شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

شاعر،سماجي ڪارڪن ، صحافي ۽ هڪ کرو انسان محمد ظفر بخاري

محمد ظفر بخاري صحافتي، ادبي دنيا جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي پاڻ شهدادپور جا سماجي ڪارڪن به آهن،سندس هڪ سڃاڻپ هي به آهي ته هو کرو انسان آهي، بقول هڪ دوست جي ته ظفر بخاي ٿورو کٽو ٿورو مٺو ٿورو ڪڙو آهي. سندس عمل سندس ڪجهه عادتون سندس طبعيت جهڙي طبعيت وارا ته پسند ڪن ٿا پر ڪافي ماڻهن کي اهي پسند ناهن، هر ڳالهه تي ليڪچر ڏيڻ، بحث ذريعي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۽ سندس ان خواهش ته جهڙي طرح هو زندگي گذاري ٿو سندس گهر وارا به کيس فالو ڪن وارن ڳالهين تي ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر وارا به ٿورو تنگ ٿي پوندا آهن پر کيس ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه هوندي آهي. مختلف ضلعن ۾ جن اخبارن جون ايجنسيون هن وٽ آهن ادارن جي گڏجاڻين ۾ انهن اخبارن جا 75 سيڪڙو رپورٽر دعا گهرندا آهن ته ظفر بخاري انهن گڏجاڻين ۾ نه اچي ڇاڪاڻ ته انهن رپورٽرن پاران اخبارون جي سرڪيوليشن جي حوالي سان ڏيڻ ۾ مدد نه ڪرڻ جون شڪايتون به وڏي آواز ۾ ۽ مسلسل ڪندو آهي. نيت جو صاف هر دلعزيز سچ چوڻ وارو ۽ ائين چئجي ته پنهنجي طبعيت وارو آهي. هن جي ذات کان ڪنهن کي تڪليف نه پهتي آهي. پاڻ ڪچهرين جو ڪو ڏيو دل جو سخي مهمان نواز، دوستن جي ڏک سک ۾ شامل رهڻ پنهنجي شهر شهدادپور جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ سماجي براين خلاف هر طرح سان جدوجهد ڪندو رهيو آهي. ظفر بخاي 17 آگسٽ 1943ع تي ڀارت جي الهه آباد علائقي جي ڳوٺ نرور پٽي ۾ ننڍڙي زميندار عباد الله بخاي جي گهر ۾ جنم ورتو. 2 درجا اتي پڙهيو، ورهاڱي بعد انٽر تائين تعليم شهدادپور ۾ حاصل ڪئي، ننڍي هوندي کان بحث ڪرڻ بيت بازي، ماڻهن جا ڪم ڪارين ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪرڻ منهن تي سچ چوڻ غلط کي غلط چوڻ سندس عادت ۾ شامل آهي. ننڍي هوندي هنر سکڻ جي شوق ۾ درزڪو ڪم سکيو پر مهيني بعد اهو سندس استاد مري ويو. ريڊيو مڪينڪ جو ڪم سکيو ته مهيني بعد سندس استاد لڏي ويو. بعد ۾ 1958ع ۾ شهدادپور ۾ عبرت اخبار جو سول ايجنٽ ٿيو، بعد ۾ ٻين اخبار جون ايجنسيون به کنيون. 1963ع ۾ ان وقت جي صحافين عبدالرحمان امر سري، چوڌري عبدالغفور، شڪيل پٺاڻ، عبدالحميد مهدوي جي صحبت م رهي صحافت ۾ قدم رکيو پاڻ عبرت بعد ۾ جنگ، امن، حريت ۾ نمائندگي ڪئي. 1986ع کانپوءِ عملي صحافت ڇڏي ڏني ۽ اخبارن جي ايجنسي جو دائرو ٻين ضلعن تائين وڌايو.هڪ صحافي جي حيثيت سان عوام جي اهنجن تڪليفن، شهر جي مسئلن، ڪرپشن، سماجي براين خلاف قلم جو استعمال ڪيو ۽ بيباڪي سان صحافت ڪئي. پاڻ شهدادپور انجمن صحافيان جو بنياد وڌو، شاگردي واري دور ۾ سندس اسلامي جمعيت طلبه سان لڳاءُ رهيو. پاڻ جمعيت جي رفيق جي حيثيت سان ڪم ڪيو. جمعت پاران ٿيندڙ پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪئي. بيت بازي سان شوق، کيس شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳايو ۽ ڏسندي ڏسندي شاعر بڻجي ويو. ان دور ۾ بزم ادب شهدادپور پاران مولوي شهاب الدين جي ميزبان ۾ دائره ۾ هر ماهه ٿيندڙ مشاعري ۽ المشرق آرٽ اڪيڊمي جي مشاعرن ۾ جمعيت جي پروگرامن ۾ به شعر پڙهندو هو. سندس شاعري عبرت، جنگ، حرت، امن، عبرت ميگزين ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي آهي. پاڻ سنڌي ۽ اردو جو شاعر آهي. شاعري جي حوالي سان ڪاليج جي پرنسپل نعيم حيدر نقوي سندس همٿ افزائي ۽ رهنمائي ڪئي، هي پهريون شاعر آهي، جنهن وٽ شاعري مجموعو شايع ڪرڻ واري پوزيشن هئڻ جي باوجود کيس اهڙو شوق نه آهي. پروگرامن ۾ شعر پڙهڻ بعد ان کي سنڀالي به نه رکندو آهي. سندس