ۾ 3 ڏينهن انڊر گرائونڊ رهيو، ڇاڪاڻ ته جلوس ڪڍرائڻ جي ڏوهه ۾ پوليس کيس ڳولي رهي هئي، ان دوران هي بيمار به ٿي پيو ۽ دوست جي گهران نڪري پنهنجي گهر پهتو ته پوليس کيس گرفتار ڪري 11 مهينا جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن هن کي سکر جيل موڪليو ويو جتي جيل اندر سندس ملاقات سوڀو گيانچنداڻي سان ٿي جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ هو، ڪاڪا ڪيرت سوڀو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ڪانگريس کان ڪنارا ڪش ٿي ڪميونسٽ پارٽي ڏانهن مائل ٿيو اتي هن قومي انقلابي ڪتاب به پڙهيا، جيل مان آزاد ٿيڻ بعد هن ڪميونسٽ پارٽي لاءِ شاگردن ۽ مزدورن ۾ ڪم شروع ڪيو. ان دوران هن هفتيوار صداقت اخبار ۾ ايڊيٽر ٿيو، جڏهن ته نواب شاهه ڇڏي ڪراچي ۾ رهڻ لڳو ته ان وقت نئين دنيا پبلڪيشن گوبند مالهي جي نگراني ۾ شايع ٿيندو هو، ان پاران ڪهاڻي نمبر شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ گوبند مالهي، هن کي به ڪهاڻي لکڻ جو چيو ۽ هڪ ڪهاڻي ڳولڻ لاءِ ڪراچي شهر گهميو ته هڪ مٺائي جي دوڪان تي ماڻهن جو ميڙ ڏٺائين اتي وڃي ڏسي ته ماڻهو هڪ معصوم ٻار کي مارڪٽ ڪري رهيا آهن، معلوم ڪرڻ تي خير پئي ته هن دوڪان تان جليبي چورائي آهي، هن پهرين ڪهاڻي ان واقع جي پس منظر ۾ ”جليبن جو چور“ لکي ٻي ڪهاڻي پنجاب ۾ ٿيندڙ فسادن جي پس منظر ۾ لکي، ان بعد هن لاتعداد ڪهاڻيون لکيون، ورهاڱي بعد هن جو خاندان ته سنڌ مان لڏي ويو پر هن نه صرف سنڌ کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو پر لڏي ويندڙ هندن کي روڪيو ته هو پنهنجي ڌرتي ماتا کي نه ڇڏين ورهاڱي بعد به هو ٻه سال سنڌ ۾ رهيو، ته ڪميونسٽ پارٽي جي ٻين ماڻهن سان گڏ هن کي پڪڙي ڪراچي جيل ۾ بند ڪيو ويو.يارهن مهينا جيل ڪاٽي آزاد ٿيو ته سي آءِ ڊي سندس پويان لڳائي وئي، هي ڪراچي مان حيدرآباد پهتو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش خان جتوئي وٽ لڪي رهڻ لڳو ۽ سندس هاري حقدار اخبار به سنڀالي پر سي آءِ ڊي اتي به پهچي وئي ۽ هن وٽ جيڪي دوست ايندا هئا انهن کي تنگ ڪيو ويندو هو ۽ هن لاءِ حالتون ايتريون ته تنگ ڪيون ويون، جو مجبورن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين دوستن مشورو ڏنو ته هو ڪجهه وقت لاءِ ڀارت هليو وڃي اتان وري موٽي اچي اهڙي ريت نه چاهيندي به ڀنل نيڻن سان هن سنڌ ڇڏي جڏهن هندستان پهتو ته اتي سنڌ مان لڏي آيل سنڌي هندن جن کي ڪئمپن ۾ رهايو ويو انهن جي حالت زار ڏٺي پاڻ به ڪافي عرصو الهاس ننگر ۾ ڪئمپ ۾ رهيو ۽ پاڻ واپس سنڌ موٽڻ بجاءِ انهن ماڻهن جي شيوا ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ڀارت ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت ادب جي لاءِ پاڻ پتوڙيو پاڻ ٻين ساٿين سان گڏجي 16 سالن جي طويل جدوجهد کان پوءِ 1967ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏياريو، پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو شروع واري دور ۾ ميمبر به رهيو آنجهاني ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ هوءَ “ڪهاڻيون ماءُ” مڪسم گورڪي جي ناول جو ترجمو: ڪُولي ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو، جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو ” ڪهاڻيون، سوري سڏ ڪيو، ناٽڪ، ادب ۾ قدرن جو سوال، تنقيد، لينن دنيا جي عظيم، انقلابي شخصيت، اوک ڊوک، تنقيد، چونڊ سنڌي مضمون ”ترتيب“ جيڪو ڏٺو مون “ايشيا سفر نامون، ٻول راڻي، لوڪ ڪهاڻيون، پيهي منجهه پاتال “ادبي مضمون“ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي، جائزو، امن جي افق ڏانهن ”مضمون“ نه ليليٰ نه مجنو ”ڪهاڻيون“ چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون ”ترتيب“ جيئي سنڌ سدا جيئي، ڪهاڻيون اوهان سڀ ننگا آهيو، ڪهاڻيون، ڪجهه ٻڌايو ڪجهه لڪايو، آتم ڪٿا جا 4 