شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

سماج سڌارڪ ، صحافي ۽ ليکڪ عبدالوهاب منشي

عبدالوهاب منشي ننڍي عمر جو مشهور ليکڪ صحافي آهي. جنهن پنهنجي ڪالمن، آرٽيڪلن جي ڪري پڙهندڙن ۾ وڏي مشهوري ماڻي آهي، هو بهترين مقرر به آهي، تقريرن ۾ سندس هر لفظ معنى خيز هوندو آهي. عبدالوهاب منشي 2 آڪٽوبر 1980ع ۾ حيدرآباد جي رساله روڊنز د گول بلڊنگ ويجهو منشي هائوس جي تاريخي عمارت ۾ شهاب الدين منشي جي گهر ۾ جنم ورتو پاڻ گريجويشن سان گڏ ايل ايل بي به ڪئي آهي. اڃا 16 سالن جي ڄمار ۾ هو ته لکڻ شروع ڪيو، مختلف اشوز تي ۽ مسلسل لکندو رهي ٿو، لکڻ جي شروعات روزانه آفتاب کان ڪئي، بعد ۾ عبرت، عبرت ميگزين، سنڌو، پاڪ جرات، قومي اخبار، عوامي آواز ۾ لکندو رهي ٿو. پاڻ حيدرآباد ۾ روزانه پاڪ، هڪ پرائيويٽ ٽي وي جو بيورو چيف به آهي. پاڻ سماجي ڪارڪن ۽ سنڌ پرست آهي، سندس تعلق ادبي صحافتي، سياسي حيثيت رکندڙ منشي گهراڻي سان آهي. سندس پڙ ڏاڏو خان بهادر نجم الدين منشي جو آزادي واري تحريڪ ۾ به ڪردار رهيو. 1895ع ۾ جڏهن سر شاهنواز ڀٽو سنڌ پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته پاڻ سنڌ جو نائب صدر ٿيو. مسلمانن ۾ تعليم جي ڪمي کي محسوس ڪندي ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته جو بنياد پيو ته هن به ان ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ان لاءِ قائم ڪيل بورڊ جو وائيس چيئرمين رهيو. 1945ع ۾ هن خاندان پاران قائد اعظم جي چوڻ تي هلال پاڪستان اخبار حيدرآباد مان شايع ڪئي جنهن جو ايڊيٽر شيخ علي محمد هو. جڏهن ته مشهور صحافي، لکڪ شمشير حيدري، محمد بخش جوهر، غلام محمد کوکر، مجيد عباسي، محمد ابراهيم جويو، سراج الدين ميمڻ، پروانو ڀٽي ان دور ۾ هلال پاڪستان جي ٽيم جا حصو هئا. هلال پاڪستان اخبار منشي عبدالشڪور شايع ڪئي، آزادي واري تحريڪ ۾ جڏهن ريشمي رومال واري تحريڪ شروع ٿي ته موجوده منشي هائوس حيدرآباد کي خفيه هيڊ ڪوارٽر بنايو ويو. منشي عبدالشڪور حيدرآباد جي مشهور شخصيت حاجي امين الدين منشي جو فرزند هو، جيڪو حيدرآباد جوچونڊيل ميئر رهيو. منشي عبدالشڪور هلال پاڪستان جو مالڪ هئڻ سان گڏ حيدرآباد جو مشهور قانون داد به هو. سندس ويجهن دوستن ۾ لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، يوسف هارون، مير رسول بخش ٽالپر هئا، جن هن سان گڏ علي ڳڙهه ۾ ايل ايل بي ڪئي، ون يونٽ خلاف جڏهن تحريڪ شروع ٿي، جنهن جي شمشير حيدري جو شاندار ڪردار رهيو. شمشير جيڪو احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو،ان ۾ مولانا غلام محمد گرامي سان گڏ منشي عبدالشڪور جو به ڪردار رهيو. سندس ڀاءُ محمد اسماعيل منشي هلال جي پرٽنگ سيڪشن جو مالڪ هو، جيڪو ايوب خان دور ۾ حيدرآباد مان بي ڊي ميمبر پڻ چونڊيو، عبدالوهاب منشي جو والد شهاب الدين منشي جو شمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شمشير حيدري جڏهن جنرل ضياءُ جي آمرانه دور ۾ ان خلاف ڀرپور ڪالم لکيا ۽ جڏهن ان جي پاداش ۾ ان تي ڏکيا ڏينهن آيا ته اهي ڏينهن هن منشي هائوس تي گذاريا ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ان کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ شمشير حيدري منشي هائوس مان ئي هلچل رسالو شروع ڪيو ۽ فلترو جا يادگار ڪالم