شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

يارن جو يار ۽ با وقار آفيسر شير محمد مهر

شير محمد مهر جو شمار ثقافت کاتي جي بهترين آفيسرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ثقافت کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. سندس ادب، فن ۽ ثقافت سان گهري دلچسپي رهي آهي. پاڻ آدرشي، سماج سڌارڪ، همدرد انسان آهي. 1975-04-01ع تي سنڌ جي قديمي تاريخي شهر قاضي احمد ويجهو ڳوٺ مهرو مهر ۾ زميندار ۽علائقي جي چڱي مڙس محمد موسيٰ مهر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد وڏو مهمان نواز همدرد، غريبن جي مدد ڪندڙ ڏکئي وقت ۾ علائقي جي ماڻهن سان مدد ڪندڙ هو. شير محمد مهر پرائمري تعليم ڳوٺ مان ڇهين کان مئٽرڪ قاضي احمد جي گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول مان، فرسٽ ايئر انٽر گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان بي اي ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان، ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج مان، پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ان آرڪائيز مان فرسٽ ڪلاس 3 پوزيسن حاصل ڪئي. پاڻ سائوٿ ڪورس مائڪرو فلم ڪنزيويشن ۾ ڪيو. سندس خاندان وارا ٺيٺ مذهبي قسم جا ماڻهو آهن، ليڪن شير محمد لبرل آهي، شاگردي دور ۾ ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر رهيو، علائقي ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس نالو هو، کيس ننڍي هوندي کان ادب جو شوق رهيو. 1988ع ۾ ثقافت کاتي ۾ ٽيڪنيڪل آفيسر طور آيو، پاڻ ڪراچي ۾ آرڪائيز، انچارج لال شهباز لائبريري سيوهڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سچل اڪيڊمي خيرپور ميرس رهيو آهي، هن وقت پاڻ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ثقافت کاتو ۽ انچارج بلاول انسٽيٽيوٽ نواب شاهه آهي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ انچارج طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
شير محمد مهر بااصول همٿ ڀريو آفيسر آهي، جنهن به اداري ۾ رهيو آهي، ان اداري کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خاص طور تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي حوالي سان سندس خدمتون قابل تعريف آهن. سندس ڪوششن پنهنجي آفيسرن سان مسلسل لک پڙهه جي نتيجي ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جا ڪچا ملازم ڪنفرم ٿيا، جيڪو هڪ تاريخي ڪم آهي. جڏهن ته ريسٽ هائوس کي اپ گريڊ ڪيو ويو. شاهه جي باغ، فنڪار هاسٽل، لائبريري جو توسيع جو ڪم ٿيو. ريسرچ سيل قائم ڪيو ويو. ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز جي زمين کي لينڊ مافيه جي قبضي کان بچائڻ لاءِ چوديواري ڏياري وئي. ميوزم کي وڌايو ويو. شير محمد مهر جي ذاتي دلچسپي سان ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز پاران حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ ۾ ادبي ڪانفرنس سگهڙ ڪانفرنس ۽ 3 راتيون راڳ رهاڻ جي محفلن جي شاندار ڪاميابي جي پويان سندس محنت به شامل هوندي آهي. سندس ڪوشش سان ڪيترن ئي مقامي فنڪارن، هنرمندن اديبن، شاعرن کي وظيفا ملڻ شروع ٿيا. شاهه لطيف لائبريري جنهن جي صورتحال اها هوندي هئي جو اتي رڳو ملازم ئي ويٺل هوندا هئا. شير محمد مهر ڀٽ شاهه جي ادب دوست ماڻهن سان گڏ هڪ جاگرتا مهم هلائي نوجوانن کي لائبريري ۾ اچي اخبارون ۽ ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳايو، شير محمد مهر ڀٽ شاهه ۽ پنهنجي قاضي احمد واري علائقي ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، ثقافتي پروگرامن جو سهڪاري رهيو آهي. شير محمد مهر جي ڪوششن سان قاضي احمد واري علائقي ۾ به نوجوانن ۾ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار رهيو آهي. پاڻ غريب ماڻهن جي به مدد ڪندو رهيو آهي. ڪم ڪارين جي حوالي سان به علائقي ۾ بي پهچ ماڻهن جو سهڪاري رهيو آهي. پاڻ والد وانگر وڏو اوطاقي مهمان نواز آهن، يارن جو يار آهي. شير محمد مهر جي صوفيانه راڳ سان دلچسپي رهي آهي. کيس ڍول فقير، عابده پروين، محمد يوسف، لتامنگيشڪر، سڄڻ سنڌي وڻندڙ فنڪار آهن. شاعرن ۾ لطيف سائين، استاد بخاري وڻندڙ شاعر آهن. کيس ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن“ وڻندو آهي. کيس ڪوڙ سان نفرت سچ سان محبت آهي، منافق، ڪوڙن ماڻهن کان الرجي هوندي آهي. مخلص سچن ماڻهن سان محبت ڪندو آهي، سندس سنڌ امڙ سان عشق رهيو آهي، سندس زندگي جي وڏي کان وڏي خواهش اها آهي ته شل سنڌ آباد رهي. ترقي ڪري سنڌ کي سندس خوبصورت پرامن ڀائيچاري وارو ماضي موٽي هلي. هر طرف پيار محبت، امن شانتي ٻڌي اتحاد واري فضا قائم ٿئي. ماضي وانگر اسان هڪ ٻئي جو احساس ڪريون، محبت ڪريون، سندس اها وڏي خوبي آهي ته ڪاوڙ ۾ خاموش رهندو آهي ۽ رلي پائي سمهي پوندو آهي. پاڻ ننڍن ملازمن سان پنهنجن وارو رويو قائم رکندو آهي. سندس هجتي دوستن ۾ گلشن ڪليري، ذوالفقار پنهور، نور سنڌي، معشوق ڌاريجو رهيا آهن، اولاد لاءِ سندس خواهش آهي ته سٺا انسان بنجن، کيس ڀاڄين ۾ ڀينڊي، توري، موتيو گل، سفيد رنگ ارماني سينٽ وڻن ٿا. ٽي وي تي خبرون، تبصرا، حالات حاضرا وارا پروگرام وڻندا آهن. رٽائر ٿيڻ بعد وڪالت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. بلاول انسٽيٽيوٽ ۾ به سندس خدمتون قابل تعريف آهن، سندس ڪوششن سان ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن.
منهنجو ساڻن 2004ع کان ڀائرن جهڙو تعلق رهيو آهي، کيس ويجهو ڏسڻ ۽ پسڻ جو موقعو مليو آهي. شير محمد مهر پنهنجي انجمن ۾ هڪ منفرد ڪردار وارو سچو ۽ کرو انسان آهي. يار ويس ٻين جي بهتري واري سوچ رکندڙ آهي.