شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

تحقيقي ۽ تخليقي شخصيت پروفيسر محمد خان ٻرڙو

پروفيسر محمد خان ٻرڙو نه صرف سانگھڙ ضلعي پر سنڌ جي ساڃاهه وندن لاءِ لڪيل نالو نه آهي پاڻ پنهنجي علمي، ادبي خدمتن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ نالو ڪڍرايو آهي.علمي ادبي دنيا ۾ سندس وڏو ادب احترام آهي، پاڻ 2 اپريل 1942ع ۾شهدادپور ٽنڊوآدم روڊ تي ڳوٺ ڪرڙ ٻرڙي ۾ معزز شخصيت احمد خان ٻرڙي جي گھر ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم جلال مري مان سيڪينڊري ،شاهه عبدالطيف هاءِ اسڪول ٽنڊو آدم انٽر نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊوآدم مان، بي اي حيدرآباد مان، ايم اي سنڌي ادب يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، مارچ 1973ع ۾ ميرٽ تي سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار ٿيو، پهرين پوسٽنگ ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد ۾ ٿيس جتي سال رهڻ بعد کيس گورمنينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور ۾ مقرر ڪيو ويو، سڄي حياتي شهدادپور ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون، 1993ع ان ئي ڪاليج ۾ پرنسپل مقرر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائرڊ ٿيو. لکڻ پڙهڻ سان شاگردي واري دور کان سندس دلچسپي رهي ليڪن سانگھڙ ۾ ٽرينگ ڪاليج ۾ ٽرينگ دوران استاد سکيو خان چنا جيڪو عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو ، بهترين شاعر ۽ ليکڪ هو، ان جي صحبت ۾ رهي ان کان متاثر ٿي هن شاعري شروع ڪئي، شاگردي واري دور ۾ حڪومت سنڌ پاران ان دور ۾ شايع ٿيندڙ رسالو ڳوٺ سڌار، نئين زندگي جي مطالعي جو به مٿس اثر ٿيو .ٽنڊوجان محمد ڪاليج ۾ رهڻ دوران ڪنهن نازني سان سندس نيڻن جا ناتا لڳا، جن دل جي تار چوري ڪئي ۽ عشق مٿس ايترو ته اثر ڇڏيو جو پاڻ بهترين شاعر طور پاڻ مڃائڻ لڳو.سندس شاعري ”نئين زندگي“ 3 ماهي مهراڻ ، پيغام رسالن کانسواءِ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي ۽ ان دور جي هڪ سريلي صوفي فنڪار موتي مينگھواڙ سندس شاعري ڳائي هن کي مشهور ڪري ڇڏيو پاڻ ان فنڪار کان راڳ جي سکيا به ورتي ۽ هارمونيم وڄائڻ سکيو.جڏهن عبد الله ورياهه سان گڏ هن جي ملاقات مخدوم طالب الموليٰ سان ٿي ۽ کين سندس چند ڪافيون ٻڌايون ته مخدوم طالب الموليٰ هن جي ڪافي کي پسند ڪيو ۽ ان جي رهيل خامين بابت پڻ آگاهه ڪيو. ان بعد پروفيسر جي خواهش تي ڪافين جي اصلاح مخدوم طالب الموليٰ ڪئي، پاڻ شاعري ۾ ڪافين کان علاوه غزل ۽ بيت به لکيا پاڻ نجي محفلن ۾ پنهنجون ڪافيون خوبصورت انداز ۾ ڳايون به. ٽنڊوجان محمد ۾ پروفيسر محمد خان ٻرڙو جي ڪوششن سان باب السلام سوينيئر 1979ع ۾ شهدادپور ڪاليج پاران مهراڻ ميگزين نالي سوينيئر شايع ڪيو، جنهن جو مرتب پاڻ هو. جنهن جو مقصد شاگردن، استادن ۾ ادب طرف دلچسپي وڌائڻ هيو، پروفيسر محمد خان ٻرڙو، تاريخ، سماجيات، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي لوڪ ادب ۽ سانگھڙ ضلعي جي تاريخي ماڳ مڪانن آثار قديمـ جي اڻ سڃاتل دڙن تي تحقيق ڪئي.