لکيا جن عوام ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. شهاب الدين منشي 2001ع ۾ يو سي حيدرآباد 9 جو نائب ناظم به رهيو. عبدالوهاب منشي ننڍي عمر ۾ لکڻ، تقريرن ڪرڻ ڪري جيڪا شهريت عزت ٺاهي آهي اها ان عمر ۾ شايد ڪنهن ٺاهي هجي. بنيادي طور سندس سياست سان تعلق نه آهي، ليڪن ڪيترن سياستدانن سان سندس ويجها تعلقات ضرور رهندا اچن، انهن ۾ ٻين کانسواءِ شاهه مردان شاهه پير پاڳارو موجوده، پير پاڳارو صبغت الله شاهه راشدي، شاهه احمد نوراني، عمران خان، مخدوم امين فهيم عبدالله حسين هارون مخدوم شاهه محمود قريشي اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، فهميده رياض، مهتاب اڪبر راشدي،مسعود جماڻي، شيخ محمد اعجاز پير ياسر سائين به شامل آهن. جڏهن ته اڳوڻو چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ديدار شاهه به سندس پڳ مٽ يار آهن. 2012ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ بلدياتي نظام ذريعي سنڌ جي تقسيم لاءِ موجوده پير صاحب پاڳارو پير صبغت الله شاهه ميرپورخاص ۾ ان خلاف احتجاجي ميڙاڪو ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ليڪن عبدالوهاب منشي جي عرض ڪرڻ کانپوءِ اهو جلسو بعد ۾ حيدرآباد باءِ پاس تي ڪيو ويو. جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي لکين ماڻهو دربدر هئا ته هن جي گذارش تي عبدالله حسين هارون، اقوام متحده جي ٽيم وٺي دورو ڪرايو. ان بعد اتان کان ڀرپور امداد ڪئي وئي، عبدالوهاب منشي حيدرآباد لا ڪاليج وڪرو ڪرڻ جي سازش گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي تاريخي عمارت آهي ته هن ان خلاف ميڊيا ٿرو ۽ قانوني طور مزاحمت ڪئي، جنهنڪري اهي ادارا وڪرو ٿيڻ کان بچي ويا. منشي هائوس جي اها تاريخ آهي ته اتي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻن کانسواءِ ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، شيخ اياز، عمران خان، شاهه احمد نوراني ۽ ٻيون شخصيتون آيون آهن. ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي يا ايم آر ڊي تحريڪ يا صحافين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف تحريڪ هلي، منشي هائوس سدائين اهڙين سرگرمين جو مرڪز رهيو آهي. سنڌ صحافي سنگت جون شروعاتي گڏجاڻيون ان بعد به وقت به وقت به اڄ تائين منشي هائوس تي ٿينديون رهيون آهن. سندس والد کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته 1995ع ۾ جڏهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف ٽريڪٽر ڪيس جنهن ۾ سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا هئا ته شهاب منشي پنهنجي پراپرٽي جا ڪاغذات سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ رکي ضمانت تي آزاد ڪرايو. ماضي ۾ سيد قائم علي شاهه ۽ ابو ڀائي به منشي هائوس تي نظر آيا. عبدالوهاب منشي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن ۽ ملڪ جي حساس اشوز تي دليري سان لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جو ورهاڱو مهاجر صوبي خلاف، آدمشماري سنڌو درياءِ جي پاڻي ۽ سنڌ جي بنيادي اشوز توڙي صحافين جي حقن تي پڻ آواز اٿاريو آهي. سنڌ جي صحافين تي ايندڙ ڏکئي وقت ۾ به انهن جي هر طرح سان مدد ۾ سندس ڪردار رهيو آهي. جيڪو ايندر تاريخ جو حصو هوندو.