شخصيتون ۽ خاڪا

ورق ورق گلاب

سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5657
  • 907
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نورسنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ورق ورق گلاب

تحريڪ آزادي جو اڳواڻ حاجي سر عبدالله هارون

حاجي سر عبدالله هارون جو شمار تحريڪ آزادي ءِ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙن ۽ پاڪستان ٺاهندڙن ۾ ٿئي ٿو، سندس وڏا سنڌ جي سامونڊي علائقيءَ شاهه بندر جا هئا. بنيادي طور هن جي خاندان جو تعلق ڪشمير ۽ تبت جي سرحديءِ علائقيءِ سان هو. روايتون آهن ته سندس خاندان وارا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آياجيڪي فوج ۾ اهم عهدي تي فائز هئا. سر حاجي عبدالله هارون 1872ع ۾ ڪراچيءِ ۾ هارون جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏي جو نالو حسن ميان هو، ان جو فرزند ابوبڪر ڪاروبار لاءَ بمبئي ۾ رهيو، جتان پوءِ واپس آيو. انگريز جڏهن سنڌ ۾ قابض ٿيو ته ڪراچي لڏي آيو، سندس خاندان ڪاٺيا واڙي ميمڻ آهن.
حاجي سر عبدالله هارون اڃان چار سالن جو هو ته سندس والد انتقال ڪري ويو، ان ڪري سندس پروش سندس والده ڪئي. ننڍي هوندي کان ذهين با اخلاق هو. پاڻ گجراتي جا چار ڪتاب ۽ انگريز جا ٻه ڪتاب پڙهيءِ سگهيو ان بعد والده جو سهارو بنجڻ لاءِ شام جو شيون مٿي تي کڻي کپائيندو هو. ان مان سندن گهر بهتر انداز ۾ هلندو هو، بعد ۾ هن هڪ ننڍڙو دوڪان کوليو جتان ترقيءِ ڪندي جوڙيا بازار ۾ ڪاروبارو کوليو پاڻ ٻنپهرن جو ڊينسو هال لائبيريريءِ ۾ وڃي اخبارون پڙهندو هو. ڪاروبار ۾ مسلسل محنت ڪرڻ ڪري هن ڪافي ڏوڪڙ گڏ ڪيا ۽ نپئر روڊ تي دوڪان ۽ بعد ۾ رڻڇوڙ لائين ۾ گهر خريد ڪيو. ترقي ڪندي و ڪٽوريه روڊ تي هڪ بنگلو خريد ڪيو.
ڪاروبار ۾ ترقي جو سبب ايمانداريءِ ۽ محنت فضول خرچ کان پري رهندو هو. پاڻ تقريبن 1910ع ۾ سياسي زندگيءِ جو آغاز ڪيو ۽ مقاميءِ مسئلن جي حل ڪرائڻ ۾ دلچسپي ورتي.1911ع۾ اٽليءِ حڪومت طرابلس ۾ ترڪين سان جنگ ڪئي ۽ پوري ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. ان ۾ طرابلس جي مسلمانن کي ڪافي جاني مالي نقصان پهتو ۽ سنڌ ۾ انهن جي مدد لاءِ ”هلال احمر سنڌ“ نالي ادارو قائم ڪيو ويو، جنهن جو سيڪريٽري ۽ خزانچيءِ حاجي سر عبدالله هارون کي چونڊيو ويو ۽ ڪيل چندي ۾ پاڻ پنجاهه هزار ڏنا. سر حاجي عبدالله هارون سنڌ جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءِ لاءِ ڪتريو ن ئي تجويزون “ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيون” جن ۾ اهي تجويزون ڏنيون ته سنڌ جي ڪنهن مرڪزي هنڌ تي عربي ۽ فارسي جو دارالعلوم قائم ٿيڻ گهرجي، انگريزي اسڪولن ۾ سنڌي ۽ فارسي کي ثانوي زبان طور پڙهايو وڃي ٿو ان ۾ عربي زبان جو اضافو ڪيو وڃي ته جيئن مغربي تعلم سان گڏ ديني تعليم به حاصل ٿي سگهي، ڪاليجي تعليم حاصل ڪندڙ مسلمان شاگردن لاءِ هاسٽل بناڻي وڃي، جنهن ۾ مسجد به هجي، يتيم مسلمان ٻارڙن لاءِ تعليم رهائش، يتيمخانو کوليو وڃي. تعليم جي لاءِ بل منظور ڪرايو وڃي، زميندارن کي زرعيءِ فصل لڳائڻ لاءِ ڏوڪڙن جي ضرورت ٿئي ٿي، جنهن ڪري هو وياج خوريءِ جي ور چڙهي معاشيءِ طور تباهه ٿي وڃن ٿا، ان لاءِ صوبي ليول تي وسيع پيمانيءِ تي بغير وياج جي بئنڪ قائم ڪئي وڃي، سنڌي مسلمانن جي نمائندگي لاءِ سنڌي ۽ انگريزي روزانه اخبارن جي اشد ضرورت آهي، جيڪي جوائينٽ اسٽاڪ ڪمپني جي اصولن تي جاري ڪيون وڃن. سندس تجويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سچيءِ ۽ وسيع سوچ رکندڙ، انسانيت سان پيار ڪندڙ، غريبن جو همدرد هو. انهن تجويزن مان ڪتيرن ئي ته پاڻ به پنهنجي طور ڪم ڪيائين، جن ۾ ڪراچي ءِ ۾ جامعه اسلامه يتيم خانو قائم ڪيو، غريب شاگردن لاءِ اليڪٽريڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو، جنهن ۾ ٻارن ۽ نوجوانن کي هنر سيکاريا ويا.