شاعري ۾ رومانٽڪ گل بلبل جو ذڪر نه هوندو آهي. سندس شاعري ۾ معاشري جي اصلاح وارو عنصر شامل هوندو آهي. سندس شاعري بامقصد هوندي آهي. پاڻ عملي سياست 69 ع ۾ کان ان وقت کان شروع ڪئي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اصولي اختلاف ڪري الڳ ٿي ويو ته هن پنهنجي دوستن کي گڏ ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي حمايت ۾ ريلي ڪڍرائي جنهن جي اڳواڻي بشير احمد راجپوت، عمر بيگ، ظفر بخاي، قمر الدين ملڪ ڪئي. 1979 ۾ شهدادپور جي نوجوانن کي سماجي ڪمن ۽ شهر جي مسئلن جي حل لاءِ شوق جاڳائڻ لاءِ انجمن نوجوانانِ نالي تنظيم جو بنياد وڌو ۽ تنظيم پاران مير هاشم لائبريري بڪ بينڪ قائم ڪري غريب شاگردن کي مفت ۾ ڪتاب ڏنا ۽ لائبريري ذريعي نوجوانن ۾ مطالعي جو شوق جاڳايو. اها لائبريري بعد ۾ بلديه کي ڏني وئي بعد ۾ اها تنظيم غير سرگرم ٿي وئي، پاڻ شهري ايڪشن ڪميٽي جو به بنياد وڌو ان کان اڳ شهر جي هڪ هزار مختلف طبقن جي معززين کان لکت ۾ راءِ ورتي ته شهري مسئلن لاءِ اهڙي تنظيم جو بنياد وجهجي ان تنظيم جي پليٽ فارم تان به شهر جي مسئلن جي حل لاءِ عام ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. المشرق آرٽ اڪيڊمي جي هڪ ڊرامي جي هدايتڪاري به ڪئي پر اهڙي جو فنڪار ئي ڀڄي ويا کيس شاعرن ۾ غلام اقبال پسند آهي جواني ۾ فلمون به ڏنيون کيس اداڪارن ۾ اشوڪ ڪمار مزاحيه فنڪارن م يعقوب ذڪريا مرحوم پسند آهن، کيس سٺن ڊائلاگن واريون فلمون پسند هيون، سندس زندگي جو وڏي کان وڏو ڏک سندس والده جي وفات آهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه آهيان والده جي ڪري آهيان، سندس چوڻ آهي ته هن زندگي ۾ پاڻ کي سفارش ، قرض ۽ رشوت کان بچايو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي صدر ايوب خان کان الڳ ٿيڻ وقت سندس حق ۾ ريلي ڪڍرائيندڙ ظفر بخاري بعد ۾ ڀٽو کي اقتدار کان هٽائڻ لاءِ هلايل 9 ستارن واري تحريڪ ۾ شهدادپور ۾ سرگرم رهيو، سندس چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو روٽي، ڪپڙا او مڪان بهترين هو پر ان تي عمل نه ڪرائي سگهيو، ڇاڪاڻ جو سندس پارٽي ۾ جاگيردار ۽ سرمائيدار شامل ٿي چڪا هئا ۽ اگر هو ڀٽو جي گرفتاري خلاف ٻاهر نڪرن ها ته ڀٽو کي ڦاسي نه اچي ها. هن جو چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ذهين سياستدان هئا. ساڻس گڏ سرمائيندارن جاگيردارن کي ڊپ هو ته اگر ڀٽو ان نعري تي عمل ڪري ويو ته سندن مستقبل اونداهو ٿي ويندو. ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي بلاڪ ٺاهي رهيو هو ان ڪري آمريڪا سندس خلاف هو ۽ انهن ڌرين گڏجي کيس ڦاهي ڏياري، ظفر بخاري جي خوبصورت شاعري جو اندازو سندس هيٺ ڏنل شعر مان لڳائي سگهجي ٿو.
پاڙ نفرت جي پٽيندا سر زمين سنڌ تان،
عهد هي دل ۾ ڪيو آهي اسان لطيف.
سنڌ جي سينگار کي مولا رکين قائم صدا،
شال هجي آباد يا رب هي گلستان ئي لطيف،
دين اسان جو حق آهي برحق قرآن،
نبي اسان جو پاڪ محمد صه جنهن جو اعليٰ شان،
الفت جي پرچار ڪرڻ آ مومن جو ايمان،
جيڪي نفرت ٿا ڦهلائين آهن اهي شيطان،
جئي اسان جي سنڌ سدائين جئي هي پاڪستان.
ظفر بخاري جي ويجهن دوستن جو رايو آهي ته هو نه سٺو صحافي ثابت ٿي سگهيو نه سٺو سماجي ڪارڪن سندن ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته هو تڪراري شخصيت آهي. سچل سائين جي چوڻي ”ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آئون جوئي آهيان سوئي آهيان، وانگر ظفر بخاري پنهنجي زندگي ۽ زندگي ۾ ڪيل ڪم ڪارين کان مطمئن آهي، ظفر بخاري لاءِ اهو به مشهور آهي ته جنهن ڪم پويان پوندو آهي ته مٿس جنون سوار هوندو آهي. ڏينهن هجي رات، گرمي هجي يا سردي برسات هجي يا طوفان جيسين ڪم مڪمل نه ڪندو آهي . ايستائين آرام سان نه ويهندو آهي.