انهن کي نروار ڪيو، پاڻ سانگهڙ ضلعي جي ڪاڪ دڙو لڳ شاهپور چاڪر، سميرو ڀڙو نزد مقصودو رند، جعفر خان لغاري وٽ دڙو، برهمڻ آباد ۽ آسپاس وارا دڙا،سون چڙي دڙو، ميهارڪودڙو، لاکن وارو دڙو، يگان جا قبا، ٽنڊو مٺا خان روڊ تي پراڻو دڙو، تعلقي کپري ۽ ناري ڍوري جي ڪپ تي وڏو قلعو، مير شهداد خان جا قبا، شهداد پور واروقلعو، راول فقير جي قبرستان ۾ قديم قبرون ۽ ٻين تاريخي ماڳن کانسواءِ سهڻي ميهار تي تحقيق ڪئي ۽ تاريخي حوالن سان ظاهر ڪيو تـ سهڻي ميهار جو قصو پنجاب جو الڳ ۽ سنڌ جو الڳ آهي ان کان اڳ شهدادپور م سهڻي ميهار جون مزارون صدين کان هئڻ باوجود سنڌ ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هئي ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي محققن سهڻي ميهار کي پنجاب جي شهر گجرات سان ملايو هو نـ صرف ايترو پر شهدادپور ۾ سهڻي ميهار جو ميلو لڳرائڻ ۾ پروفيسر محمد خان برڙو جو شاندار ڪردار رهيو ،اهو ميلو ٽي دفعا لڳو جنهن ۾ادبي ڪانفرنس، سگهڙ ڪانفرنس، مشاعرو، راڳ رهاڻ، ايوارڊ، ملاکڙو، ديسي راندين جا مقابلا بـ ٿيا، پاڻ سهڻي ميهار ميلا ڪميٽي جو بنيادي ميمبر بـ رهيو ۽ ميلي تي سونئير ڇپائڻ ۾ سندس ڪردار رهيو، پروفيسر محمد خان ٻرڙو شهداپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهندڙ ۾ شامل هو ان کانسواءِ شهدادپور ۾ سگا قائم ڪري ان پاران ثقافتي ميلو ۽ ميڊيڪل ڪيئمپون لڳرائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو پاڻ سگا جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر مير بيگ صدر رهيو، جنرل ضياءَ پاران سگا تي پابندي هڻڻ تائين سگا کي سرگرم رکيو، پاڻ عبدالله ورياهه سان گڏجي سانگهڙ هسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو جنهن جو مقصد ضلعي سانگھڙ جي آثار قديمـ کي فوڪس ڪرڻ هو ان تنظيم پاران برهمڻ آباد تي هڪ ڏينهن وارو بين القوامي سيمينار ڪرايو ويو جنهن جو افتتاح سنڌ جي گورنر ايس ايم عباسي ڪيو ،ڪيترن ئي ملڪن جي اسڪالرن ، محققن برهمڻ آباد تي پنهنجا مقالا پڙهيا 2 دفعا سانگهڙ ۾ ثقافتي ميلو ٿيو، ان ۾ سانگهڙ جي تاريخ،ثقافت، تاريخي واقعن، آثار قديمـ تي ملڪي ۽ غير ملڪي اديبن مقالا پڙهيا ٽنڊي آدم ۾ ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ،پاڻ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جي قيام ۾ بـ اهم ڪردار ادا ڪيو ،سندس علمي ،ادبي۽ تاريخي لکڻين کي سامهون رکندي پاڪستان اڪيڊمي تي کيس ميمبر کنيو ويو . سانگھڙ ضلعي جي آثار قديـمـ تي سندس مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن ،سندس لکڻين جو ڪو ڪتاب اچي نـ سگهيو آهي ،اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ سر سهڻي جو مطالعو ،حسن منصور حلاج جي شخصيت ۽ شاعري ،محبت جي مراد حقيقت ، ”عربي مان ترجمو ٿيل“ سانگهڙ ضلعي جا قديم دڙا شامل آهن سندس سنڌ پرستي ڏانهن لاڙو رهيو آهي پاڻ شهداد پور ڪاليج جو مثالي ليڪچرار ۽ پرنسپل رهيو آهي ، پنهنجي سٻاجهڙي طبيعت، ليڪچر ڏيڻ جي منفرد انداز شاگردن سان اولاد جهڙو رويو رکڻ ، ڪاليج ۾ علمي ادبي سرگرمين لاءِ ڪوششون ڪرڻ ، شاگردن جو ادب ۽ سماجي ڪمن ڏانهن رجحان وڌائڻ لاءِ ڪوششن جي ڪري ڪاليج جي شاگردن ۾ هيرو جيترو مقبول رهيو سندس ليڪچر ڏيڻ جو انداز اهو هو تـ جڏهن ليڪچر ڏيندو هو ڪلاس ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي هئي تقرير ڪرڻ جو بـ وڏو فن رکندڙ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ٿيندڙ سيمينار۾ سندس شرڪت کي يقيني بنايو ويندو رهيو آهي. رٽائر ٿيڻ بعد پاڻ سماجي ڪمن ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ڪجهه وقت کان طبعيت ناساز هئڻ جي باوجود پاڻ ادب ۽ علم لاءِ ڪم ڪن ٿا وٽس شاندار ڪتب خانو بـ آهي جنهن ۾ هر موضوع جا ڪتاب موجود آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ رهيا آهن.