ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ حبيب الله خاصخيلي
حبيب الله خاصخيلي جون تعليم جي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن، پاڻ سنڌ ۾ تعليم تباهه ٿيڻ، تعليمي معيار ڏينهون ڏينهن ڪري پوڻ تي باقاعده ريسرچ ڪئي، تعليم تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي ماڻهن کي رضاڪارانه طور تعليم بابت تربيت ڏيندو رهيو آهي. حبيب الله خاصخيلي جو ادب سان ننڍي هوندي کان شوق رهيو آهي، پاڻ بهترين ليکڪ به آهي. پاڻ ننڍي هوندي کان اڄ تائين هر موضوع جي ڪتابن جو گهرائي سان مطالعو ڪندو رهي ٿو. پاڻ مختلف شخصن جون بايوگرافيز شوق سان پڙهندو آهي. اخبارن ۾ عام خبرون گهٽ سياسي، سماجي آرٽيڪل باقائدگي سان پڙهي ٿو. سندس شادي ارينج ميرج آهي، سندس گهرواري لکيل پڙهيل آهي. پاڻ پريم پرڻي کي بهتر فيصلو قرار ڏي ٿو، سندس چوڻ آهي ته زندگي جا فيصلا ڪرڻ هر ماڻهو جو مذهبي قانوني اخلاقي حق آهي، قبائلي جهيڙن تي کيس تشويش آهي، سندس چوڻ آهي ته ان سان معاشري کي پٿر جي دور ۾ وٺي وڃون پيا. ان جي سببن بابت سندس اڪثر اها راءِ آهي ته جاگيردار، وڏيرا، سردار پنهنجي طاقت کي وڃائڻ نه ٿا چاهين، اهي جهڳڙا، ڪاروڪاري سندن معاشي مسئلا آهن. ان جو حل صرف تعليم ئي آهي.
حبيب الله خاصخيلي کي آمريڪا جو لکيڪ اسٽيفن وڌيڪ پسند آهي، کيس ”پر اثر لوگون ڪي سات عادات“ ڪتاب پسند آهي. سندس چوڻ آهي ته ان ڪتاب ۾ سٺي زندگي گذارڻ ۾ مدد ملي ٿي، سندس چوڻ آهي ته هو جيڪو به ڪجهه آهي سليمان صديقي ۽ عباس چن جي ڪري آهي، انهن سان ملاقاتن، ڪچهرين زندگي بدلائي ڇڏي، اهي ٻئي شخصيتون خدمت واري جذبي تحت تعليمي ادارا هلائين ٿا. حبيب الله خاصخيلي تعليم بابت دنيا جا چونڊ ڪتاب پڙهيا آهن. پاڻ پنهنجي لکڻين ۾ تعليم ۽ معاشرتي خرابين کي فوڪس ڪندو رهيو آهي، سندس سوين آرٽيڪل مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن، جن ۾ تعليم، صحت، ڪاروڪاري، جاگيردارانه نظام، قبائلي جهيڙن کان وٺي ملڪ جي بنيادي مسئلن تي هوندا آهن. سندس وڌيڪ آرٽيڪل ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، دي فنانس، عوامي آواز، دي ليڊر، ڊان، دي نيوز ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس خاص طور تعليم تي لکڻيون پراثر هونديون آهن، سندس خواهش آهي ۽ ڪوشش آهي ته تعليم جي حوالي سان اهڙا ڪتاب ڇپرائجن جيڪي هيڊ ماسترن جي رهنمائي لاءِ هجن، پاڻ ان حوالي سان هڪ ڪتاب لکي پيو. حبيب الله خاصخيلي ٿرديپ پاران ٻارڙن جي رسالي ڦل واڙي جو ايڊيٽر پڻ رهيو، ان ميگزين لاءِ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويو جو چوڻ هو ته اڄ تائين سنڌ ۾ ٻارن لاءِ اهڙو مگزين شايع نه ٿيو آهي. پاڻ ٿر ديپ ۾ رهڻ دوران ڪيترائي ملڪ وزٽ ڪيا، پاڻ بنگلاديش ۾ تعليمي ادارا وزٽ ڪري آيو، جنهن جو مقصد اهو هو ته اتي گهٽ خرچ تي بهترين انداز ۾ هلندڙ تعليمي ادارن جي وزٽ ڪري اتان گهڻو