شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

برڪت بلوچ مشهور قانون دان ۽ منصف

سنڌ ڌرتي هميشه عظيم شخصين کي جنم ڏنو آهي، جن اعليٰ عهدن تي پهچڻ جي باوجود عوام دوستي قائم رکي آهي، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ بجاءِ اهڙا ڪم ڪيا جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا، اهڙين سخصيتن ۾مشهور قانوندان، سماج سڌارڪ برڪت علي جاگيراڻي به هڪ آهي. جنهن جو اهڙو ڪردار هئو جو رٽائرڊ ٿيڻ بعد به، وقت جي حڪمرانن سندس صلاحيتن مان فائدو ورتو، اهم منصبن تي مقرر ڪيو ۽ پاڻ اهي منصب ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ قبول ڪيا.
1935ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي قمبر شهر ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻانهو خان جاگيراڻيءِ ۾ هڪ غريب جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد کيس اسڪول ۾ داخل ڪيو بعد ۾ کيس هالا ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو. برڪت علي جاگيراڻيءِ ننڍپڻ جا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذاريا، پر هن دل لڳائي تعليم حاصل ڪئي. انٽر ڪرڻ بعد ڪورٽ جو بيلف ۽ بعد ۾ پرائمري ماستر ٿيو. ان بعد پاڻ بي اي ۽ ايل ايل بي ڪئي، ان بعد سي ايس پي جو امتحان ڏنو.سرڪار کيس بنگلاديش ۾ مقرر ڪيو پر سنڌ جي محبت کيس اتي وڃڻ نه ڏنو ۽ اهو آرڊر ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پاڻ جيڪب آباد ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ مختصر عرصي ۾ بهترين وڪيل طور اُڀريو. پاڻ غريب، مسڪين، بي پهچ ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس وڙهندو هو نه صرف ايترو پر پاڻ غريبن جي ڪمن لاءِ انهن سان گڏ آفيسن م به ويندو هو. سندس ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين انتهائي غربت وارا ڏينهن گذاريا ان ڪري کيس غريبن جو وڏو احساس هو.
ساڳئي وقت پاڻ غريب شاگردن جي خاموشيءَ ۾ مدد به ڪندو هو، پاڻ بهترين سماج سڌارڪ به هو. 1985ع ۾ سندس اعليٰ صلاحيتن کي محسوس ڪندي کيس سيشن جج مقرر ڪيو ويو.سيشن جج وارو عرصو بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ گذاريو. تمام ڪيسن جا سندس ڪيل فيصلا قانوني دنيا ۾ ياد رکيا ويندا. پاڻ هر فيصلو ڪرڻ کان اڳ ڪيس جا سڀئي پاسا گهرائيءَ سان جانچڻ بعد سوچي سمجهي فيصلو ڏيندو هو.1993ع ۾ پاڻ ٻاهرين ملڪن جي دوءري دوران مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ ۾ اسلامي فلسفي تي دليل سان ڀرپور ليڪچر ڏنو، ان جي عيوض يونيورسٽيءَ پاران کيس سَند ڏني وئي.
پاڻ چيمبر آف سروس ٽربيونل جي جج هئڻ جي حيثيت سان ڪئين تاريخي فيصلا ڏنا، انهن ۾ پاڻ حڪومتي دٻاءُ قبول نه ڪندي هڪ اهڙو تاريخي فيصلو ڏنو جيڪو سنڌ جي تاريخي ۾ صدين تائين ياد رکيو ويندو.پاڻ ميان نواز شريف جي دؤر ۾ ڪيترن ئي وفاقي کاتن جي سوين برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪيو . فيصلي جي ججمنت اهڙي انداز ۾ لکي جو حڪمران ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪري سگهيا.
پاڻ سدائين انسانيت ۽ انصاف جو مان مٿاهون رکيو، پاڻ انتهائي سادا فقير منش، صوفي منش پر ذهين ايترا جو سندس فيصلا ٻُڌي ڏسي پاڻ کي وڏا داناءُ سڏائيندڙن جا عقل دنگ رهجي ويندا هئا، پاڻ جتي به رهيا مختصر ضروري سامان لطيف سائين جو رسالو، هيرالڊ مئگزين جا تازا شمارا، تاريخي فلسلي ۽ اسلامي ڪتاب گڏ رکندا هئا، پاڻ ڪيترن ئي هنڌن تي محتسب اعليٰ رهيا جتي عام ماڻهن کي انصاف ڏنو.
سنڌ جي هر صوفي شاعرن خاص طور ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ سان سندن بيحد عقيدت هئي پاڻ جڏهن مذهب، قانون صوفين ، فلسفي اسلامي تاريخي ۽ ٻين موضوعن تي ڳالهائيندو هو ته چڱا ڀلا تايخدان فلاسافر، عام اديب، دانشور دنگ رهجي ويندا هئا. مهمان نوازي ۽ سخاوت ۾ به پنهنجو مَٽ پاڻ هو. سندس دستر خوان وسيع هو پاڻ مهمانن کي هٿ سان ماني کارائڻ ۾خوشي محسوس ڪندا هئا.
پاڻ سرداري، جاگير دار نه نظام سماج جي ڪٽ لڳل ريتن رسمن واري نظام خلاف هو، ايترو سادو جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زمين تي پاڻ وڃي پاڻي ڏيڻ گند ڪڍڻ، اسپري ڪرڻ وارا ڪم به پاڻ ڪندو هو. پاڻ غريبن جو همدرد هو، سندس ڪوششن ۽ مدد سان سندس خاندان جي 100 کان وڌيڪ ۽ ٻين غربين جا سوين ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سٺين پوسٽن تي ويٺا آهن. پاڻ 2 مئي 2010ع تي ڪراچيءِ ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري هنن فاني دنيا مان هليا ويا. سندس شخصيت جي عوام ۾ مقبوليت جو اندازو سندس وفات تي سندس جسد خاڪي کڄڻ کان ڌرتي ماءُ جي هن جي هنج حوالي ٿيڻ تائين قيامت خيز منظرن مان هو. هر طرف روڄ راڙي، دانهن، آهن مان لڳائي سگهجي ٿو. کيس سندن خواهش موجب دعائن جي ديس هالا ويجهو درگاهه بلاولي تي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. ان علائقي سان مرحوم جون ڪيئي يادون وابسته هيون.
گلاب جي گلن جهڙي خوشبوءِ جهڙي شخصيت رکندڙ برڪت علي جاگيراڻي جي ياد ۾ اڄ سندس پٽن ۽سندس نياڻين، پوٽن ۽ پوٽين ۽ ٻين سوڳوار مٽ مائٽن سان گڏ اسين به سوڳوار آهن.