بعد ۾ پاڻ ڪراچي ۾ جناح ڪورٽس ۽ يسي ولسن مسلم هاسٽل به ٺاهي ۽ پاڻ سنڌي، روزنامه الوحيد، انگريز، هفتوار مسلم وائيس، سنڌ ايڊوڪيٽ ۽ اردو هفيتوار نصرت اخبارون، شايع ڪيون، ان سان گڏ ڪيترن ئي اخبارن، رسالن جي مالي، اخلاقي مدد ڪئي. پاڻ زڪوات جو الڳ شعبه بڻايو ان سان گڏ وقف جي آمدنيءِ مان غريب شاگردن ۽ ضرورت مندن جي انگريز سامراج خلاف جڏهن 1914ع ۾ شيخ الهند مولانه محمود الحسن جي حڪم تي مولانه عبيدالله سنڌي ڪابل وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته ان وقت ڏوڪڙن جو مسئلو پيدا ٿيو مولانه ابوالڪلام آزاد ان مقصد لاءِ حاجي سر عبدالله هارون سان ملاقات ڪئي ته پاڻ ان ڪم لاءِپنج هزار ڏنا. اهڙن ٻين ڪمن لاءِ به پاڻ وقت به وقت مالي مدد ڪندو رهيو.
پاڻ 1912ع کان 1917ع ۽ 1921ع کان 1934تائين ڪراچيءِ ميونسپل ڪميٽيءِ جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. ان زماني ۾ ڪي ايم سي ڪي ڪائونسلر جي وڏي حيثيت هئي ۽ پاڻ ان حيثيت سان بنا فرق عوام جي خدمت ڪئي. 1914ع ۾ پاڻ نصرت بيگم سان شادي ڪئي، ان بعد حاجي صاحب جي زندگي ۾ وڏيون بهتر تبديليون آيون.
حاجي سر عبدالله هارون سياسي زندگيءِ جي شروعات ڪانگريس کان ڪئي، بعد ۾ آزادي واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. بعد ۾ ڪانگريس پاران مسلمانن خلاف سرگرمين جي ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. پاڻ مسلم ليگ جي بانيءِ ۽ اهم اڳواڻن مان هڪ هو.
آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ سنڌ صوبي جو هڪ اجلاس سندس ڪوشش سان منقعد ٿيو جنهن جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي ۽ ان اجلاس ۾ هندستان کي هندن ۽ مسلمانن ۾ تقسيم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ ان بعد سر عبدالله هارون ان لاءِ راھ هموار ڪرڻ لاءِ تقريرن ۽ تحريرن ذريعي ڪوششون ڪيون ۽ قاعداعظم کي سنڌ جي مختلف شهرن جا دورا ڪرايا ۽ هندستان جي مختلف علائقن ۾ به عوامي رابطه مهم هلائي سندس هند ۽ سنڌ جي مسلمانن جي حقن جي حاصلات سندن تحفظ ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ سندس وڏي جدوجهد شامل آهي. پاڻ 1923ع ۾ بمبئي قانون ساز مجلس ۾ ڪراچي جي نمائندي جي حيثيت ۾ چونڊيو ويو. 1926ع ۾ مرڪزي قانون ساز اسيمبليءِ ۾ سنڌ جو نمائندو چونڊيو ويو. پاڻ محمد علي جناح جي آزاد پارٽي سان ملي ڪم ڪيو. سندس ڪوششن ۾ 7 جنوري 1931ع ۾ سندس صدارت ۾ جيڪو بعد ۾مسلمانن جي عظيم الشان سياسي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبو بنائڻ پولس کاتي کي روينيو کان الڳ ڪرڻ- بلوچستان ۾ آئيني اصلاحات نافذ ڪرڻ بلوچستان جي نصيرآباد تعلقه کي جيڪب آباد ۾ شامل ڪرڻ. فرنٽيئر ريگيوليشن جھڙا ڪارا قانون ختم ڪرڻ، چوپايو مال جون چوريون ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي سخت اقدام ڪرڻ جا ٺهراءُ بحال ڪيا، جنهن جو نتيجو بهتر نڪتو. پاڻ هڪ عيد تي سائين جي ايم سيد کي عيد مبارڪ جو ڪارڊ سان گڏ ڪجهه تجويزون به ڏنيون جن ۾ سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ انجمن جو بنياد وجھي خيرات ۽ صدقو گڏ ڪيو وڃي اهي رقمون انجمن جي معرفت غريبن جي ڀلائيءِ لاءِ خرچ ڪيون وڃن. مسلمانن کي قرضن کان بچائيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.