ڪجهه سکي آيو. جڏهن ته پاڪستان جي تقريبن وڏن شهرن جا تعليمي ادارا وزٽ ڪيا آهن، سندس چوڻ آهي ته بلوچستان جهڙي پسمانده صوبي ۾ تعليمي معيار ۽ نظام بهتر آهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بدترين تعليمي نظام ۽ معيار سنڌ ۾ آهي. هن جي ذهن ۾ سنڌ ۾ تعليمي نظام بهتر بنائڻ لاءِ هڪ جامع پلان آهي، جنهن سان تعليم تي ٿيندڙ خرچ اڌ کان به گهٽجي ويندو ۽ تعليمي نظام ۽ معيار بهتر ٿي ويندو. جڏهن خيرپور ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته پاڻ اين ايم اي سيد نفيسه شاه سان ملاقات ڪري کيس پلان کان آگاهه ڪيو ۽ ان جي معرفت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، چيف سيڪريٽري، وزير تعليم تائين فائل پهچايو، ليڪن تعليم جي حوالي سان بهترين پلان جو فائل ٻين اهم فائلن وانگر المارين جو سينگار يا سمنڊ حوالي ٿيو، حالانڪه نفيسه شاهه ان پلان کي بهترين پلان قرار ڏنو. سندس چوڻ آهي ته هڪ يا ٻن استادن وارا اسڪول بند ڪيا وڃن، هڪ يو سي ۾ پرائمري اسڪولن کي گڏي اهي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي نگراني ۾ ڏنا وڃن، هر ضلعي ۾ تعليمي بورڊ جوڙيو وڃي. تعليمي يونيورسٽي ٽيچنگ جو ادارو قائم ڪيو وڃي، هر ڳوٺ واهڻ وستي ۾ اسڪول کولڻ بجاءِ هر يو سي هيڊ ڪوارٽر ۾ ايجوڪيشن ڪامپليڪس قائم ڪيو وڃي. يو سي جي ٻارن کي ٽرانسپورٽ جي مفت سهوليت ڏئي اتي پهچايو وڃي. ان سان مانيٽرنگ جو مسئلو به حل ٿيندو. ٻارن جي غير حاضري گهٽبي، هر ضلعي جو تعليمي بورڊ پنهنجو نصاب ٺاهيندو، هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، جتي ان ضلعي جي شاگردن کي داخلا ڏني وڃي. حبيب الله خاصخيلي هن وقت ڪراچي ۾ تعليم تي ڪم ڪندڙ هڪ اداري ۾ ڪم ڪري پيو. پاڻ هتي به ماضي وانگر تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، مون کي اها خوشي آهي ۽ اهو اعزاز آهي ته حبيب الله خاصخيلي منهنجي ڳوٺ جو آهي ۽ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو ۽ غريب هاري جو پٽ ٿي ڪري مسلسل جدوجهد ڪرڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪندي خاص طور تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، کيس 3 پٽ ڪميل حبيب، اذان حبيب، سبب حبيب آهن. سندس خواهش آهي ته سندس اولاد سندس وانگر خدمت وارو جذبو رکي. کيس هالي ووڊ جون فلمون، صوفيانه راڳ وڻندو آهي، کيس سچل سرمست جو ڪلام ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“ بيحد وڻندو آهي. واندڪائي ۾ صوفاينه موسيقي ٻڌندو آهي. سندس پسند جي فنڪارن ۾ سهراب فقير، فقير عبدالغفور، محمد جمن، استاد يوسف شامل آهن، کيس سهراب فقير جو ڳايل ڪلام “حق موجود سدا موجود” وڻندو آهي. غريب دوستن جي هر طرح سان مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو آهي، سندس پسند جا شاعر شاهه لطيف، سچل سرمست، استاد بخاري، شيخ اياز، زاهد شيخ، حليم باغي آهن.