جلد، ليا ڪا ڀائين ڪاپائين، شاعري مراٺي ادب جي تاريخ، ترجمو، سو سڏ سو پڙاڏو، خط ڌرتي جو سڏ، ناٽڪ، سو سڏ سو پڙاڏو، اڌ صدي جا خط. سنڌين جو سفر ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، پاڻ هندستان مان سنڌي زبان ۾ سنڌ سجاڳ ماهوار رسالو ۽ سنڌ رائيز به شايع ڪيا، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ لهرون لک لباس جيون جي ڊيڪ تي آٽو بايو گرافيل ناول، آخر جيت اسان جي، ناٽڪ، اجهو ڏينهن ٿيو، ليک، تقديرون، انٽرويو، سنڌو ديش جون ڪهاڻيون ”سنڌ جو اتهاس“ پاڻ انگريزي ۾ ماهوار سياسي فمخزن به ڪڍي پاڻ 1981ع ۾ روس جو دورو اتان جي حڪومت جي دعوت تي ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل پاران چيڪو سلوا جو دورو ڪيو، پاڻ ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو 18 سال تائين صدر به رهيو، ساهيته اڪاڊمي جي سنڌي ٻولي جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر به رهيو، هو هڪ آدرشي انسان هو، هن سماج کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، پاڻ وڪالت پاس ڪرڻ جي باوجود ماستري ڪئي، سندس فرزند جو چوڻ آهي ته هو جواهر لعل نهرو جي نعري ”آرام حرام آهي، مان اتساهه پائيندي وس آهر قومي ڪم پاڻ تي کڻي سنڌين کي متحد ڪري پنهنجي سڄي ڄمار ان ڪم ۾ لڳائي ڇڏي سندس فرزند انوب ٻاٻاڻي جو چوڻ آهي ته بابا جي خواهش رهي ۽ ان ڪارڻ جدوجهد رهي ته اسان جو سماج بهتر بڻجي جنهن ۾ سڀ انسان هڪ مهذب جيون ماڻي، ان کان به وڌيڪ پيارو آدرش جيڪو کيس لوڏي رهيو هو سو هو پنهنجي اکڙيل سنڌي قوم جي ٻولي اساهت ۽ سنڪرتيءَ جي حفاظت رام بخشاڻي، هڪ هنڌ ڪيرت ٻاٻاڻي لاءِ چيو آهي ته ملڪ جي آزادي بعد جن جوانن سنڌي ساهيته ۽ ثقافت جي بچاءَ لاءِ ڪمرڪشي پنهنجي روٽي روزي جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي ڪٽنب جي سک چين جي قرباني ڪري ميدان ۾ ٽپي پوڻ جو ساهس ڪيو تن ۾ شري ڪيرت ٻاٻاڻي جو نالو وسرڻ جو نه آهي، آڌي مانجهي تتي ٿڌي هن سنڌي ٻولي ساهته ۽ سڀيتا جي صدقي ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪيا ، ماڻهن ۾ سنڌيت لاءِ پيار جاڳايو کيس ادبي خدمتن جي عيوض لاتعداد ايوارڊ مليا، جن ۾ ٻين ايوارڊن کانسواءِ ڪتاب لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت تي سوويت يونين ۾ نهرو امن ايوارڊ 1980ع ۾ ماسڪو ۾ مليو، اوک ڊوک ” تنقيدي ڪتاب“ تي تعليم کاتي پاران 1982ع ۾ دهلي ۾ مليو، پيهي منجهه پاتال مضمونن جي ڪتاب تي آرميڪ چٽا ڀٽي جو پهريون انعام اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران اعليٰ خدمتن جي مڃتا طور ايوارڊ 1986ع ۾ ممبئيءَ ۾، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪيڊمي پاران 1989ع ۾ ادبي ايوارڊ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 92ع ۾ جي ايم سيد ايوارڊ به شامل آهن، پاڻ 93 سالن جي ڄمار ۾ 2015ع ۾ ديهانت ڪري ويو، جڏهن ائون ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ نئون آيو هئس ته ڀارت جي ساهتڪارن کي خط لکڻ جي جنون ڪري انهن جي ايڊرسون هٿ ڪري خط لکيا جن ساهتڪارن کي خط لکيا، انهن ۾ شري ڪيرت ٻاٻاڻي به شامل هو، شروع ۾ اسان جي خط و ڪتابت هلي پر اهو جنرل ضياءَ جو مارشلا وارو ڪارو دور هو، جنهن ۾ ڀارت مان ايندڙ ويندڙ خطن کي کولي پڙهيو ويندو هو ۽ خط لکندڙن کي تنگ ۽ حراسان ڪيو ويندو هو ان ڪري چاهيندي به ڀارت جي ٻين ساهتڪارن سڄڻن سان گڏ ڪيرت ٻاٻاڻي سان خط ڪتاب جو سلسلو بند ڪرڻو پيو، مون جڏهن کان لطيف سائين جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين جو سلسلو جاري ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ٻين اديبن سان گڏ ڪيرت ٻاٻاڻي ڏانهن به ميگزين موڪلي پاڻ ان تي مهرباني طور ٻه خط به لکيا، سنڌ جا اديب شاعر، دانشور، ساڃاهه وند ڌريون ڪيرت ٻاٻاڻي جي ديهانت تي سوڳوار آهن .