مسلمانن کي دوڪان ڏنا وڃن ته جيئن هو ڪاروبار ۾حصو وٺي معاشيءِ طور منتحڪم ٿين. شادين ۽ غمين ۾ فضول خرچ نه ڪيو وڃي، ڪو آپريٽو سوسائٽيون قائم ڪيون وڃن. ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ انتظامات ڪيا وڃن. تعليمي بالغن لاءِ رات جو اهڙا مرڪز قائم ڪيا وڃن. پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪيا وڃن. خرچ آمدني کان گھٽ ڪيو وڃي ته جئين ڪجهه بچت ٿي سگھي، جيڪا وقت تي ڪم اچي. ڳوٺن جي سمجھدار ماڻهن کي روزانه شام جو مسجد يا ڪنهن هنڌ گڏ ڪري اخبارون پڙهايون وڃن ۽ ڳوٺن جي بهتري لاءِ صلاح مشورا ٿيڻ گھرجن ۽ انهن مان ڪافي تجريزن تي پاڻ عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ڪردار غريب نواز، غريبن جي سرپرستي، عام ماڻهن لاءِ آواز اٿارڻ انهن جي بهتري جي ڳالهه ۽ ڪوشش ڪرڻ . آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ڪري پاڻ نه صرف سنڌ پر سڄي هند ۾ عوام جو پسنديده ليڊر بڻجي ويو، مسلمانن ۾ تعليم جو رجهان پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ، هنڌ ۽ پنجاب جا به دورا ڪيا ۽ پاڻ شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن ۽ مسلمانن جا رابطا وڌايا. پاڻ سادگي پسند. فضول خرچي کان پري رهندڙ سخاوت ۾ وڏي شهريت ماڻي. ان وقت مسلمانن جي مختلف تعليمي ادارن جي دل کولي مدد ڪئي. ڪيترن ئي مسجدن جي تعمير ۽ مرمت ڪرائي، ديني مدرسا قائم ڪيا. رمضان شريف ۾ غريبن کي سحري، افطار ڪرائڻ سان گڏ هزارين غريبن کي ڪپڙا عيد جو سامان، عيد خرچي ڏيندو هو. آزادي واري تحريڪ ۾ سندس گھر نصرت هائوس مرڪز رهيو. ڪيترائي اهم اجلاس اتي ٿيا. قائداعطم محمد علي جناح سان گڏ آزادي واري تحريڪ جي مکيه اڳواڻن جي اتي وچ وچ رهندي هئي. پاڪستان جو جھنڊي سندس گھر جي ڊائينگ ٽيبل تي ٺاهيو ويو.
سندس موسيقي سان به شوق رهيو. پاڻ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم لکندو هو. جيڪي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم نا انصافين مسلمانن ۾ ايڪو ٻڌي ٿيڻ کان وٺي ماڻهن ۾ آزادي واري تحريڪ لاءِ اتساھ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس راندين سان دلچسپي رهي. پاڻ ڪراچي ۾ مسلم جيم خانو قائم ڪيو.
پاڻ سنڌهند مسلم طلباءِ کانسواءِ ڪيترن ئي سماجي تنظيمن فلاحيءِ ادارن جو سرپرست تاحيات ميمبر رهيو. سندس ويجھن ساٿين ۾ محمد علي جناح، شيخ عبدالمجيد، سر غلام حسين هدايت الله، محمد هاشم گزور، سائين جي ايم سيد، ملڪ عبدالعزيز بٽ، خانبهادر محمد ايوب کھڙو، ايم اي خالق، مير غلام علي ٽالپر، مولوي ثنا الله، مولوي عبدالحقاني، سيد محمد اسلم، آغا صاحب، حاجي عبدالعزيز، يوسف هارون، پير علي محمد راشدي ٻيا شامل هئا. 1938ع ۾ قائداعظم جي تقرير ۽ قرارداد جا نقل پاڻ سر سلطان محمد شاھ آغا خان کي موڪليا ۽ کين اهو لکيو ته مسلم ليگي حلقو مسلم رياستن ۽ صوبن تي مبني هڪ الڳ وفاق قائم ڪرڻ چاهي ٿو. ان جي آغا خان بهتر موٽ ڏني. تحريڪ آزادي جو هيرو، سنڌ جو قومي ڪارڪن، غريبن جو همدرد 27 اپريل 1942ع تي دل جو دورو پوڻ ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.